Tuesday, January 31, 2012

اي ڪاش! اهو مان ڄاڻان ها - اڪبر لغاري


اي ڪاش! اهو مان ڄاڻان ها
اڪبر لغاري
هوءَ منهنجي زندگي ۾ ان وقت آئي جڏهن آئون انتهائي غريب ۽ بيروزگار نوجوان هئس. هڪ رات پنهنجي نيم روشن ڪچي ڪمري جي فرش تي سُمهي پنهنجي مستقبل جي باري ۾ سوچي رهيو هوس ته اوچتو منهنجي ڪنن تي پايل جي جهنڪار جو آواز پيو ۽ ٻئي لمحي ’هوءَ‘ منهنجي سامهون هئي. آءٌ هن کي ڏسي بيحد حيران ٿيس. خبر نه آهي ته هوءَ حسين هئي يا نه پر هن ۾ بي پناهه ڪشش هئي. سندس وجود مان هڪ اڻڄاتل مهڪ اچي رهي هئي. کيس اهڙو لباس پاتل هو، جنهن تي ڪيترا ئي هيرا ۽ موتي جڙيل هئا. سندس ٺاهه ٺوهه ۽ چمتڪار کي ڏسي منهنجون اکيون خيره ٿي رهيون هيون.
”ڪير آهين تون؟“ حيرت مان پڇيم.


”مون کي سڃاڻ!“ هوءَ کلي ته ڪمري ۾ ڪيترا ئي جلترنگ گونجڻ لڳا. ”پر ڪيئن؟ مون تو کي پهريون ڀيرو ڏٺو آهي.“
”هاڻي هميشه ڏسندو رهندين.“
”ڇا واقعي؟ سچ پچ آءٌ ايترو خوش نصيب آهيان؟“
”تون هميشه مون کي پاڻ سان گڏ ڏسندين، نه صرف ايترو پر منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجو آهي. مون ۾ هڪ پراسرار سگهه آهي، جنهن سان تنهنجي زندگيءَ جون سڀ خواهشون پوريون ٿي سگهن ٿيون، پر ان لاءِ هڪ شرط آهي.“
” آءٌ تنهنجو هر شرط مڃڻ لاءِ تيار آهيان.“ مون تڪڙ ۾ چيو.
”توکي پنهنجي هر خواهش جي بدلي، ان جي قيمت ڏيڻي پوندي.“
”پر آءٌ ته انتهائي غريب ماڻهو آهيان، توکي ڇا ڏئي سگهندس؟“ مون نراسائيءَ مان چيو.
”تو وٽ ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ مون کي چڱي طرح وصول ڪرڻ ايندو آهي. منهنجي پراسرار قوت تنهنجي هر خواهش جي تڪميل ڪندي. هاڻي اٿ، منهنجي ويجهو اچ، مون کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ۽ منهنجي وجود ۾ لڪل خزانن کي ڳولهه.“
آءٌ اٿيس، هن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڏانهنس وڌيس، هوءَ پوئتي هٽندي مسڪرائي مسڪرائي منهنجي حوصله افزائي ڪرڻ لڳي. آءٌ تيزي سان هن طرف وڌيس پر هوءَ مون کان به وڌيڪ تيز هئي. آءٌ اڃا به وڌيڪ تيز ٿيس، پر هن ۾ ته ڪا بجلي ڀريل هئي. نيٺ ساڻو ٿي ڪري پيس ۽ سهڪندي سهڪندي هن ڏانهن حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسڻ لڳس. هوءَ آهستگي سان منهنجي ويجهو آئي. هن جي وجود جي خوشبوءِ مون کي ديوانو بڻائڻ لڳي. هوءَ مون مٿان جهڪي، خبر نه آهي ته هن جي وجود ۾ ڪهڙو نشو هو جو آءٌ فوراً ننڊ جي وادي ۾ گم ٿي ويس.
صبح جو اٿيس ته سڀڪجهه هڪ خواب محسوس ٿيڻ لڳو، پر منهنجي بستري تي هن جو رهجي ويل هيئر ڪلب هن جي اچي واپس وڃڻ جو قسم کائي رهيو هو.
****
ٻن سالن جي مسلسل پڙهائي ۽ سخت محنت ڪري مون سي ايس ايس جو امتحان ڏنو هو. اڄ ان جو نتيجو اخبار ۾ اچڻو هو. منهنجا قدم پاڻ مرادو بڪ اسٽال ڏانهن کڄڻ لڳا. اخبار وٺي اتي ئي رزلٽ ڏسڻ لڳس ۽ خوشي مان رڙ نڪري ويم. امتحان ۾ پهرين پوزيشن کنئي هيم.
****
ڪيترائي ڏينهن هن جي ياد ۾ بي قرار رهيس. سندس وجود جي مهڪ ۽ مرنم ٽهڪ بار بار منهنجو سک ڦٽائيندا رهيا. راتين جي ننڊ حرام ٿي ويئي. اها به بيچيني هئي ته اچي ته پنهنجي ڪاميابي جي خبر ٻڌايانس. جڏهن منهنجي بيچيني انتها تي پهتي ته هوءَ اچي ويئي. اتاولو ٿي هن ڏانهن ڊوڙ پائي ڀاڪر ۾ جهلڻ جي ڪوشش ڪيم ته هو تيزي سان نڪري ويئي.
”مون کي پڪڙڻ جي ڪوشش اجائي آهي، جيستائين آءٌ هر وقت توسان گڏ هوندي آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون کي ڏسڻ لاءِ اکين جي بجاءِ دماغ استعمال ڪرڻو پوندو آهي.“
”مون کي تنهنجون ڳالهيون سمجهه ۾ نه ٿيون اچن. آءٌ اڃا تنهنجي باري ۾ ڪجهه به نٿو ڄاڻان ۽ حيران آهيان ته تون اُمالڪ ڪٿان ٿي اچين ۽ مون وٽ اچين ڇو ٿي؟“
”جنهن ڏينهن تو مون کي سڃاڻي ورتو، ان ڏينهن منهنجي ڪشش ختم ٿي ويندي ۽ آءٌ بدصورت بڻجي ويندس. منهنجي توکي مالامال ڪرڻ جي سگهه ختم ٿي ويندي ۽ تون هميشه مفلسي ۽ تنگدستي جي زندگي گذاريندين، تنهن ڪري مون کي سڃاڻڻ جي ڳالهه ڇڏي ڏي. دماغ کي تالو هڻي دل جي ڳالهه ڪر. ٻڌاءِ توکي زندگي ۾ ڇا ڇا گهرجي؟“ هن پڇيو.
”مون کي تون کپين، تنهنجو حسن کپي، تنهنجو پيار کپي....“
”سڀ ڪجهه ملي ويندو. توکي حسن ملندو، پيار ملندو، دولت ملندي، عزت، شهرت ۽ طاقت ملندي، گهر زال ۽ ٻار به ملندا، پر اهو ڪڏهن به نه وسار جانءِ ته انهن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، جيڪا قيمت آءٌ چڱيءَ طرح وصول ڪرڻ ڄاڻان ٿي.“ ائين چئي هن پنهنجي قيمتي لباس مان هڪ موتي ڪڍي مون کي ڏنو ۽ پنهنجا چپ منهنجي چپن تي رکي ڇڏيائين. ننڊ جي وادي ڄڻ منهنجو بيچيني سان انتظار ڪري رهي هئي.
****
اڪيڊمي مان ٽريننگ مڪمل ٿي چڪي هئي. منهنجي پهرين پوسٽنگ اهڙي جڳهه تي ٿي جتي پوسٽنگ ڪرائڻ لاءِ ڪا وڏي سفارش يا وڏي رشوت ڏيڻي پوندي هئي، پر منهنجي پوسٽنگ آساني سان ٿي ويئي. رشوت جي بازار گرم ٿي ويئي. بي ايماني ۽ هيرا ڦيري جي ڪري اڃا به وڌيڪ پئسن ڪمائڻ جا موقعا ملڻ لڳا.
پهرين فليٽ ورتم، پوءِ بنگلو ورتم، پوءِ ان کان به وڏو بنگلو ورتم. پهرين سوزوڪي ڪار هوندي هئي، پوءِ ڪرولا ورتم، پر پوءِ به هن وقت اها ڳڻتي رهڻ لڳي ته بئنڪ بيلنس ته هجڻ گهرجي آخر.
”پر رات جو ننڊ ڪرڻ لاءِ ٽرنڪوليزر کائڻ لڳس.“
****
پنهنجي شاندار بنگلي جي آرامده بيڊ تي ليٽي بي آرامي سان اهو سوچي رهيو هوس ته رشوت جو ريٽ صفا ڪري پيو آهي. ماڻهو پنهنجو ڪم ڪرائڻ لاءِ سفارش ڪرائڻ لڳا آهن ته هوءَ وري اچي ويئي.
”اهڙي شاندار بنگلي خريد ڪرڻ تي مبارڪباد.“ مُرڪ جي تيز کنوڻ جو چمڪو ٿيو.
”مهرباني، پر ايترو وقت ڪٿي هئين، توسان ملڻ لاءِ ڏاڍو بي چين هئس.“
”آءٌ هر وقت تنهنجي پاڇولي وانگر تنهنجي وجود سان جڙيل هوندي آهيان ۽ تنهنجي رڳن ۾ گردش ڪندڙ خون ۾ شامل ٿي، تنهنجي دماغ ۾ پهچي، توکي وڌ کان وڌ ڪُجهه ڪرڻ لاءِ هرکائيندي رهندي آهيان، جڏهن تنهنجا هٿ رشوت جي نوٽن وٺڻ لاءِ اڳتي وڌندا آهن ته آءٌ لذت جو احساس بڻجي نوٽن ۾ منتقل ٿي ويندي آهيان. جڏهن تنهنجو ضمير توکي ملامت ڪندو آهي، تڏهن آءٌ تنهنجي دماغ ۾ عقل بڻجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ جواز فراهم ڪندي آهيان ۽ آهستي آهستي تنهنجي ضمير کي به تو وانگر سمهاري ڇڏيندي آهيان. جڏهن تنهنجي دل ۾ رحم جا جذبا تنهنجي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته آءٌ مَڌ بڻجي تنهنجي رڳن وسيلي دل تائين پهچندي آهيان ۽ اتان رحم جا جذبا پاڻي بڻائي ڪڍي ڇڏيندي آهيان. آءٌ تنهنجي نس نس ۾ رچيل آهيان ۽ تنهنجو وجود منهنجي ڪري ئي ته سلامت آهي.“
ايترو چئي هو خاموش ٿي ويئي. ڪجهه کن رکي پڇيائين:
”ايڏي وڏي بنگلي ۾ اڪيلو ٿو رهين، عورت جي وجود کان سواءِ زندگي بي رنگ ۽ بي مزه آهي.“ ائين چئي هن پنهنجي پرس مان سرمو ڪڍيو ۽ مون کي اکين ۾ پارايائين.
سرمي ۾ خبر نه آهي ته ڇا راز هو جو آءٌ پنهنجي پاڻ کي ۽ هن کي صفا ’الف‘ ڏسڻ لڳس. هوءَ پهرين آهسته آهسته ۽ پوءِ تيزي سان رقص ڪندي مون کي به رقص ڪرڻ لاءِ چيائين. آءٌ ته هن جو ديوانو بڻجي چڪو هوس. هن سان گڏ رقص ڪرڻ لڳس.
ان رات کانپوءِ، هر رات هوءَ مختلف عورتن جو روپ ڌاري اچڻ لڳي.
****
هڪ اعليٰ خاندان جي خوبصورت ڇوڪري سان شادي ٿي. پنجن سالن اندر 3 ٻار پيدا ٿيا. ڳڻتيون وڌيون، بلڊ پريشر هاءِ رهڻ لڳو، خرچ وڌڻ ڪري رشوت جو ريٽ وڌائي ڇڏيم. اڳي ضمير کي ننڊ جي گوري کارائيندو هوس، پر هاڻي ان کي هميشه هميشه لاءِ انجيڪشن هڻي ڇڏيم. نتيجي ۾ بلڊ پريشر خطرناڪ حد تائين وڌي ويو ۽ پهريون دل جو دورو پيو.
****
هاڻي هوءَ روزانو اچڻ لڳي هئي. آءٌ سندس بيچيني سان انتظار ڪندو هوس. هو هميشه اڳي کان به وڌيڪ پرڪشش لڳندي هئي. هن تي نظر پوڻ شرط جسم ۾ هيجان برپا ٿي ويندو هو. اڄ جڏهن هوءَ آئي ته چيومانس: ”تو ۾ هر ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ جي سگهه آهي. منهنجي نوڪري کي ڪافي وقت ٿي ويو آهي، مون کي پنهنجي محڪمي جو سربراهه بنائي. هاڻي منهنجا ٻار وڏا ٿي ويا آهن، انهن کي اعليٰ تعليم لاءِ ولايت به موڪلڻو آهي. پروموشن کانپوءِ مون کي دولت ۽ عزت سان گڏ طاقت به ملندي، هر شيءِ کان وڌيڪ مزو اقتدار جي طاقت ۾ آهي. آءٌ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي کان وڏي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“
هن خاموشي سان اٿي پنهنجي جتي لاٿي ۽ ان ۾ ڪجهه پاڻي اوتي مون کي چيائين:
”هي وٺ طاقت ۽ اقتدار جو جام.“
آءٌ منجهي پيس. پهريون دفعو هن منهنجي انا، غيرت ۽ عزت نفس تي حملو ڪيو هو. مون کي گهٻرائيندي ڏسي چوڻ لڳي:
”جلدي ڪر، هي امرت پي وٺ. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هي ڪا وڏي قيمت نه آهي، دير نه ڪر.“
مون ان جتي کي چپن تي آندو ۽ هڪ ڍڪ ۾ پي ويس. پيئڻ شرط، مون تي هڪ عجيب ڪيف طاري ٿي ويو. سڀ ماڻهو مون کي پنهنجي اڳيان ننڍڙا ۽ حقير لڳڻ لڳا.
****
آءٌ پنهنجي محڪمي جو بي تاج بادشاهه بڻجي ويس. اڄ جڏهن آرسي ڏٺم ته ان ۾ پنهنجي بدران ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو عڪس نظر آيم. اکيون مهٽي وري ڏٺم. عڪس جا مهانڊا ته مون جهڙا هئا، پر  وار اڌ کان وڌيڪ اڇا. نراڙ تي ڪيترائي گهنج، اکين ۾ بگهڙ واري تِکَ. چهري جو مجموعي تاثر ڏاڍو ڀيانڪ هو. نئين عهدي جي خوشيءِ ۾ جلدي جلدي آفيس وڃڻ لڳس.
نئون عهدو ڪنڊن جي سيج هو. محڪمي جو سربراهه هجڻ سبب بي انتها ذميواريون هيون ۽ انهن کي نڀائڻ لاءِ رات ڏينهن مصروف رهڻو پيو. دولت جي ورکا ٿيڻ لڳي. منهنجا ٻار جيڪي جوان بڻجي چڪا هئا، سي بي پناهه دولت لٽائڻ لاءِ ڪهڙيون عياشيون ڪري رهيا هئا، اهو ڏسڻ لاءِ مون وٽ ڪا فرصت نه هئي.
آخرڪار ڪري پيس. رات ڏينهن جي مصروفيت ڪري بلڊ پريشر، دل ۽ جگر جي بيماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، مٿان وري اولاد جي بي راهه روي، سندن گستاخانه رويو ۽ حالتن جي ڪري سخت ذهني دٻاءَ ۾ رهڻ لڳس.
اڄ ٻيو دفعو دل جو دؤرو پيم.
****
هوءَ آئي ۽ چيائين:
”تو وٽ آخري ڀيرو آئي آهيان، ڪا آخري خواهش هجئي ته ٻڌاءِ؟“
”آخري خواهش؟ ڪيترو عجيب لڳي ٿو، اهو لفظ آءٌ هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهيان. چاهيان ٿو ته اولاد جي شادي ٿئي، انهن جي اولاد سان کيڏي سگهان.“
هن پنهنجي گلي ۾ پيل هار ٽوڙي مون کي ڏنو. اڄ جڏهن هن کي ڏٺم ته هوءَ بيحد بدصورت نظر آيم. هن جي جسم مان خوشبوءِ بجاءِ بدبوءِ جا ڀڀڪا اچي رهيا هئا. ن جي چهري تي ڪشش جي بجاءِ ڀيانڪ حيوانيت هئي. هوءَ مسڪرائڻ بجاءِ ڏند ڪرٽي رهي هئي. سندس خوبصورت لباس جي جڳهه ڪنهن تازي ڪٺل جانور جي کل چڙهيل هئي، جنهن مان رت ڦڙا ٽمي رهيا هئا. مون هن کي سڃاڻي ورتو هو.
****
آءٌ موت جي بستري/ اسٽريچر تي سفر ڪري رهيو آهيان. اڄ ٽيون دل جو دؤرو پيو آهي، جنهن جو سبب منهنجي پٽن جون ٻئي زالون آهن. مون کي ستل سمجهي هڪڙي چوڻ لڳي: ”ڪيترا ڏينهن ٿي ويا اٿس بيمار هوندي مري به نٿو. اسان جو ته جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو اٿس. مُني جي پيءُ پئي چيو ته هن جي مرڻ کانپوءِ جائداد مان حصو وٺي پاڻ ته فوراً آمريڪا هليا هلنداسين. ڇا رکيو آهي هتي.“
”ليڪن اسان لنڊن ۾ سيٽل ٿينداسين، پر اهو ته سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو جڏهن هن کوڳ مان جان ڇٽندي.“
مون تي آهستي آهستي غشي طاري ٿيڻ لڳي. دل جو سور وڌڻ لڳو. يقيناً منهنجو آخري وقت اچي ويو آهي، پر افسوس آهي ته مون ”هُن“ کي سڃاڻڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي. هن کي ان وقت سڃاتم جڏهن مون وٽ سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو.
هڪڙي ڳالهه ٻڌو. ”هوءَ“ ڏاڍي خوبصورت ۽ دلربا انداز ۾ توهان وٽ به ايندي ڇا توهان به مون وانگر سڀ ڪجهه وڃائي پوءِ ان کي سڃاڻيندو؟

No comments:

Post a Comment