Sunday, July 26, 2015

هاف فِرائي - سجاد مهر

هاف فِرائي
ڪهاڻي
سجاد مهر
پيٽ ۾ بک جا چَڪَ، پيروءَ کي ڪو پهريون ڀيرو ڪو نه پيا ها، پر اهو ته هاڻي روز جو معمول هو. ڪيترو عرصو ڪمائي نه سگهڻ ۽ ويهي کائڻ کانپوءِ جڏهن گهر جا ٽپڙ ٽاڙي کُٽا ها ته ارشاد جا هَڏَ به تڏهن حرام ٿيا ها. گَهر ۾ ڪينَ هُجڻ ڪري وَري، بُکَ ۽ ڏُکَ به  مهمان ٿي اچي گهر ۾ ٽِڪيا هيس. حالتن اهڙو ته سوڙهو ڪيو هُيُن، جو ٿڻن تي پيل ٻن سالن جو معصوم پيرو کير نه ملڻ ڪري روئي روئي صفا غش ٿي پوندو هو. ماءُ جا آنڊا هُوءَ وَس ويندي ڪو نه گهٽائيندي هُئي پِن سنِ تي پيروءَ جي مڙئي پورت ڪندي هُئي، گهر ۾ جي ڪينَ هُجي ته اهڙي حالت ۾ هڪ اُبهم جي پالنا ڏاڍي ڏکي ٿي پئي ٿي.

Thursday, July 23, 2015

کٿو - اڪبر لغاري

کٿو
اڪبر لغاري
خبرون مڙئي خير. آئون تعلقي هالا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ايامن کان رهندو آهيان. هيءُ ڳوٺ درياه بادشاھ جي کاٻين ڀر آهي. اباڻو ڌنڌو يعني مال چاريندو آهيان. ماهيي مال جا مڙئي ٻه ٽي ڪن آهن. ٻيو ڀاءُ اٿم جيڪو رئيس جو سرڙيو هاري آهي. گھر ۾ اناج هو آڻيندو آهي، کير پاڻي منهنجو. لسي پيو ٻچڙا پالي ويٺا هئاسون.

Tuesday, July 14, 2015

نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ - تاج جويو

نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ
تاج جويو
آءٌ نٿو ڀُلجان ته مون ۱۹۷۸ع ۾، ايم اي سنڌيءَ جي امتحانَ ۾ جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي مختصر نوٽ لکيا هئا، سي هئا: امر جليل ۽ نسيم کرل. مون کي ادب پڙهڻ جي چَسُ ته چوٿين درجي سنڌيءَ (۱۹۶۴ع) کان ئي هئي ۽ ڇهين درجي (۱۹۶۶ع) ۾ شاعري به شروع ڪري ڏني هئم؛ پر اٺين ڪلاس (۱۹۶۸ع) کان اِئين چئي سگهان ٿو ته مون کي ادبي سمجهه ۽ ساهتڪ شعور حاصل ٿي چڪو هو، ڇو ته ۱۹۶۹ع ۾، منهنجي شاعريءَ جي اُستادَ، سائين راشد مورائيءَ، مون کي خط لکي ڄڻ ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هو ته منهنجي شاعريءَ ۾ هاڻي درستگيءَ جي ضرورت نه آهي؛ ڇو ته آءٌ پختو شاعر ٿي ويو آهيان. اِئين ۱۹۷۸ع تائين پهچندي، منهنجي ادبي بالغپڻي کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا.

Saturday, July 11, 2015

اوسيئڙو اشتياق انصاري

اوسيئڙو
اشتياق انصاري
"امان! درياهه ته صفا ڦاٽي ٿو ڦاٽي! پاڻي اچي موسي واري مياڻ سان لڳو آهي، رات ته اسان جي ڳوٺ جون ڀر واريون ڀڪون به ڪيري ڇڏيون اٿائين. لڳي ٿو ته هيل وري ڪچو ڇڏي، بند تي هلڻو پوندو."
دلبر درياهه تان تڙ ڪري موٽڻ بعد آلو انگوڇو لوڙهي تي وڇائيندي چيو.
"ابا! درياهه باشا آهي، باشا سان ڪهڙو مهاڏو ڏبو. پڻهين به چئي پيو ته هيل پاڻي ته نسوري قيامت ٿي اچي. وريل وارا ته ٽپڙ ٽاڙي کڻي ڳوٺ ڇڏي ويا. پنهنجا گهرڙا وري به پوٺي تي آهن، ڏسئون!"

Tuesday, June 23, 2015

چار ايڪڙ ٻني - شيخ اياز

چار ايڪڙ ٻني
شيخ اياز
رات جو پويون پهر هو. ڪڪڙن دس ٿي هنيا، اُڀ تي ڦڪي چانڊوڪي ائين ٿي لڳي ڄڻ خدا زمين تي نهاري مرڪي رهيو آهي. ساري ڪائنات تي خاموشي وسي رهي هئي. انسان ۽ ان جا هل هنگاما سانت جي گود ۾ ستا پيا هئا. قرآن ۾ انسان کي اشرف به چيو ويو آهي ته ظالم ۽ جاهل به. شايد رات جي وقت انسان اشرف آهي ۽ ڏينهن جي وقت ظالم ۽ جاهل. ڏينهن جي وقت هن جا جھيڙا ۽ جھڳڙا، ساڙ وير، غم غصو ۽ ڇڪتاڻ ڏسبي ته هن جي فطرت کان نفرت اچي ويندي. پر رات جي وقت جڏهن هو ننڊ ۾ الوٽ هوندو آهي ۽ چانڊوڪي سندس منهن کي چمندي آهي تڏهن هن تي پيار اچي ويندو آهي ته هي اهو آهي جنهنجي محنت خدا جي اڻ گھڙيل دنيا کي گھڙيو ۽ ٺاهيو آهي، جنهن هوا، باهه ۽ پاڻي کي مٺ ۾ آندو آهي ۽ هاڻي هڏ هڻي، کنبڙاٽيون کوهي، سانت جي گود ۾ ستو پيو آهي. جنهن قدرت سان هو ڏينهن جو وڙهندو آهي، سا کيس لوليون ڏئي رهي آهي.

Monday, June 15, 2015

ترقي پسند مٺل جسڪاڻي

ترقي پسند
مٺل جسڪاڻي
هُو پاڻ کي پنھنجي تَر ۾ لکيل پڙهيل ترقي پسند چورائين ٿا. ڇو ته الاڻو فلاڻو عملدار سندن خاندان جو هو. وڏي مان مرتبي سان رهيا، نالو ڪمايائون…
هي انهن ماڻهن جو پونئير آهن، جن جي ڏيهان ڏيهه تعريف ٿئي ٿي، پر پاڻ…

اڇُوت مٺل جسڪاڻي

اڇُوت
مٺل جسڪاڻي
مُنهن تي ٿوٿر ۽ ساڄي اک جي هيٺان رتائين ليڪ، لڳل ڌڪ جي شدت سان گڏ اهو به محسوس ڪرايو ته؛ ڪنهن سان وڙهي آيو آهي!؟…
پُڇڻ تي ٻڌايائين ته؛ ”رات شاديءَ جي دعوت ۾ هڪ نوجوان، جنهن جون اکيون ڳاڙهيون ۽ وات ۾ ڌپ سميت گڦ به هئي، تنهن رعب ۽ دٻدٻي سان پڇيو؛ ”ڪير آهين؟ مون ذات ٻڌائيمانس ته هن نفرت واري انداز ۾ گار ڏني. مون مُڙڻ جي ڪئي، پر هو نه مُڙيو، ڌڪ هڻي ڪڍيائين“…