Sunday, May 6, 2018

جيئڻ کان ته ڇُٽو - هيرو شيوڪاڻي

جيئڻ کان ته ڇُٽو
مختصر ڪهاڻي
هيرو شيوڪاڻي


منهنجي آفيس چيمبر جو ٻيڪڙيل در کولي، هو ڪيڏي مهل منهنجي ميز جي سامهون واري ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هو، مونکي سمڪ ئي ڪا نه پيئي. مان پراجيڪٽ فائيل چڪاسڻ ۾ مشغول هوس. مون جڏهن هُن جي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ جو آواز ٻڌو ته ڪنڌ مٿي کنيو.
”اڙي ڪي سي  تون؟ ڇو خير ته آهي؟“

باسٽرڊ ايمبيشس - منظور ڪوھيار


باسٽرڊ ايمبيشس
منظور ڪوھيار
ڪکو خان ڪافي ڏينهن کان پوءِ اوطاق تي آيو هيو. پر پنهنجي بت کان بيزار بيزار پئي لڳو.
”ڪکو خان خير ته آهي؟“ مون پڇيو.
”ڪهڙا احوال ٿو پڇين، هن بي قدري سماج ۾ پنهنجي قد وڌائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪرڻو پوي؟“
”اڄڪلھ ڇا ڪري رهيو آهين؟“ مون کانئس پڇيو.

Friday, March 9, 2018

گلاٿراپسٽ - منظور ڪوھيار


گلاٿراپسٽ
منظور ڪوھيار
پراڻي دوست ڪکو خان جا وڏا وڙ، جو ڪافي عرصي کانپوءِ قرب جو قدم ڀري منهنجي گھر اچي پهتو. ڪکو خان کي ڏٺي ڏينهن ٿيا هيا. ان ڪري خوب ڪچهري ٿي. ڪکو خان حالن احوالن ۾ شڪايتون ڪندي، سڀني دوستن جون عجيب و غريب حڪايتون ٻڌايون. ايستائين جو مئلن کي به نه ڇڏيائين. لاشڪ، ته ڪکو خان انهن دوستن منجھان هڪ آهي، جيڪي گڏ کائي، پوءِ به سنگت جي گلا ڪندا آهن. سندس چوڻ آهي؛ ”جيئن فزيوٿراپي، اروماٿراپي، پريشرٿراپي، ۽ ٻيون ڪيتريون ٿراپيون دنيا ۾ مشهور آهن، تيئن گلاٿراپي به اسان جو سماجي ۽ نفسياتي ورثو آهي.“

Monday, February 5, 2018

مظاھرو - مٺل جسڪاڻي

مظاھرو
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ڪاڄ ته وڏو ھو، پر مھمانن کي گڏ ويھاري، ماني کارائڻ جو بھترين انتظام ٿيل ھو.
آسائتن پھرين آيلن کي گڏجي ھڪ پنڊال ۾ ويھاريو ھو، ڪجھه دير کان پوءِ، ڄاڻي ٻجھي يا اڻ ڄاڻائي ۾، منھنجي خيال ۾ خاص حڪمت تحت، مھمانن کي مانيءَ جو عام سڏ ڏيڻ بدران، سندن پسند وارن کي اشارو ڪيو. اھي اٿيا ته اڳيان اھي، انھن جي پٺيان وري، انھن کي ڏسي ٻيا به روانا ٿيا.

ھڪ سيءُ ٻيو شڪ جي بيماري - مٺل جسڪاڻي

ھڪ سيءُ ٻيو شڪ جي بيماري
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
معمول جي ڪم تي وڃڻ لاءِ ھو گھر مان جڏھن ٽئين دفعي تيار ٿي روانو ٿيو ته جوڻس پڇيس؛ ”اڄ خير ته آھي! ساڳئي ڏينھن جي ساڳي صبح جو، ٽيون دفعو تيار ٿيو آھين. اڄ ڪو خاص مھمان اچڻو آھي، يا صفا ڪا خاص گڏجاڻي ٿيڻي آھي؟“.

Tuesday, October 24, 2017

ڪچري وارو - امير عدنان

ڪچري وارو
پرڏيهي ڪهاڻي
سنڌيڪار: امير عدنان
ڏهه سال ڪچري کڻڻ وارو ڪم ڪرڻ کانپوءِ بندري قد، گهنجن سان ڀريل منهن واري پوڙهي قالو کي جنهن ڏينهن ڪم مان نيڪالي ڏني وئي هئي، ان جي ٻئي ڏينهن هو پهريون دفعو پاڙي ۾ بغير گھوڙي ۽ ڇَڪڙي جي داخل ٿيو هو. ڪنن کان به هيٺ سُرڪيل سرڪاري ٽوپي، هڪ وڏي سائيز جو ڪوٽ، جنهن جا ٻئين ڪلها هيٺ ڍُرڪيل، گسيل ڦِٽيل پينٽ ۽ کڙين وٽان گسيل ڳرا فوجي بوٽ پائي هو پاڙي جي وچ تي اچي بيهي رهيو هو.

Monday, September 4, 2017

ڪباب - عبدالواحد سومرو

ڪباب
ڪهاڻي
عبدالواحد سومرو
هڪ ڪالوني جنهن ۾ ڪنڊ تي بنگلو آ ٻاهران ڪافي کليل ميدان در جي ڀرسان گارڊ گهرن جي نظرداريءَ لاءِ موجود گهر ۾ هڪ جوڙي پنهنجي ننڍرن ٻارڙن سان گڏ رهائش پذير  آهي. گهر جو مرد ذميوار، سيلف ميڊ شخصيت جنهن هي سڀ ڪجهه پنهنجي ٻل تي ٺاهيو آ، هينئر ڪار ۾ اچي در تي رڪجي ٿو ته سيڪيورٽي گارڊ اٿي اچي سلام ڪندو وڏو لوهو گيٽ کولي ٿو. هي صاحب بنگلي جي اندر ڪار روڪي اندر هليو ٿو وڃي.