Sunday, November 4, 2018

ڦوڙي - مٺل جسڪاڻي


ڦوڙي
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
ولو ”وارڙيو“ کي جڏھن به پيسن جي ضرورت پوندي آھي، ڪاپي ۽ قلم کڻي ڳوٺ ۾ ڪاھي پوندو آھي. ھن ڪيترا ئي دفعا ساڳيا ڪم ڄاڻائي ڦوڙي ورتي آھي.
نومبر ۲۰۱۸ع جي پھرين تاريخ کان ولو ”وارڙيو“ روزاني ڪاپي ۽ قلم کڻي، ڳوٺ جي ھر پاڙي جي، ھر ويڙھي جي، ھر گھر ۾ پيو ويندو آھي.
ڳوٺ وارن کي شايد خبر پئجي وئي آھي ته؛ ”وارڙيو“ ٻڌائي ھڪ ڪم ٿو، پر خرچ ٻئي پاسي ٿو ڪري. يا ممڪن آھي ته ھن دفعي پيسا گھڻا گڏ ڪرڻا اٿس، جيڪي اڃا گڏ نه ٿيا اٿس، ان ڪري روزاني ساڳين گھرن ۾ به ڦوڙيءَ لاءِ وڃي نڪرندو آھي.

Thursday, October 18, 2018

زوجياتي ادب (سيزن-2) - طارق قريشي


زوجياتي ادب (سيزن-2)
ڪهاڻي نمبر 3
طارق قريشي
ميان بدرالدين جو دنيا ۾ ڪو بهترين دوست آهي ته اهو آهي جديد دور جو ٻهڳڻو ڪهاڻيڪار ضراب حيدر!
ضراب حيدر، پلنگ جي هيٺان، سوفا جي پويان، بازار جي ڪنڊ ۾، درگاھ جي ڏيڍيءَ وٽ، مسجد جي حجري ۾، گھٽيءَ جي ڇيڙي تي، ڪينٽين جي ڪچن اندر، گائني وارڊ جي ٻاهران، چوڪن ۽ چوراهن تي، گرلس هاسٽل جي ڀر ۾، هوائي اڏن، لاري اسٽانن، ريلوي جي ويٽنگ رومز، مڙهين، مقامن، اوتارن - مڪانن تي، ريسٽورينٽ ۽ هوٽلن، ڪافين ۽ آستانن جون مطلب ته ڌوٻيءَ گھاٽ کان سري گھاٽ تائين يا ته ڪهاڻيون پيو ڳولهيندو آهي يا وري ميان بدرالدين کي دل ۾ پيو ياد ڪندو آهي.

Saturday, October 6, 2018

لونگ جو آھي الله - ابوبڪر کوسو


لونگ جو آھي الله
ابوبڪر کوسو
صبح سندي سھائڻ ساڻيھ مٿان وري ويئي، جنھن جي روشني رات جي ڪاراڻ کي ڪوھين پري ھٽائي ڇڏيو ۽ ماڻھو، مرون توڙي پکي پکڻ ننڊ مان نيڻ کولي نھارڻ لڳا. انھيءَ مھل عبادگذار انسان ذڪر الاھه ۾ محو ٿي ويا ۽ عبادت کان نورا ٿي ٻين ماڻھن جيان پنھنجي قوت گذر لاءِ ٽڙيو پکڙيو پئي ويا.

Sunday, September 30, 2018

اولڙو - محمد علي پٺاڻ


اولڙو
ڪهاڻي
محمد علي پٺاڻ
”ٻڌ!“
”جي،“
”تو مون ۾ اهڙي ڪهڙي شيءِ ڏٺي هئي جو بابي کي منهنجي سڱ عيوض لک رپيا ڀري ڏنئي؟“
”هڪ تون بڻيائتي خاندان جي هئينءَ، جنهن جي ستن پيڙهين پنهنجي نڪ تي مک ويهڻ ناهي ڏني ۽ ٻيو تون سهڻي به تمام گهڻي هئينءَ.“
”تون نه منهنجي جيڏي تعريف ڪندو آن، آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي آهيان ته سچ، ڏاڍي لڄي ٿيندي آهيان. تون منهنجي ايڏي تعريف ڇو ڪندو آن؟“
”تنهنجي سونهن جو حق ادا ڪندو آهيان. ياد ٿئي، جڏهن پهريون دفعو پڦاٽن جي شاديءَ ۾ توکي ڏٺو هوم؟“
”ها ياد آ، چتائي پيو ڏسين. اک ئي نه پيو ڪڍين مون مان.“

Monday, September 24, 2018

بي ڊولو پٿر - سرور غزالي


بي ڊولو پٿر
ڪهاڻي
سرور غزالي
سنگتراشَ هڪڙي بي ڊولي پٿر کي صاف سٿرو ڪري، گهر جي ويران ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيو هو. پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن پڄاڻان ان پٿر کي کڻي ان ميز تي اچي رکيائين، جنهن ميز وٽ بيهي، هُو پنهنجي هٿن جي ڪلا سان، پٿرن کي خوبصورت مورتين ۾ بدلائي ڇڏيندو هو.
سنگتراش، هر روز ان پٿر جي سامهون اچي بيهندو هو ۽ پٿر تي پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکارڻ جي بجاءِ، صرف ساڻس ڳالهيون ڪندو رهندو هو.
پٿر هر روز کانئس هڪڙو ئي سوال پڇندو هو ته؛ ”اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جو مان هڪ بي ڊولو پٿر، ڪنهن لازوال مورتيءَ ۾ بدلجي ويندس؟“

Sunday, September 23, 2018

شام جي اُس ۾ - جيا جادواڻي


شام جي اُس ۾
ڪهاڻي
ليکڪا: جيا جادواڻي
مترجم: ڍولڻ راهي
اَسُر جا چار وڄندي ئي هڪڙو الارم وڄي ٿو سندس اندر،”هي رام“ چوندي هو ڌيري، ڌيري اُٿي ٿو.
”ديا ڪرو ميري سانئيان، ڏيو پريم ڪي ڏات،
سک دک اور ڪجهه وياپي نهين، ڇٽي سڀ اُتپات.“
راڌا سواميءَ جي تصوير تي سندس نظر پوي ٿي.
راڌا سواميءَ جي تصوير تي سندس نظر پوي ٿي ۽ ڀيڻ جون چيل مٿيون سٽون سندس ڪنن ۾ گونجن ٿيون، اُنهن سٽن سان هو آتمڪ طور جڙي نٿو. سٽون هن کان ايترو ئي پري آهن جيترو راڌا سوامي بلب جي ڦڪي روشنيءَ ۾. هو ٻنهي کي ڪجهه ويرم ڏسندو رهي ٿو.

پيڙھي - ممتاز لوهار


پيڙھي
مختصر ڪھاڻي
ممتاز لوهار
سجيلا پٺيري بيٺل پيءۡ جي ڳچيء ۾ ٻانهون هار ڪري چيو؛ “بابا ٻين لئه جيئڻ ڀلو يا پنهنجي لاء؟”
“ٻين لاء ڌيءُ.” هن مرڪي وراڻيو.
“بابا! پيءُ جي پيڙھي پٽ وڌائيندا آھن نه؟”
“ها.” پيءُ ڏڪندڙ ھٿ ڌيءُ جي هٿن تي رکي چيو.
“۽ ڌيئر بابا؟”
“اهي ٻين جي پيڙھي وڌائينديون آھن.” هن ڪنڌ ورائي ڌيءُ کي چيو.
“ان جي معنيٰ ته پٽ پنهنجي لاء جيئندا آھن ۽ ڌيئر ٻين لاء.... ها نه بابا؟”
هو ماٺ جي اونداهي گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو.