Friday, May 12, 2023

ڪاري سٿڻ - سعادت حسن منٽو- انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڪاري سٿڻ

(ريختہ ڪھاڻي)

سعادت حسن منٽو

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



دھليءَ ۾ اچڻ کان اڳي، ھوءَ انبالہ ڇانوڻيءَ ۾ ھئي، جتي ڪيترا ئي گورا سندس گراھڪ ھيا. انھن گورن سان ميل جول جي ڪري ئي ھوءَ انگريزيءَ جا ڏھ پندرھن جملا سکي وئي ھئي. انھن کي عام ڳالھائڻ ۾ استعمال ڪا نه ڪندي ھئي. ليڪن جڏھن ھتي آئي ۽ سندس ڪاروبار نه ھليو ته ھڪ ڏينھن پنھنجي پاڙيسرڻ طمنچا جان کي چيائين؛ ”دس لَيف.. ويري بيڊ. يعني ھيءَ زندگي ڏاڍي خراب آھي، جڏھن ته کائڻ لاءِ به ڪجھ نه ٿو ملي.“

انبالہ ڇانوڻيءَ ۾ سندس ڌنڌو ڏاڍو متل ھيو. ڇانوڻيءَ جا گورا شراب پي، وٽس ايندا ھيا ۽ ٽن چئن ڪلاڪن ۾ اٺن ڏھن گورن کي اڪلائي، ويھ ٽيھ رپيا ڪمائي وٺندي ھئي. اھي گورا، سندس ھم وطنين جي ڀيٽ ۾ ڀلا ھيا. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھو اھڙي ٻولي ڳالھائيندا ھيا جنھن جو مطلب سلطانہ کي سمجھ ۾ نه ايندو ھيو. مگر سندن زبان کان اڻڄاڻائي، سندس حق ۾ ڏاڍي سٺي ثابت ٿيندي ھئي. جيڪڏھن ھو کانئس ڪجھ رعايت گھرندا ھيا ته ھيءَ چوندي ھين؛ ”صاحب! منھنجي سمجھ ۾ تنھنجي ڳالھ نه ٿي اچي.“ وري جيڪڏھن ھو ساڻس ضرورت کان وڌيڪ ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪندا ھيا ته ھيءَ پنھنجي ٻوليءَ ۾ گاريون ڏيڻ شروع ڪندي ھين. ھو حيرت مان سندس ٻوٿ ئي تڪيندا ھيا، ته مٿئون ھيءَ چوندي ھين؛ ”صاحب! تون پھرئين نمبر جو الوءَ جو پٺو آھين، حرامي آھين! سمجھئي!“ اھو چوڻ وقت ھوءَ لھجي ۾ سختي پيدا نه ڪندي ھئي، بلڪ ڏاڍي پاٻوھ مان ساڻن ڳالھائيندي ھئي. گورا کلي ڏيندا ھيا ۽ کلڻ وقت ھو سلطانہ کي بلڪل الوءَ جا پٺا ئي ڏيکاري ڏيندا ھيا.

Friday, April 21, 2023

نور جوڻيجو جو ناول خالي پڻي جو کاڄ - اڀياس

ڪلچرل تصورن جي تعمير کان جديديت پُڄاڻان جي فلسفي تائين!

(نور جوڻيجو جو ناول خالي پڻي جو کاڄ)

خليق ٻگهيو



سنڌي ادب جي تخليقي دنيا ۾ هن وقت ناولَ تيزيءَ سان تخليق ٿي، ٻين افسانوي ۽ غير افسانوي ادبي صنفن شاعري، ڪھاڻي، تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتابن کان وڌيڪ مقداري نوع ۾ وڌيڪ کپت جي ضمانت بڻيل آھن. اُھا ناولن جي مقداري نوعيت جي کپت ليکي سگهجي ٿي. جڏھن ته معيارَ جي لحاظ کان ڏِسڻو پوندو ته هنن ناولن جي وافر مقدار ۾ شايع ٿيڻ سان، سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي سماج جي ڪيتري خدمت ٿي رھي آھي؟ ۽ تخليقي سطح تي هِنن ناولن ۾ معيار جي سطح ڇا آھي؟ اُنهيءَ ڏَس ۾، موجوده دَور جي سنڌي ناولن جي فهرست ۾ نور جوڻيجو جو ناول ” خالي پڻي جو کاڄ “ به ڪنھن طرح، مقداري نوع ۽ واپار Commercialize ٿيڻ توڙي انتقاد جي اسڪرين تان اڃان غائب نه آھي. هيءُ ناول”سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد “ نومبر ٻه هزار ٻاويهه ۾ شايع ڪيو آھي. هِن ناول جي سڀ کان وڏي خاصيت هيءَ آھي ته هيءُ ناول، پڙھندڙن کي موجوده عھد جي انساني سماج ۽ تھذيبي قدرن متعلق نوَن سوالن ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ناول جي ڪھاڻي، پُڄاڻيءَ تائين پُھچندي به ڪا فڪري سطح جي حتميت نٿي ڏِئي يا ائين چَئون ته ناول جي ڪھاڻي، فلسفياڻي سطح تي ڪُليت پسند موقف ڏيڻ جي مجاز ڪانهي، جنھنڪري اُھو سمورو اختيار پڙھندڙ جي وس ۾ آھي ته هُو ناول جي ڪھاڻيءَ بابت ڪھڙن زاوين کان ڏِسي ٿو ۽ ناول ڪھڙو سنيھو تجويز ڪري ٿو؟ اُھا هن ناول جي جديد ترين فني ۽ فڪري خاصيت آھي. ٻيو ته هيءُ ناول پڙھي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي ناولائي ادب، ڪرداري نوعَ جا پراڻا ۽ روايتي پئمانا ٽوڙي رهيو آھي. هن ناول جا ڪردار، پنھنجي روين ۾ پوسٽ ماڊرنسٽ محسوسات رکن ٿا. هيءُ دَور، جنھن کي اسان جديد پُڄاڻان جي نالي سان سڃاڻون ٿا، سو تخليقي آزاديءَ جو دَور قرار ڏنو ويو آھي. هِن دَور ۾ جتي انساني زندگيءَ ۽ اُن جي قدر ۽ قيمت جو شعوري ادراڪ وڌيو آھي. اتي سماجي زندگي، وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وڌيڪ پيچيده پڻ ٿي پئي آھي. ادب، پنھنجي پڙھندڙن/ تنقيد کان سواءِ اڄ به پنھنجي اھميت وڃائي ويھي ٿو. تخليقي آزاديءَ جو تصور، لکاريءَ جو سڀني نظرياتي حدبندين ۽ نظاماڻي سرشتي کان آزاد ٿي لِکڻ جو تصور آھي. آرٽ ۾ پڻ تخليقي آزاديءَ کي پڻ وڌيڪ متعارف هن جديديت پُڄاڻان جي دَور ڪيو آھي، پر جهڙيءَ طرح هن دَور ۾ زندگيءَ جون حقيقتون پنھنجي گهرائي ضايع ڪري ويون آھن. تهڙو مثال ماضيءَ ۾ نٿو ملي. گهرائي وڃائڻ واري مام شين ۽ لقائن جي گهڻ معنويت ڪري وجود ۾ آئي آھي. گهڻ معنويت ڪنھن فن پاري جي متن جو مطالعو بڻجي يا ڪثير معنائون ڪنھن سماجي ڪردارن متعلق هجن، فڪري استقامت ٽوڙي سطح پڻو جنمينديون آھن. سطح پڻي جو جنم فائدو توڙي نقصان ڏئي ٿو. ھر جيو يا جيوت جو ڪائنات ۾ ضايع ٿيڻ عظيم ڏک آھي Rejection is pain، جنھن کي هيءُ دَور پنھنجي ڪُک ۾ جنم ڏئي رھيو آھي.

Friday, April 7, 2023

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”سُکَ وَندِي“ جو تعارف - رياض ڪلهوڙو

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”سُکَ وَندِي“ جو تعارف

رياض ڪلهوڙو



”تمام ٿورا هوندا، جن جو ڪردار انهن جي گفتار جي موافق هجي.“ سري سقطيؒ جا اهي لفظ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جهڙن امر ڪردران لاءِ چيل آهن. انجنيئر عبدالوهاب جهڙو ڳالهائڻ جو کرو، تهڙو مزاج ۾ چٽو ۽ چهرو. سندس لکڻيون به ساڳئي سواد سان سرشار...! هونئن به اهي ماڻهو ئي سٺو لکي سگھندا آهن، جيڪي سٺو سوچيندا آهن. سٺا ليکاري نتيجن سان گڏ، معمول جي وهنوار ۽ انسان جي فطرت ۽ عادت کي اوليت ڏيندا آهن. لکڻ کي پنهنجي عادت بڻائي، سماج ۾ ٿيندڙ ننڍين ننڍين تبديلين تي قلم کڻندا ۽ تفصيل سان لکندا آهن. پنهنجي ئي لکيل لفظن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن. پيچيده سوچن ۽ خيالن کي سلجھائي، سولو بڻائيندا آهن. نفسياتي طور ڪو به ماڻهو ساڳيا لفظ وري وري پڙهڻ ناهي چاهيندو. سٺن اديبن جي هڪڙي خصلت اها به آهي ته، هو تحرير ۾ دلچسپ، پرڪشش، دلفريب ۽ غير معمولي لفظن کي شامل ڪري، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو ڌيان ڇڪائيندا آهن. اهي ئي وڏا ليکڪ چئبا، جن جي لکڻ جو بنياد، مطالعو، مشاهدو ۽ مسافتون هجي. جيڪي لکڻ کان پهرين پڙهڻ جا عادي هجن. سماج ۾ ٿيندڙ ڀلايون ۽ برايون پرکي سگھن. جيڪي لفظن ۾ روح ڦوڪي سگھن. جيڪي ماڻهن کي لفظن جي دنيا ۾ ٻوڙي ڇڏين. جن جون لکڻيون پڙهڻ سان لڱن ۾ سيسڙاٽيون پئجي وڃن. جن کي پڙهڻ سان ماڻهو مدهوش ۽ متوالا ٿين. انجنيئر عبدالوهاب جهڙا ماڻهو ئي وڏا ليکڪ چئبا، جيڪي دلين سان گڏ ذهنن تي به حاوي ٿين. جيڪي ٻولن ۾ چٽا، ڄڻ چانڊاڻ ۽ فعلن ۾ اجرا، ڄڻ ڏينهن لڳن. جن جي لکڻين ۾ رواني هجي، ائين لڳي ڄڻ برزباني هجي.

Wednesday, March 29, 2023

نو بار (No Bar) - جَي پرڪاش ڪَردَم - ننگر چنا

نو بار (No Bar)

دلت ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: جَي پرڪاش ڪَردَم

سنڌيڪار: ننگر چنا



وانٽيڊ سُوٽ ايبل گروم فار اي، ۲۵ ايئرس، ۱۵۸ سينٽي ميٽر، وِهيٽِش سِلم، شارپ فيچرڊ، بيوٽي فل گرل، ايڪسپرٽ اِن هائوس هولڊ، هائلي ايجوڪيٽيڊ پروگريسِو فيملي، ڪاسٽ نو بار. ٽائمس آف انڊيا جي ميٽريمونلس ڪالمن تي اک وجهندي هُنَ جون نظرون انهيءَ اشتھار تي اچي بيھي رهيون. هُنَ ٻہ ٽي ڀيرا انهيءَ اشتھار کي پڙهيو ۽ پين سان اُنَ مٿان هڪ نشان هڻڻ کان پوءِ هُو ڪجهہ دير تائين پين کي پنھنجين آڱرين ۾ نچائيندو رهيو ۽ پوءِ پين کي ميز تي رکي صوفي ۾ لڳ ڀڳ دَٻجندي اشتھار جي باري ۾ سوچڻ لڳو.

Tuesday, March 28, 2023

وفا صالح راڄپر جي ڪھاڻين جي هيئت، سماج ۽ نقطہ نظر - خليق ٻگهيو

وفا صالح راڄپر جي ڪھاڻين جي هيئت، سماج ۽ نقطہ نظر

خليق ٻگهيو



ڪھاڻي ادب جي هڪ اھڙي صنف آھي، جيڪا نہ صرف ذھني شعور جي آبياري ڪري ٿي، پر اندر جي گمنام مسرتن کي پڻ دريافت ڪري ٿي. شاعري اتھاس جو آئينو بہ آھي تہ اِستقبال جي نويد بہ. ڪھاڻي ڏُکن جي ميراثَ بہ آھي ته ڇوٽڪاري جو آثارُ بہ هوندي آھي. آکاڻي/ ڪھاڻيءَ جي شروعات اِيتري ئي قديم آھي، جيتري قدامت انسان هن ڌرتيءَ تي رکي ٿو. مصر، يونان ۽ هندستان ڪھاڻين جي وجودن جا قديم ديسَ رھيا آھن. اتھاس جي روشنيءَ سان سڌ پوي ٿي مصر ۾ ڪھاڻيون جي وجود ۾ اچڻ وارو زمانو ٽي هزار کان چار هزار قبل مسيح آھي. ڪِن محققن موجب، هنن ڪھاڻين جو وجود گهٽ ۾ گهٽ اٽڪل ٻہ هزار سال قبل مسيح چئي سگهجي ٿو. اُھي هزارين قبل مسيح ڪھاڻيون مُوضوعاتي طور تي فطرت کان مٿانھين قوتن، فطرت بابت ۽ جادوءَ ۽ منتر متعلق آھن. هيءُ اُھو زمانو آھي، جڏهن ڪھاڻيون وڻن جي ٿُڙن، پَنن تي لِکيون ويون. هنن ڪھاڻين کي The tales of magicians پڻ سڏيو وڃي ٿو. ٻہ سَئو قبل مسيح ۾ فيبرس جون جمع ڪيل ڪھاڻيون Aesop’s Fables ملن ٿيون. رگ ويد جي ڪھاڻين جو زمانو هڪ هزار قبل مسيح بيان ڪيو وڃي ٿو. مھاڀارت، رامائن ۽ رزميہ ڪھاڻين، فارسيءَ ۾ شاھنامہ فردوس وغيره کي پڻ قدامت حاصل رهي آھي. جڏھن داستان، قِصو ۽ آکاڻيءَ جو ارتقائي تخليقي سفر مختصر ترين هئڻ تي پھچي ٿو، تڏهن جديد کان جديد ترين ڪھاڻيءَ جي تشڪيل جو نمونو بڻجي وڃي ٿو. داستان، آکاڻيءَ جي نه صرف فني بناوت ۾ مختصر-پَڻو پيدا ٿئي ٿو ،پر فڪري سطح تي پڻ تخليقي ادب جي اُھا صنفي شڪل ماڻهوءَ کي وقت جي زيان کان بچائي وٺي ٿي. منھنجي خيال ۾ هر عھد ۾ جيڪا تخليقي ادب جي صنف وڌيڪ پُراثر هجڻ سان گڏوگڏ ديرپا اثر قائم ڪندڙ ادبي صنف رهي آھي، سا ڪھاڻي آھي. بشرط ڪھاڻي ”ڪھاڻي“ هُجي. ڪھاڻيءَ جي ”ڪھاڻي“ هُجڻ مان مراد، ڪھاڻيءَ مان ”تاثر جي وحدت “ مقصود آھي، جيڪا ڪھاڻيءَ جي هُنر منديءَ ۾ سُئي جي ٽُوپي جيان هوندي آھي. فني سطح تي تاثر جي وحدت جي هڪ ڌاڳي ٽُٽڻ سان، ڪھاڻيءَ جو تسلسل ٽُٽي پوندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ تاثر جي وحدت واري ڳالهہ ايڊگر ايلين پو Edgar Allan Poe ڪئي هئي، جنھن موجب، هڪ سُٺي مختصر ڪھاڻيءَ ۾ تاثر جي وحدت ۽ ھم آھنگي ضروري آھي. مختصر ڪھاڻيءَ جي بنياد قائم ڪرڻ ۾ ايڊيگر ايلين پو ٽئين نمبر تي هو. اُنھيءَ کان اڳ اوڻويھين صديءَ جي شروعات ۾ واشنگٽن اروِنگ Washington Irving اسڪيچ بُڪ لِکي ڪھاڻيءَ جو بنياد رکي چُڪو هو. اوڻيھين صديءَ جي اڌ ڌاري سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري آکاڻيءَ جي شروعات منشي اڌارام ٿانور داس راءِ ڏياچ ۽ سورٺ سان ڪري ٿو. ڪھاڻيءَ جي شروعات محققَ، غلام حسين قريشيءَ جي لکيل ڪھاڻيءَ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهہ“ کان ڪن ٿا. اُنهيءَ کان پوءِ سيد ميران محمد شاھ (اول) جي ڪھاڻي ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري“ جو ذڪر ملي ٿو. اردو ادب ۾ مختصر ڪھاڻي واري تاريخ متضاد رھي آھي. ڪي پريم چند تہ ڪي سجاد حيدر يلدرم کي پھريون ڪھاڻيڪار قرار ڏين ٿا. ڪي مورخ راشد الخيري، سلطان حيدر جوش ۽ نياز فتح پوري کي شروعاتي ڪھاڻيڪار سڏين ٿا.

Wednesday, March 8, 2023

اندرا شبنم جي ڪھاڻين جي نفسيات ۽ عورت-زاد نظريي وارو جُهڪاءُ - خليق ٻگهيو

اندرا شبنم جي ڪھاڻين جي نفسيات ۽ عورت-زاد نظريي وارو جُهڪاءُ

(تنقيد)

خليق ٻگهيو



ڪھاڻي ڇا آھي؟ اُن بابت ڪا حتمي راءِ ته ڪڏھن نٿي ڏَئي سگهجي. ڪھاڻي اتهاس به آھي ته استقبال به آھي. ڪھاڻي سماج ۾ واقع ٿئي ٿي ۽ ڪھاڻي افسانوي رنگت ۾ رنڱجي تخليق پڻ ٿئي ٿي. ڪھاڻي سماج مان ڦُٽي ٿي ۽ ڪھاڻي خود سماج پڻ جنمي ٿي. ڪھاڻي شعوري آبياريءَ جو ماخذ به آھي ته ڪھاڻي حياتيءَ جي نئين ترتيب، نئين نظم، نئين ضابطي جو پڌرنامو به آھي. ڪھاڻي حالَ جي آرسي به هوندي آھي ته ساڳئي وقت، جبريت مان ڇوٽڪاري جا محرڪ بخشيندي پڻ هوندي آھي. اولهه جو مفڪر H. E. Bates ڪھاڻيءَ بابت چئي ٿو ته؛ ”ڪا اھڙي وصف يا پيمانو نه آھي، جيڪو ڪھاڻيءَ جي ساخت تاثر ۽ حُسن جو مڪمل معيار طئه ڪري سگهي. جهڙيءَ طرح آسمان سِرُن جو ٺهيل ڪونهي، اِھڙيءَ طرح ڪھاڻي به سانچن ۽ فريمن جو ٺھيل مجموعو نه آھي. “ منھنجي خيال موجب، ڪھاڻيون شفاف آئينا آھن، جن جي آر پار زندگيءَ جا ڪئين منظرَ پَسي سگهجن ٿا، جَن منظرن ۾ زندگي ڪِٿي ٿَڪل آھي ته ڪِٿي زندگي مُتحرڪ ۽ توانا آھي، ڪِٿي ڏُکن جو سج لهي ئي نٿو ته ڪِٿي سڀ ڪجهه هُوندي به ڪروڌ جا جهنگ آھن. ڪِٿي بُک، موت جو محرڪ آھي ته ڪِٿي ٺٺ-ٺاھ ۽ زندگي مذاق بڻيل آھي. پکي-پکڻ، ماڻهو مرون، جيت سڀ ساھوارا زندگيءُ جو ڳرُ آھن. آرٽسٽڪ نگاھَ، اُنهن جي جيوت ۾ نزاڪتون ڳولي لهي ٿي. فضائن جي ورلاپَن جو سماع صرف حساس-دليون ئي ڪري سگهن ٿيون، جيڪي دليون ڪھاڻيڪار هجن. دلين جي اُونهائين مان صرف هڪ مُصور روح، درد تي مرهم رکي سگهي ٿو، جيڪو تحرير-پنڌ جو پانڌي هجي. لاشعورَ جي نٽھڻ-اُس جي شدت هڪ سچي تخليقڪار جي حساسيت کان ڏُور نه هوندي آھي. ننڍپڻ ۽ جوڀن ۾ رُوح تي آيل رھنڊن، زخمن ۽ چاھتن جي جوڳ-سنجوڳ توڙي پيريءَ ۾ کاڌل ڌِڪن جي عذابن کي هڪ سچيت ڪھاڻيڪار جي اک ئي چڱي طرح پروڙي سگهي ٿي.

Sunday, March 5, 2023

نقلي ھيرا - موپاسان - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

نقلي ھيرا

(فرانسيسي ڪھاڻي)

موپاسان

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



محڪمي جي نائب سربراھ جي گھر اندر، ھڪ ڪاڄ دوران، موسيو لينٽن جي ملاقات ھڪڙيءَ نوجوان حسينا سان ٿي، جنھن تي دل جي اٿاھ گھراين سان موھت ٿي پيو. اھا ھڪڙي صوبائي ٽيڪس ڪليڪٽر جي ڌيءَ ھئي، جنھن کي مئي ڳچ عرصو گذري چڪو ھيو. جنھن جي وفات پڄاڻان، سندس بيوھ پئرس ۾ رھائش اختيار ڪئي. جتي ھن پنھنجي ڌيءَ لاءِ، سٺي ور جي ڳولا جي خيال سان، پاڙي اوڙي جي سٺن خاندانن سان ڏيٺ ويٺ پيدا ڪئي ھئي. پنھنجي محدود وسيلن جي باوجود، وقار، عزت ۽ سڪون جي حياتي پڻ گھاري رھي ھئي.