Monday, December 5, 2011

ڀـــاڙ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ڀـــاڙ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

هيءَ ستر  جي ڏهاڪي  جي ڳالهه آهي، تڏهن نوشھرو فيروز اڃا جدارو ضلعو نه ٿيو هو ۽ اڳوڻي نواب شاهه ۾ ئي هئو. ضلعي آفيس جي ڪمن ڪارين لاءِ نواب شاهه ئي وڃڻو پوندو هو. سفر جو ذريعو ريل به هئي ته بسون به هيون.
سکر جون بسون ٽين روپئي ۾، ڪنڊيارو کان مورو لاهينديون هيون. جتان ڇھين روپئي ۾ نواب شاهه پھچبو هو. قاضي احمد کان نواب شاه وارو رستو هلندڙ نه هو ۽ نه وري نوشھري کان پڊ عيدن- نواب شاهه وارو. هاڻي ته ٻنھي رستن سان ڪوچ ۽ ويگنون هلڻ ڪري، پنڌ به گهٽجي پيو آ ۽ وقت به گهٽ ٿو لڳي.


فيڊر ٽرين، محراب پور- ٺارو شاهه- پڊ عيدن- نواب شاهه هلندي هئي. صبح جو ڏهين بجي ڪنڊياري مان ڇٽندي هئي ۽ ٽين ڌاري نواب شاهه رسندي هئي. وري ساڍي چئين موٽ ڪندي هئي ۽ رات جو ساڍي نائين اچي ڪنڊياري ۾ ٺڪاءُ ڪبو هو. هاڻي ته نه رهيا وڻ، نه رهيا واهيرا. پٽڙي ئي اکڙي وئي آ. ڪير سنڀال وارو ئي ناهي.
مٿين ريل ۾ سفر ڪرڻ لاءِ، ٻيو به روٽ هئو. پھرين ڀريا، پوءِ ڀريا روڊ، اتان ريل ۾ نواب شاهه. ڪم لاهي ڏينھنڪ ئي واپس. جي ڪم گهڻو ته هڪ ڏينھن اڳواٽ وڃي مسافرخانو تاڙبو هو ۽ پوءِ سھوليت آهر واپسي ٿيندي هئي.
ٽرين جي سفر لاءِ، سنڌ ۾ ته فقط تصور ڪري سگهجي ٿو ۽ بس. ها البته مين لائين تي موجود شھرن وارن کي ٿوري گهڻي سھوليت آهي. نه ته ڪير ٿو اڄ ٽرين جو انتظار ڪري؟
مون پري انجنيئرنگ ۾ فرسٽ ييئر ۽ انٽر، نواب شاهه ڊگري ڪاليج مان ڪئي هئي ۽ هاسٽلر هئس. ڪاليج پاس ڪرڻ کانپوءِ، هاسٽل خالي ڪري ڳوٺ پھتو هئس. ڏھن مھينن کان پوءِ، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ فارم ڀرائڻ جي سلسلي ۾ نواب شاهه اچڻ ٿيو. فارم ۾ ڊي سي آفيس کان سرڪٽيفڪيٽ ڀرائڻو هو. جنھن ۾ ڊي سيءَ جي صحي ٿيڻي هئي.
پھرينءَ بس ۾ ڳوٺان نڪتس. ڏهين ڌاري نواب شاهه پھتس. اتي ڪلاس فيلو مظفر به رليو. اهو به فارم تي صحي وٺڻ آيو هو. مون سئين واسطيدار ڪلارڪ کي، ٺپو هڻي صحيءَ ڪرائڻ لاءِ، فارم ڏنائين. سندس فارم وٺي ڪلارڪ ٺپو هنيو ۽ ڊي سيءَ جي صحيءَ لاءِ ويندڙ ڊاڪ ۾ شامل ڪيو. مون وارو فارم ڏسي موٽائيندي چيائين؛ “ووٽ نمبر ۽ اليڪشن سرٽيفڪيٽ شامل ڪري پوءِ فارم ڏيو!”
“اها وري ڪھڙي هِچ آهي؟!” مون پڇيس.
“فارم نه پڙهيو اٿئي ڇا؟” چپ ڀڪوڙي خار مان چيائين.
“پڙهيو آهي. ان ۾ ڇا آهي؟”
“ان ۾ ووٽ نمبر لکڻو آهي!”
“اهو توهان کي ئي لکڻو آهي!”
“اسان لکنداسين ته ڪٿان؟! سرٽيفڪيٽ وٺي ايندين ته پوءِ لکنداسين!”
“مون کي پراڻيءَ لسٽ وارو نمبر ياد آهي. اهو لکانس؟!”
“ڪھڙي خبر ته اهو نمبر صحيح آهي؟! سرٽيفڪيٽ کان سواءِ ڪو به اعتبار ناهي. هيءُ ادو به وٺي آيو آهي. ان جو فارم تڏهن صحيءَ لاءِ موڪليان پيو.” مظفر ڏانھن اشارو ڪندي چيائين ۽ ان جي فارم سان لڳل سرٽيفڪيٽ کولي ڏيکاريندي چوڻ لڳو. “توهان به ههڙو سرٽيفڪيٽ وٺي اچو ته پوءِ فارم تي صحي ٿيندي.”
“اهو وري ڪٿان ملندو؟ تو ڪٿان ورتو؟” مڙي مظفر کان پڇيم.
“بس يار اها ڳالهه ئي نه پڇ!” ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين.
“نيٺ خبر ته پوي؟”
“يار! ٽيو ڏينھن جو ڳوٺ کان نڪتل آهيان. تنھنجو ڳوٺ ته روڊ تي آهي. ڏينھنڪ ماڻھو آيو ۽ ويو. منھنجو ڳوٺ ته آهي جهنگ ۾. ٽي چار ڪلاڪ ته مورو پھچڻ تائين لڳن ٿا. پھرين رات هوٽل ۾ ترسيو هئس. ڪالهه سڄو ڏينھن انھيءَ چڪر ۾ رُلي ويو. اڄ مس ايستائين ڪم پھتو آ. دعا ڪر ته ڊي سي صاحب منجهند تائين اهو ڪڍي ته جان ڇٽي، نه ته ٽين رات به هتي ترسڻي پوندي. ڪلهه ئي پئسا کٽي ويا. شگر مل جي پاسي ۾ مائٽن جو ڳوٺ آهي. رات اوڏانھن هليو ويو هئس. صبح اتان پيو اچان. دعا ڪر ته اڄ جان ڇٽي وڃي.” جان ڇڏائڻ لاءِ ڊگهي روئداد ٻڌائي ويو.
“يار! مون ته سمجهيو، رڳو ڊي سيءَ جي صحي ٿيندي. هيءَ ته فلم ئي ڊگهي ٿي وئي. بھرحال مون سان مدد ڪر. مون کي اها آفيس ڏيکار ۽ مون سان گڏجي هل!” التجا ڪئيمانس.
“گوليمار نمبر:1 ۾، جتي اڳ ۾ بس اسٽينڊ هوندو هو، اتي آفيس اٿئي. پھرين انھن کي درخواست ڏيڻي پوندئي. پوءِ اهي سرٽيفڪيٽ ڪڍي ڏيندءِ. ٿي سگهي ٿو ته ٽال مٽول ڪري شنوائي ڏيني. تون ٻڌائجان ته؛ مان ڪنڊياري کان آيو آهيان. اڄ ئي فارم جمع ڪرائي موٽڻو آهي. پوءِ متان خيال ڪن ۽ سرٽيفڪيٽ ڏئي وجھن نه ته مون وانگر خوار ڪري ڇڏيندئي!” جان ڇڏائڻ جي ڪيائين.
“مون کي تو واري ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. مھرباني ڪري مون سان گڏ هل!”
“مان فارم هتان وٺان! تون اڪيلو هليو وڃ! سرٽيفڪيٽ وٺي آ.” نٽائيندي چيائين.
“فارم موٽڻ ۾ دير هوندي. هل ته جلدي ٿي ٿا اچون!”
“تون اڪيلو وڃ ته ڀلو اٿئي. منھنجي هلڻ سان متان ڪم نه ٿيئي!”
“تون هل ته سھي! ڪم ٿئي نه ٿئي. ان سان تون ٻڌل ناهين!”
ٽال مٽول کان پوءِ گڏجي هليو. آفيس ڪنھن ڪرائي جي جاءِ ۾، مٿئين پورشن ۾ هئي. گهٽيءَ مان فقط ڏاڪڻ جو دروازو هو. سوڙهيءَ ڏاڪڻ جي ذريعي مٿي پھتاسين.
“درخواست لکي وٺ!” مظفر چيو. پٽيوالي جي بئنچ تي ويھي، انگريزيءَ ۾ درخواست لکيم.
“درخواست مونکي ڏيو!” ڀرسان ويٺل پٽيوالي چيو. کيس درخواست ڏنم، ته مٿان چيائين؛ “هن تي ٽڪلي لڳندي!”
مون مظفر ڏي نھاريو ته ان به چيو؛ “ها! مون کان به روپئي جي ٽڪلي هڻائي هئائين.”
“تو مون کي پھرين ڇونه ٻڌايو؟ ٻڌائين ها! ته پوسٽ مان وٺي اچون ها!” مون چيس.
“ٽڪليون اسان به ڏيندا آهيون!” پٽيوالي وچ ۾ ڳالھايو.
“پوءِ ڏي!” مون چيس.
“پر مون وٽ ٻن روپين واري ٽڪلي آهي!” پٽيوالي چيو.
“اها ئي ڏي”. ٻه روپيا ڏنامانس. کيسي مان استعمال شده ۽ ڪنھن درخواست تان پٽيل، جنھن تي ٻئي ڪنھن جو نالو لکيل هو، ٽڪلي ڪڍي مون واريءَ درخواست تي چنبڙايائين.
“اها ته اڳ ۾ ڪنھن ٻئي جي نالي تي جاري ٿيل آهي!” مون پڇيس.
“ڪير ٿو پڙهي ته ڪنھن جي نالي تي جاري ٿيل آهي! پر تون سرٽيفڪيٽ پرينھن اچي وٺجانءِ!”
“ڇو؟ مون کي ڪنڊياري اڄ ئي واپس موٽڻو آهي. سرٽيفڪيٽ اڄ ئي کپي!”
“نه بابا نه! تو کي سرٽيفڪيٽ پرينھن ملندو!”
“نه آفيسر، نه ڪلارڪ. تون ٿو ٽائيم ڏين. خير ته اٿئي. واسطيدار ماڻھوءَ سان مليا ئي ناهيون ۽ اتان ئي موٽون! خير ته آهي؟”
“پوءِ تنھنجي مرضي! اندر صاحب ويٺو اٿئي! وڃي درخواست ڏينس!” درخواست موٽائي ڏيندي چيائين.
درخواست وٺي صاحب جي ڪمري ۾ “ڪم  اِن سر” چئي، چِخ هٽائي داخل ٿيس. آفيسر، نوجوان ۽ سيکڙاٽ لڳو. ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ مڇون هلڪيون هئس. رنگ جو ڪارسرو ۽ سنھڙو همراه هو. پينٽ شرٽ پيل هئس. ڏسندي ئي پڇڻ واري انداز سان ڀروون هيٺ مٿي ڪيائين. مون سمجهيو ته پڇي ٿو؛ “ڇو آيو آهين؟”
درخواست ڏيکاريندي چيومانس؛ “سرٽيفڪيٽ کپي!”
“ٻاهر پٽيوالو ڪو نه هو ڇا؟ جو تون درخواست سڌو کڻي آيو آهين؟” شوخ لھجي ۾ چيائين. مون کي اندازو ٿيو ته انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندڙ جي حيثيت ۾، مانُ ڏئي، ڪرسيءَ تي ويھاري، حال احوال وٺندو. سندس انھيءَ اڍنگي رويي تي ٿوري چڙ اچي وئي.
“پٽيوالو ٻاهر ويٺو آهي!”
“درخواست ان کي ڏين ها!”
“ڏنيمانس، پر مون کي چيائين؛ پاڻ صاحب کي ڏي!”
“بابا پٽيوالي کي درخواست ڏي!” اکيون ٻوٽيندي تيزيءَ مان چيائين.
“مان کڻي آيس ته ڪھڙو ڏوهه ٿي پيو؟ يا پٽيوالو ماڻھو آهي ۽ مان جانور آهيان؟”
“بابا! تو کي ڪير ٿو چوي ته تون جانور آهين!” صفا تيز ٿيندي چيائين.
“جانور چوڻ کي ڪي سڱ ٿيندا آهن؟” ٺھه پھه ورندي ڏئي، تيزيءَ سان ٻاهر نڪري آيس. پٽيوالي کي درخواست ڏيندي چيم؛ “تنھنجي لاءِ ٿو چوي ته کڻي اچي!”
پٽيوالو درخواست کڻي اندر ويو.
“ٻه ٽي روپيه خرچي گهرڻ لاءِ ائين ٿو ڪري!” مظفر چيو.
“ڇو؟ ڇا لاءِ ڏيونس. ٻه روپيا ورتئين ڪوڙين ٽڪلين جي بھاني سان. اڃا پيٽ نه ڀريس.”
“مون کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ مھل به اهڙو انداز ڏيکاريو هئائين. پر مون کيس پئسا نه ڏنا هئا.”
“مان به نه ڏيندومانس!”
“ته پوءِ رلائيندئي!”
“خير! پرينھن ته پڻس به ڏيندو. پر خواه مخواه پنج روپيا اوٽ، پنج روپيا موٽ ڪرائي جا پئجي ويندا. وري ٻيھر موٽڻ کان اڄ جان ڇٽي ها ته چڱو هو.”
“پوءِ پنج روپيا کن هن کي ڏي ته ٺھه پھه ڪم ٿي ويندئي.”
“پنجن کان ته مٿي نھاري! عزت سان ڏئي ها ته پوءِ خوش ٿي ڪا چانھه پياريونس ها! باقي ائين ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته ڏيانس.”
ايتري ۾ پٽيوالو، صاحب جي ڪمري مان واپس موٽيو ۽ مون کي چيائين؛ “صاحب تو کي اندر گهرايو آهي.”
فارم ڀرائڻو هو. مستقبل جو سوال هو. نه چاهيندي به دل تي پٿر رکي اٿيس. اندر گهڙيس ته آفيسر ڪرسيءَ تي ويھڻ جو اشارو ڪيو. ويٺس ته پڇيائين؛ “ها بابا! پوءِ تو کي ڇا کپي؟”
سندس سوال تي ئي مون کي باهه وٺي وئي. اهو نه ٿو سوچي ته سواءِ سرٽيفڪيٽ جي منجهس ڪھڙو ڪم ٿي سگهي ٿو. بھرحال رکائيءَ مان ورندي ڏني مانس؛ “اليڪشن سرٽيفڪيٽ.”
“ڇا لاءِ؟”
سندس انھيءَ سوال تي ته ڪپڙن کي باهه لڳي وئي. ڇو جو اهي سڀ ڳالھيون درخواست ۾ ئي لکيون هئم. پر اڳيان آفيسر هو سو ڪير چوي ته؛ “درخواست ڇو نه ٿو پڙهين؟” تنھنڪري زھر جو ڍڪ ڀري چيومانس؛ “يونيورسٽيءَ ۾ فارم ڀرائڻ لاءِ کپي.”
“لاسٽ ڊيٽ، فارم ڀرائڻ جي، ڪڏهن آهي؟”
“پندرهين.” اندر جو زهر اندر ۾ اوتيندي ورندي ڏنيماس.
“اڄ ته سترھين آهي؟ پوءِ ڇا ٿيندو؟”
“پندرهين ايندڙ مھيني جي!” خشڪ نڙيءَ ۽ چپن مان آواز نڪتو.
“پوءِ هينئر تڪڙ؟!”
“اڄ ئي ڪنڊياري موٽي وڃڻو آهي. انھيءَ نمبر جي ڪري خواه مخواه رهڻو پوندو.”
“پوءِ اسان کان پرينھن وٺي وڃجو!” خشڪ لھجي ۾ چيائين.
“هاڻي!” چڙ مان چيومانس؛ “مٿينءَ ڪورٽ به اهو ئي فيصلو ڪيو هو.”
“مٿين ڪورٽ؟”
“توهان جو پٽيوالو ........ ! خير توهان جي مرضي.” هٿيار ڍرا ڪندي چيومانس.
“هاڻي! پرينھن وٺي وڃجو ..... 19 تاريخ” ائين چئي درخواست کڻي ٻاهر آيس. ڀرسان ئي ڪلارڪ جو ڪمرو هو. جنھن ۾ ٽي واندا ڪلارڪ ويٺا هئا. هڪڙي ڪلارڪ کي درخواست ڏيندي چيم؛ “سرٽيفڪيٽ کپي!”
“19 تاريخ جو آرڊر ٿيل آهي. پرينھن اچجو!” ان ورندي ڏني ته مٿان پٽيوالو وڌيڪ اضافو ڪرڻ لاءِ اندر داخل ٿيو؛ “صاحب کي پھرين گهٽ وڌ جواب ڏنائين، تنھن ڪري ٻه ڏينھن ليٽ جو، صاحب آرڊر ڪيو اٿس.”
“تنھنجو صاحب سون جو ٺھيل آهي!؟! اهو جيئن چئي تيئن ٺيڪ آهي. باقي مون حق سچ چيس ته؛ ان کي گھٽ وڌ ڳالھايم!” يارن جي باهه ٻارن مان ڪڍندي، ٻاهر نڪتس. مظفر سان گڏجي ڪيفي شيراز ڏي آيم. اتان کيس ڊي سي آفيس وڃڻو هو ۽ مون کي موري جي بس پڪڙڻي هئي.
“مون تو کي چيو پئي ته مون کي ساڻ وٺي نه هل! مون پٽيوالي کي خرچي نه ڏني هئي. اها ڪسر تو مان ڪڍي ڇڏيائين.” مظفر چيو.
“خير آهي! جيڪو ٿيڻو هو سو ٿيو. تنھنجو ان ۾ ڪو ڏوهه ناهي.” ورندي ڏنيمانس.
ڪيفي شيراز وٽ پھتاسين ته پريان اسان جو ڪلاس فيلو دين محمد پئي آيو. نظر پوندي ئي ڀڳو آيو. ملياسين. خوش خير عافيت کان پوءِ ساڳيو مسئلو بيان ڪيائين؛ “يار! اليڪشن سرٽيفڪيٽ کپي!”
“اسان هاڻي جک ماري اتان ٿا اچون. تون به وڃي مار!”
“يار ائين نه ڪيو. هاسٽل جا يار آهيون. مونکي راهه ڏسيو!” التجا ڪيائين. سندس ڳوٺ نوشھري جي ڀر ۾ هو. صبح سان اتان آيو هو.
“مون کي ته فارم کڻڻو آهي. ٻه ڏينھن جک ماريندي ضايع ٿيا آهن. مان ته اوڏانھن ٿو وڃان. باقي هيءُ هاڻي واندو اٿئي. ساڻ ڪري وڃينس.” مظفر ٻنھي کان موڪلائيندي، ائين چيو.
“مون کي ڳوٺ وڃڻو آهي. هاڻي جهيڙو ڪري آيو آهيان. سو مان نه هلندس. تون وڃ، ٻه ٽي روپيا پٽيوالي کي خرچي ڏيندين ته ڪم ٿي ويندئي.” مون کيس چيو.
“نه يار! مون سان هل! مون کي پروسيجر جي خبر ناهي. تون ٿي آيو آهين. منھنجي مدد ڪر.” ڳڪ ٿي پيو.
مجبورًا ساڻس هلڻو پيو. اتي پھچي سندس لاءِ درخواست لکيم. ٻه روپيا ۽ درخواست، پٽيوالي کي ڏيندي چيائين. “ٽڪلي هڻي صاحب کي ڏي!”
پٽيوالي کيسي مان ٽڪلي ڪڍي، درخواست تي هنئي. دينوءَ مون کان لڪائي کيس پنجڙي ڏني. اتفاق سان منھنجي نظر پئجي ويس. وڌيڪ چوڻ لڳس؛ “صاحب کي پارت ڪجانءِ پري کان آيو آهيان. اڄ ئي موٽڻو آهي.” پٽيوالو درخواست کڻي اندر ويو. گهڙيءَ کانپوءِ اندران، چِخ هٽائيندي اڌ ٻاهر اڌ اندر هوندي رڙ ڪيائين؛ “سائين جي هن کي سرٽيفڪيٽ ڏيندؤ ته پوءِ هُن ٻئي کي به ڏيڻو پوندؤ! جيئن وڌيڪ توهان جي صلاح.”
“ڪير آهي؟ ٻنھي کي اندر سڏ ڪر!” اندران صاحب جو ڀڻڪو ڪنن تي پيو.
“بابا! جي چئين ته هن کي سرٽيفڪيٽ ڏيان ته پوءِ تو کي پرينھن ملندو! جي نه! ۽ تنھنجي مرضي به اڄ آهي ته پوءِ ٻئي ڪم ڪو نه ٿيندا ۽ ٻنھي کي پرينھن سرٽيفڪيٽ ملندا!”
رنڊڪ ٿيڻ فضول هو. جڏهن ته درخواست مون اڳ ۾ ڏني هئي. اڳ ۾ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ منھنجو حق هو. ان کان علاوه ٻئي درخواستون منھنجي ئي هينڊ ۾ لکيل هيون. ان هوندي به آفيسر کي منھنجو خيال نه هو. بھرحال دليل ڏجن ها ته گهڻا هئا. هاڻي دليل ڏيڻ، معنى دينوءَ جي ڪم ۾، ڪباب ۾ هڏي ٿيڻ هو. پھرين دينوءَ ڏانھن ڏٺم پوءِ صاحب ڏانھن ڏٺم ۽ کيس چيم؛ “منھنجي ڪري هن جو سرٽيفڪيٽ نه روڪيو. کيس اڄ ڏيندؤ ته مان ناراض نه ٿيندم.”
“پوءِ تون پرينھن وٺي وڃجانءِ. باقي هن کي هنيئر ئي ٿا ڏيون.”
“ٺيڪ آ، جيڪا توهان جي مرضي.” مون خاطري ڏنس. جنھن کان پوءِ دينوءَ جي درخواست تي سترهينءَ جو آرڊر هڻي، پٽيوالي کي ڏنائين. ٽئي ڪمري مان ٻاهر آياسين.
“ڏس! صاحب هن جو ڪم ڪيو نه! جي تون ائين صاحب سان پيش نه اچين ها ته تنھنجو ڪم ڪو نه ٿي وڃي ها!” پٽيوالي وضاحت ڪندي مون کي چيو. سندس انھيءَ جملي تي اکين آڏو دينوءَ وارا لڪائي ڏنل پنج روپيا ڦرڻ لڳا. ڏاڍي خار آئي.
“صاحب کي مون ڪجهه ڪو نه چيو هو. پر تو کي ٽڪر ڪو نه وڌو، جنھن ڪري منھنجو ڪم نه ٿيو. تو کي ڀاڙ پوي ها ته ڪم ڇو نه ٿئي ها؟!!” غصي ۾ چئي، ڏاڪڻ مان اڪيلو تيز تيز لھي آيس.

No comments:

Post a Comment