ڪتابن جا عجيب نالا
(ننڍڙي ڪھاڻي)
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي ڇوڪري، پنھنجي پيءُ سان گڏجي، ڪتاب کپائي رھي ھئي.
اوچتو، ھن پريان کان پنھنجي محبوب کي ايندي ڏٺو. دل جو دھڪو تيز ٿي ويس. نيٺ چپن تي شرارتي مرڪ آڻيندي، چيائينس؛ ”ڇا تون ان ڪتاب جي خريداريءَ لاءِ آيو آھين، جنھن جو نالو آ ’بابو، مون سان ساڻ‘ انگريزي ليکڪ شيڪسپيئر اٿس.“





