ڦوڙي
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
ولو ”وارڙيو“ کي جڏھن به پيسن
جي ضرورت پوندي آھي، ڪاپي ۽ قلم کڻي ڳوٺ ۾ ڪاھي پوندو آھي. ھن ڪيترا ئي دفعا ساڳيا
ڪم ڄاڻائي ڦوڙي ورتي آھي.
نومبر ۲۰۱۸ع جي پھرين تاريخ کان
ولو ”وارڙيو“ روزاني ڪاپي ۽ قلم کڻي، ڳوٺ جي ھر پاڙي جي، ھر ويڙھي جي، ھر گھر ۾
پيو ويندو آھي.
ڳوٺ وارن کي شايد خبر پئجي وئي
آھي ته؛ ”وارڙيو“ ٻڌائي ھڪ ڪم ٿو، پر خرچ ٻئي پاسي ٿو ڪري. يا ممڪن آھي ته ھن دفعي
پيسا گھڻا گڏ ڪرڻا اٿس، جيڪي اڃا گڏ نه ٿيا اٿس، ان ڪري روزاني ساڳين گھرن ۾ به ڦوڙيءَ
لاءِ وڃي نڪرندو آھي.




