منظور ڪوھيار ۽ سندس نئون ڇپيل ڪھاڻي ڪتاب “گَهرُ ۽ گراموفون”
محمد علي پٺاڻ
اڄ ۱۳ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي طئي ٿيل
پروگرام تحت پنھنجي بيحد ئي پياري، محسن دوست ۽ سنڌ جي صف اول جي ڪھاڻيڪار ۽ ناول
نگار منظور ڪوھيار صاحب سان سندس رھائشگاھ تي سعدي ٽائون ويس. تحفي ۾ ھن اول
پنھنجي ڪھاڻين جو نئون ڇپيل ڪتاب “گهَرُ ۽ گراموفون” ڏنو ۽ مون به ساڳئي وقت کيس
پنھنجو نئون ڇپيل ڪتاب “ھڪ سِٽَ ٻه سئو ڪھاڻيون” (انگريزي ۽ اردو ترجمي سان) سوکڙي
ڪري ڏنو. پوءِ خوب ڪچھري ٿي. جنھن ۾ ڪيترائي موضوع ڳالهين ۾ آيا. سائينءَ جي
يادداشت ڊجيٽل فوٽو گرافي جيان ھوندي آھي ۽ جڏهن به ڪنھن موضوع تي ڳالهائيندو آهي،
ته شدت سان اھو احساس ستائيندو آ، ته اھو سڀڪجهه ڪاش، رڪارڊ ڪجي ھا. جو عالمن جي ڪچھرين
جا گوھر محفوظ نه ڪيا ويندا آهن، ته وقت جي ھوائن ۾ ايڏي طاقت ھوندي آھي، ته اُھا
کن پلڪ ۾ انهن کي ڪکن پنن وانگر اُڏاريون ھلي ويندي آهي. جيڪڏهن اُھي رڪارڊ ڪري، ڪاغذن
تي لاھي ڪتابي صورتن ۾ محفوظ ڪجن، ته علم ادب جي جھان ۾ ڪيترائي سمنڊ شامل ٿي وڃن.
خير ڪچھريءَ دوران ٻه دفعا
سائين چانھ کڻي آيو. جيڪي پي شام ڪري اُٿياسي. سائين مونکي ٻاھرين مئن روڊ تي
چنگچيءَ تائين ڇڏڻ آيو.