نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ
تاج جويو
آءٌ نٿو ڀُلجان ته مون ۱۹۷۸ع ۾، ايم اي سنڌيءَ
جي امتحانَ ۾ جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي مختصر نوٽ لکيا هئا، سي هئا: امر جليل ۽ نسيم کرل.
مون کي ادب پڙهڻ جي چَسُ ته چوٿين درجي سنڌيءَ (۱۹۶۴ع) کان ئي هئي ۽ ڇهين
درجي (۱۹۶۶ع) ۾ شاعري به شروع ڪري ڏني هئم؛ پر اٺين ڪلاس (۱۹۶۸ع)
کان اِئين چئي سگهان ٿو ته مون کي ادبي سمجهه ۽ ساهتڪ شعور حاصل ٿي چڪو هو، ڇو ته ۱۹۶۹ع
۾، منهنجي شاعريءَ جي اُستادَ، سائين راشد مورائيءَ، مون کي خط لکي ڄڻ ته اِهو سرٽيفڪيٽ
ڏئي ڇڏيو هو ته منهنجي شاعريءَ ۾ هاڻي درستگيءَ جي ضرورت نه آهي؛ ڇو ته آءٌ پختو شاعر
ٿي ويو آهيان. اِئين ۱۹۷۸ع تائين پهچندي، منهنجي ادبي بالغپڻي
کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا.
