دَت
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
چنڊ چوڏھينءَ
جو نه ھو، پر چمڪيو چوڏھينءَ وانگر پئي. مڇر شايد ان ڪري نه ھئا، ته سڄو ڏينھن لُڪ
لڳي ھئي، پر سج لھڻ کان پوءِ به ھوا جي رفتار ساڳئين، پر ٿڌي ھئي. ھوندل ڪڻڪ جا
لابارا لاھي، ٻن مھينن کان پوءِ گھر پھتو ھو. اڱڻ ۾ پيل ڇنل کٽ تي سندس ئي وني سان
ويٺو ھو. جنھن کي ھُو ننڍي لاڪون چاھيندو ھو، پر اھا چاھت ھن من اندر ۾ ئي سانڍي
رکي ھئي. جيڪڏھن ٻاھر ٻڙڪ ڪڍي ھا، ته کيس اھو رشتو مئي پڄاڻان به ڪو نه ملي ھا.




