Saturday, December 3, 2011

هٿ جي وڍي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


هٿ جي وڍي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڏهن ڏينھن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ، جڏهن سنگتياڻيءَ ڊوڙندي اچي ٻڌايس؛ “تو وارو پٽ لڌو آهي!” تڏهن پٽڻ ڪٽڻ بند ڪري، وائڙن وانگر، اشارن ۾ پڇيائينس؛ “ڪٿي آهي؟!”
مڙسھنس به تڏي تي حُقي ڦوڪ ڀريندي ڪن اپڙا ڪيا.
“واه تي!” آيل ٺھه پھه وراڻيندي، پويان پير ڪيا. نياپو آڻيندڙ مائيءَ جو گهر، سڏ پنڌ تي، واه جي ڪپر تي هئو.
ٻئي زال مڙس، خوشيءَ ۾ نعرا هڻندا، جهمريون پائيندا، پنھنجي ٻارنھن سالن جي جوان، گم ٿيل پٽ کي وٺڻ لاءِ ڀڳا. سندن نعرن ۽ بغاغي تي، سڄي ڳوٺ جا ننڍڙا توڙي وڏا، خوشيءَ ۾ دلا ۽ ٿالهه وڄائيندا نڪتا.
“ڪاٿي آهي منھنجو دلبر پٽ!؟ مون کي ڏيکاريو!” ڪپر وٽ پھچندي، سنگتياڻيءَ کان پڇيائين. ڪپر واري سلامي چڙهي، ٽاپ تي پھتي ته بيھوش ٿي ڪري پئي. اڳيان سڃاڻپ ۾ نه ايندڙ، پاڻيءَ سان ڦوڦراٽيل ۽ ڦوڪيل لاش پيو هيو. لاش جي ڌپ، هاڻ ساڙي رهي هئي.


مايون تريون مھٽڻ لڳس. سرت ۾ ڪا نه آئي، جو پٽ جو بوٽ ۽ ڪپڙا سڃاڻندي، مڙسھنس به وڃي سنئينءَ چوٽيءَ دٻڙڪو ڪيو. ماين ۾ ريھاڙ ۽ ٻارن ۾ ٻاڪار پئجي ويو.
دلا ۽ ٿالهه کڻي ايندڙ، لاش جا ڪانڌي ٿي پيا.
ڏهن ڏينھن اڳ، دلبر کير جي ساڙهي ڀري، شھر کپائڻ ويو هئو. نئينءَ مان ڪو نه ويو هئو. ويندڙ هيو، اڄ سوڌو گم هيو. ان ڏينھن عيد جو ٻيو ڏيھاڙو هيو. شھر ۾ رڇ بڇ به هئي. بڇ ٽُٽڻ کان پوءِ به دلبر نه آيو. ماءُ کي ساري رات الڪو رهيو.
ايترو ننڍو به نه هيو جو رستو ڀلجي وڃي. ساڻس ٻيا به ڳوٺ جا کير وارا گڏ هيا. بڇ تي به گڏ هئس. سي به ڪا مُھندون کير مَٽي گهر پھتا هيا. کانئن رات جي پيٽ ۾ ئي پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو؛ “دلبر اسان سان هليو هيو، پر پاريچا مائٽ ساڻس رَليا ته ڳچ وقت تائين، ساڻن گڏ هيو. پوءِ جي اسان کي خبر ناهي. الائجي ساڻن پار هليو ويو يا وچان ئي ٻئي پاسي ويا. خدا کي خبر آهي!”
پڻھس ٻئي ڏينھن پار ويو. اتي کيس خبر پئي؛ “دلبر اسان سان رَليو ته هيو. گهڙي سوا ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ ڇڄي ويو. سمجهيوسين ته ڳوٺ جا کير وارا ساڻس گڏ آهن. انھن سان رليو ڳوٺ ويو. اسان کي به واپس موٽڻو هئو، تنھن ڪري ڏانھنس گهڻو ڌيان ڪو نه ڏنوسين. وري به دلجاءِ ڪر! اسان کي ڪٿان سڻس پئي يا دلبر هت آيو ته ٿڏي تي رجوع ڪبس.”
ڪجهه ڏينھن کانپوءِ، پارئون نياپي جي جواب ۾ نياپو آيو؛ “دلبر هن تر ۾ ناهي. ايڏانھن جانچ رکوس.”
وڏي ڳولھا کان پوءِ به دلبر هٿ نه آيو.
اڄ وڏي انتظار کان پوءِ، کين دلبر جو لاش مليو آهي. جنھن کي دفنائڻ لاءِ، ڳوٺ جي ڀر واري قبرستان ڏانھن کڻي آيا آهن.
ڳوٺ ۾ قھرام متل آهي. ننڍي وڏي ۾ هائث پئجي ويو آهي. ڳوٺ ۾ اهو پھريون واقعو آهي، جنھن معصوم نوجوان کي بيدرديءَ سان گهٽا ڏئي، سندس لاش ڪئنال ۾ اوڀارو بيھي، لوڙهيو ويو آهي. ائين ڪرڻ سان لاش ته مائٽن کي مليو آهي پر عبرت به ڏاڍي ٿي اٿن.
گمشدگيءَ جي رپورٽ، ٿاڻي ۾ درج ڪرايل هئي. پوليس به اطلاع ملڻ تي، اچي جاءِ واردات تي حاضر ٿي. لاش قبرستان لڳ پھچي چڪو هئو. نِھارُن، جنازو لاڙي، وڏيري جي اوطاق ۾ نيو. سپاهيءَ ۽ جمعدار صاحب، اتي ئي ڪاغذي ڪار-روائي ڪئي. جنھن کي جھڙيءَ طرح خبر هئي، تنھن تھڙيءَ طرح بيان قلمبند ڪرايو. ڳوٺ جي وڏيري ۽ چڱي مڙس بيان هيئن قلمبند ڪرايو:
“ادا! جمعدار صاحب! اسان کي لاش لڙهندي هٿ آيو آهي. خبر ناهي ته ڪنھن ڪٿان لوڙهيو آهي. اهو ته لاش مان ئي ظاهر آهي ته کيس، اول گهٽا ڏئي ماريو ويو آهي. بعد ۾ ڪئنال ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي. لاش جي حالت ٻڌائي ٿي ته ڪافي وقت پاڻيءَ ۾ رهيو آهي. يا گهڻو پري کان اڇلايو ويو آهي، يا پاڻيءَ ۾ ڏينھن اڌ جهلي پوءِ ويجهي کان ڇڏيو ويو آهي. واردات ڪرڻ وارا ڪھڙي به نموني سان واردات ڪري سگهن ٿا. لاش ترندي هٿ آيو آهي. توهان کي خبر آهي ته لاش چوويھن ڪلاڪن کان پوءِ ئي ڦوڦراٽجي ترندو آهي. مطلب ته لاش کي، پاڻيءَ ۾ چوويھه ڪلاڪن کان مٿي وقت گذريو آهي. مٿي، ڪنھن سان دشمني به ناهي. ڪنھن جو نالو کڻون. ٻڌائڻ وارا به اعتبار جھڙا ماڻھون آهن. شڪ ڪرڻ جھڙا ناهن.” سرگوشي ڪندي جمعدار صاحب کي چوڻ لڳو؛ “هونئن به اصول آهي ته ڏوهي گلا ۽ ڪارنھن جو ٺڪر پاڻ تي نه کڻندو آهي. ٻڌائڻ وارا به غريب آهن ۽ اسان جو مرڻي پرڻي رستو اٿن. وڏا هڏ ڏوکي آهن. اڄ جو به نه پر ايامن جو ساڻن رستو آهي. منجهن نه اڳي ڪا اهڙي شيءِ نظر آئي آهي ۽ نه ئي هاڻي ڪو شڪ آهي. مدي من ۾ هجين ها ته اطلاع ئي نه ڪن ها. هٿانهين لاش ئي لھوارو لوڙهي ڇڏين ها. شابس اٿن. لاش ڪڍيو اٿئون. سڃاڻي وري اطلاع ڪيو اٿائون. هيستائين گڏيا آيا آهن.”
وڏيري بيان کي اڃا ڊگهو ڪندي چوڻ شروع ڪيو ته؛ “دلبر جي پيءُ جي به ڪنھن سان اچايل ناهي. ويچارو پاڻ به نه آهي مئن ۾، نه آهي جيئرن ۾. چار ئي پھر اٿس اهو تڏو ۽ اهو حقو. دل چويس ته ڍڳن کي گاهه مُٺ وجهي، نه ته اها به سندس گهر واري وڃي وجهي.”
وڏيري ساهي پٽڻ کانپوءِ چوڻ شروع ڪيو؛ “باقي رهي ڳالهه خونين جي، اسان به وس آهر ڪوشش ڪنداسين ۽ ايڏانھن اوهان به ڪوشش ڪجو.” ڀڪوڙيل مٺ جمعدار جي هٿ ۾، هٿ ملائڻ واري انداز سان ٿمائيندي چوڻ لڳو؛ “جمعدار صاحب! دلبر جو پيءُ تمام غريب آهي ۽ مٿان سندن وڏو نقصان به ٿي ويو آهي. توهان به ڏوهه نه ڪيو. ڀاڙا ڪرايا ڪري هتي آيا آهيو. خرچ پکي جي چٽي توهان ڇو ڀريو؟ اسان ڇا لاءِ آهيون. اڄ ڪم نه اينداسين ته ڪڏهن ڪم اينداسين. بس اڳتي جي پارت هجيو.”
جمعدار مڇ تي هٿ ڦيريندي چيس؛ “رئيس الھندا خان! بس تون فڪر ئي نه ڪر! جوابدار سمجهه ته چاوڙيءَ ۾ سوگها آهن. اسان اٽي مان وار ڪڍي ڄاڻندا آهيون. توهان اتي پنھنجو پورو وس هلائجو، هيڏانھن ڪسر اسان به نه ڇڏينداسين. اميد ته جوابدارن جون ڌڄيون ئي اڏائي ڇڏينداسين.”
اوطاق جي ٻاهران بيٺل ٽانگي تائين، جمعدار کي الھندو خان ڇڏڻ آيو. موٽي اچي ڳوڻين ۾ ويڙهيل لاش کي دفنائڻ لاءِ قبرستان ڏانھن کڻايائين.
جيئن تيئن نِھراج ٿيو ته نِھارُو اچي ڌڱاڻي جي گهر مڙيا. مردن ساڻس وات ڀلائي ڪئي ته زالن جوڻس سان. پاڻ ته ٽاڙهيون ڪري پئي رنو ۽ خونين کي جهول کڻي پئي پٽيائين. رکي رکي هيانءَ پريٽجي پئي ويس ۽ ڍڪرجي ڪريو پئي ته ماڻھن پاڻي پئي وڌس. سرت ۾ آيو پئي ته وري ساڳي ڪھات شروع پئي ڪيائين:
“او! منھنجا ابل! او منھنجا پنھل پٽ! اوءِ! او منھنجا پنھل دلبر پٽ! اڙي تو کي ڪنھن ماريو. تو سان اهو ڪنھن قِيس ڪيو ..... تو ڪنھن جو ڇا ڪيو؟ ..... نالو لھيس تو سان ڪيئن ڪري ويا ..... اڙي مون سان انڌير ٿي ويو ...”
اکين ۾ ڳوڙهن اچڻ سان، اها ڪھات شروع پئي ڪيائين، بيھوش ٿيڻ تي ختم پئي ٿيس. دلبر ماءُ به اوهاري اوهاري، ماين جي هٿن مان ڄڻ نڪتي پئي وئي. ڪپڙا ڦاڙي، زارون زر پئي رُني ۽ پاراتا ڏنائين. مايون کيس چنبڙيل هيون، تن ته هٿ پئي روڪيس. ماين کان علاوه ٻه ننڍڙا جيتامڙا به کيس چنبڙيا پيا هيا. اهي به انھيءَ هائث ۾ ششدر ۽ ڊيڄوڙي-وتا ٿي ويا هيا. نڙيون گهوگهريل ۽ آواز دٻيل هين.
وڏيرو الھندو خان، ڌڱاڻي سان وات ڀلائي ڪندو ۽ آٿت ڏيندو، اچي دلبر ماءُ مٿان بيٺو. مائيءَ جي حالت ڏسي رحم جو جهٻو آيس. مٿي تي هٿ رکندي، جهڪيل ڪنڌ سان کيس دلداري ڏيڻ لڳو؛ “بابا! امان! جيجان بس .....” سندس ايترن لفظن تي دلبر ماءُ ٽاڙهه ڪري نئين سر روئڻ شروع ڪيو. چڱي جهٽ روئي بس ڪيائين ته وڏيري وري چوڻ شروع ڪيو: “بابا! وئيءَ شيءِ لاءِ ايترو روئبو ناهي! خدا جي شيءِ هئي، خدا گهرائي ورتي. آمنا مڃڻي پوندي. قادر جي ذات ڏاڍي آهي. اهو قھار ڪيئن به وٺي، پڪو پٽي يا ڪچو، سندس زور آڏو زاري آهي. هينئر پٽڻ ۽ روڄ راڙي ڪرڻ مان ڪي ڪين ورندو! رني راس نه ٿيو آ بابا! ..... بس ڪر ! ..... امڙ!”
هنڌ اهو سڙي، جتي باهه ٻري. نصيحت جذبات جي مٿان يڪدم غالب نه پوندي آهي. وڏيرو نصيحت ڪيون نڪتو ھليو ويو. گهر ۾ اهو ڏينھن، ڏاڍو روڄ رهيو. پاڙي وارن کان آيل مانيءَ جو، ڪنھن به گره نه وڌو. سڄي گهر جي ڀاتين جو اندر ئي تئيل هيو. ههڙي حال ۾ ڪنھن کي ماني وڻندي. ٻار به بک تي سمھي پيا.
فڪرات ۽ ڳڻتين ۾، ساري رات ڌڱاڻي کي ننڊ ئي نه آئي. اک لڳس پئي ته ڀوائتا خواب ۽ ڏيکاريون پئي آيس. يڪدم ٽاه کائي پئي اٿي ويٺو. وري سوچن ۾ گم ٿي پئي ويو؛ “نه ڪنھن سان ليڻي نه ديڻي. نه ڪنھن جو نانءُ نه نيسڻ ڳڌوسين. پوءِ هي قھر ڪيئن ٿيو ... نه ڪنھن سان کؤنس، نه دنگو فساد. وري جي دشمني ته ايڏي دشمني جو جيتامڙي کي ام کان اماڻي ڇڏيائون!” دلبر جو نالو زبان تي اچڻ سان منھن گهنج هڻي پئي ويس. وڏو ساهه ڀرڻ سان گڏوگڏ درهڙي نڪري پئي ويس.
رات کي به گذرڻو هئو، سا به پنھنجي مداءَ تي پوري ٿي وئي.
ٻيو ڏينھن ۽ ٻي رات به حسبِ فطرت آيا ۽ گذري ويا. پاريچا مائٽ به ان ڏينھن اچي پھتا. انھن کي به قتل جي باري ۾ خبر نه هئي. نياپي تي اچي پھتا هئا.
انسان نرڄو آهي. جيتري عمر هوندس، تيتري چوڙي مرندو. هن جھان ۾ جيئڻو آهي، ماڻھن سان ماڻھن جھڙو ٿي رهڻو پوندو. خيال، ڳالھيون ۽ حالتون به، قدرتي بدلجي وڃن ٿيون. ٻين ٻچن جو خيال ۽ پيٽ گذر به ڌڱاڻي جي خيالن ۾ مٽيو. ٻن ٽن مھينن ۾ حالتون حالتن جھڙيون ٿي ويون.
اونھاري جا آخري ڏينھن هيا. چنڊ جي مھيني جي به آخري هفتي جا پھريان ڏينھن هئا. رات جو وچون پھر هو. ڳوٺ جون گهٽيون سنسان ۽ گهرن جي مٿان چپڙا چپ ڇانيل هئي. ڌڱاڻي جي گهر ۾، سڀني ڀاتين جون کٽون، ڪوٺي جي اڳيان اڱڻ تي پيون هيون. اڳيان پڌر هئو. جنھن ۾ مال ٻڌل هئو. انھن ۾ ماٺ ڇانيل هئي. ڄڻ راڪاس گهمي ويو هيو. ڄڻ وحشت پنھنجا کُپ کنيا ئي نه هئا.
ان ماٺار کي هڪ سينڍ جو آواز چيري چاڪ ڪري ويو. ٻين ۽ ٽين سينڍ، مٿان لڳي. جيستائين سينڍ جي گهربل موٽ نه ملي، تيستائين ته ان کي به وڄڻو هئو. ڌڱاڻي جي اڱڻ ۾ رکيل کٽن تان، هڪ پاڇولو نڪتو ۽ سنڀالي سنڀالي هلڻ شروع ڪيائين. پير پير ۾ پائي، بنا آواز، اهو هيولا لوڙهي جي ڪنڊ وٽ اچي بيٺو. کڙھ بجاءِ، وچ لوڙهي وٽ بيھڻ، ڪجهه عجيب هيو. اتان لوڙهو ڪجهه جهُڪيل هيو، ايترو جو ٻه ماڻھو آمھون سامھون بيھي هڪ ٻئي سان ڳالھائي سگهن.
“تون هاڻي آيو آهين!” ڏک ۾ ڀريل، هيولا جو آواز هيو. اها دلبر جي ماءُ هئي، جيڪا سينڍ جي سڏ تي، بسترو ڇڏي آئي هئي.
“جي آيس ته ڇا ٿي پيو؟” ٻاهران مرداڻو آواز آيو. اهو وڏيري الھندي خان جو ڪمدار آچر هيو.
“اسان اڃا پٽ جي جدائيءَ جو درد ئي نه پيتو آهي. تون وري سور جاڳائڻ آيو آهين ڇا؟”
“هينئر آيم ته ڇا ٿي پيو؟ تو لاءِ نئون ته ڪو نه آهيان؟ اهي مامرا ته پيا ٿيندا آهن. انھن ڳالھين جي ڪري ائين دل کڻي وڃبي آهي ڇا؟”
“پڻھس به روئي روئي اڌ ٿي ويو آهي. هڙٻاٽيون وڃي بچيون اٿس. ان جي ٽھل ٽڪور مان ئي واندڪائي ڪا نه ٿي ملي. اندر جو سور الڳ آهي.”
“ڇڏينس انھيءَ کي. نه آهي ڪھڻ جو نه ڏهڻ جو. ڀلو انھيءَ ۾ آهي ته ان مان به جان ڇڏاءِ. هونئن به بار باري کڻندا آهن، ڪچن جو ڪم ناهي. جتي مان ڪم ايندو مانءِ، اتي اهو لِلو ڪم نه ايندءِ. هر تڪليف ۾ مون تي ٿا هٿ کُپني يا اٿئي ڪو ٻيو؟!”
“آهستي ڳالھاءِ! متان جاڳي پئي!” ڌمڪيل آواز نڪتو.
“جاڳي پيو ته ڪھڙو ڏونگر ڏاري وجهندو؟!”
“راڄ ۾ شنيدي اچي ويندي!”
“ڪنھن کي ساه آهي جو اسان کي شنيدي ڏيندو؟!!”
“اهو ئي ڏياريندءِ، جنھن سان هيترو قِيس ڪيو اٿئي. هاڻي ته ننڊ به ڪا نه ٿي اچيس. لاشڪ ته هينئر به جاڳندو هوندو. لڱن ۾ ست ئي نه اٿس، تڏهن چري پري ڪو نه ٿو .... مون تو کي ائين ته نه چيو هيو، جيئن تو ڪيو. هن مئي کي ته جيئري ئي ماري وڌءِ پر منھنجا آنڊا به وڍي ڇڏيئي.”
“مون به چيو پئي ته ٻه ٽي ڏينھن ٽاري ڇڏيونس. پر دٻاءُ وڌي ويو. واپس پيا ڪيون ته هتي اچي بڪي ها. ڇو جو هڪ اڌ کي سڃاڻي ورتو هئائين. اسان جو مرئون، تنھن کان کيس ئي ام کان اماڻي ڇڏيوسين. رستي مان رڪاوٽون هاڻي صاف آهن. جيڪڏهن ڌڱاڻو به رستي روڪ بڻيو ته سندس انجام به اهو ئي ٿيندو. آخرڪار وڏيري الھندي خان جو ڪمدار آهيان. ڪا هلڪي ڦلڪي شيءِ ته ناهيان. مان شينھن آهيان، شينھن وانگر وڏا شڪار ڪندو آهيان. ڪانون وانگر چچڙ پٽي نه کائيندو آهيان.”
گهڙي ترسي وري چوڻ شروع ڪيائين؛ “وڏيرو ميڇ ڏئي ته مڙسنھن جا ٿڏا ئي پٽرائي ڇڏيان. پٽھن جو حشر ڏٺئي؟! ڪاٿي آهي؟! الھندو خان جيئرو آهي ته پوءِ ڪنھن جي ڪھڙي مجال آهي. رئيس جا ماڻھو ته هيا، جن رڇ بڇ مان کنڀي کنيس. شڪر جو وري لاش به مليئي. لھوارو لوڙهيونس ها يا پيٽ ڦاڙي، واري ڀري اڇليونس ها ته ياعمر لاش به نه ملئي ها. اڃا به ٽال مٽول ڪيئي ته ياد رک! اڃا ٻه پٽ اٿئي. هڪ هڪ ٿي ائين هليا ويندءِ.”
“تو کي ائين نه جڳائيندو هيو. جڏهن مان توسان سچي هيس ته پوءِ تو اجايو پاڻ کي ظاهر ڪيو. دلبر ٻار هيو، اسان کان ڪيڏانھن وڃي ها. آتاري آتاري راضي ڪيونس ها. هاڻي ته منھنجا وسلا ئي جلائي ڇڏيئي. مٿان وري ڌمڪيون ڏيڻ آيو آهين. ٻڏي نه ٿو مرين!”
“منھنجي آڏو جيڪو آڏ بڻجندو، تنھن کي فنا ڪري ڇڏيندس. ناسور کي پاڙان اکيڙي نه ڪڍبو ته جان نه ڇڏيندو. مون سڀڪجهه ٺيڪ ڪيو آهي. ڇوري پاڻ کي هڪ دفعو ڏسي ورتو هئو. تو کي خبر آهي؟! ان کان پوءِ سدائين ڪھاڙي کڻي هلندو هيو. هو ڌڪ هڻي يا مان، نيٺ ته بدنامي ٿئي. انھيءَ خلق خواريءَ کان ائين ڪرڻ بھتر هيو.”
ڳالھائي ئي رهيو هيو جو دلبر ماءُ جي پويان، دٻڙڪو ٿي ويو. گڏوگڏ روڙ به ٿي. اهو آواز ڌڱاڻي جو هيو.
آچر ٻاهران ئي ٻنين ۾ وڃي لڪيو. دلبر جي ماءُ ٿڏي تي مُڙي ۽ ڪريل مڙس کي راڙ و راڙ ڪري، چنبڙي وئي. ٻار اُٻاٻ اُٻاٻ ڪري اٿيا. مال ۾ ٽاه پئجي ويو. وڻن تي ستل پکين ۾ چيھاٽ پئجي ويو. گهٽين ۾ ستل ڪتن ۾ داهوڙ پئجي وئي. سڄي ڳوٺ ۾ راڙ و راڙ ٿي وئي. اوڙو پاڙو اچي ڌڱاڻي جي گهر مڙيو. ڌڱاڻي کي ڏندڻ پئجي ويا هيا. ٽنگو-ٽالي ڪري اچي کٽ تي ليٽايائونس. ڏندڻ ڀڳائونس ته نيم بيھوشيءَ ۾ وڦلڻ لڳو؛ “هائي! منھنجو دلبر! اڙي ظالمو! منھنجو دلبر پٽ!........ الا!” وري بيھوش ٿي ويو.
“ڇا ٿيو؟! ...... ڇا ٿيو؟! .....” وڏيري الھندي خان سھڪندي اچي پڇيو.
“ادا! دلبر جي پيءُ کي شايد ڏيکاري آئي آ، يا ڪو ڊيڄڙو ٿيو اٿس. پھرين ته رڙ ڪيائين. پوءِ لوڙهي ڏانھن ڀڳو. مان جيستائين اٿان اٿان، تيستائين مال جي ڪلي ۾ وڃي وچڙيو. وچڙندي ئي ٿاٻڙجي ڪريو. اها مھل هيءَ مھل، بيھوشيءَ جا دؤرا اٿس، ڏندڻ به ڀڳا اٿئونس.
“تريون مھٽيوس! پير مھٽيوس!” وڏيرو ٻين همراهن کي چوڻ لڳو؛ “بابا اللھ خير ڪندو! مڙس کي صدمو آيل آهي. الله خير ڪندو! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.”
ڌڱاڻي جي زبان تارونءَ سان لڳل هئي. تارا ڦاٽل، سينو اڀاميل هئس. ڄڻ ڪجهه ڳالھائڻو هجيس. پر سندس زبان مان آخر تائين اکر نه اُڄهيو.

No comments:

Post a Comment