Thursday, November 11, 2021

آخري گناھ - دريا خان شنباڻي

آخري گناھ

مختصر ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



وڏيري اڱڻ خان، رئيس راهب کي ٽوڪ هڻندي چيو؛ “ڇڏ رئيس هاڻ جڏھن گوڏن ۾ طاقت نه رهي ٿئي ته ڦري مسجدن جا پاسا کنيا ٿئي”

“وڏيرا هاڻ سچ پچ پاڻ کان اهي سڀ ڪم ويا، جيئن اڳ ۾ بي ڦلڪا ٿي ڪندا هياسين.”

“اسان کي ته ڏس! اڃان شوق ڪندا پيا اچون... سچ ٻڌايائين ته پاڻ کي شميءَ هڪ ڀيرو ٻيهر جوان ڪري ڇڏيو آھي.”

لمحے جو سواد - شاہد حنائی

لمحے جو سواد

شاہد حنائی



کتاب: لمحے جو سواد (سندھی افسانے)

افسانہ نگار: رزاق سہتو

ناشر: کویتا پبلی کیشن، 9-رابی چیمبر،کورٹ روڈ،حیدر چوک، حیدرآباد-سندھ

افسانہ نگار رزاق سہتو کا نام گذشتہ عیسوی صدی کی آخری دہائی میں اُبھر کر سامنے آیا۔ انھوں نے مسلسل کہانی لکھ کر سندھی افسانے کے فروغ میں حصہ داری کی۔ انھوں نے سندھی کو کئی عمدہ افسانے دیے ہیں۔

زیرِ نظر کتاب رزاق سہتو کے 24 افسانوں مشتمل ہے۔اندرونِ کتاب ماہتاب محبوب،موہن مدہوش، رسول میمن، بشیرمنگی اور تاج بلوچ کی آرا شامل ہیں۔

Wednesday, November 10, 2021

ڪوئلي جي ڪاراڻ - غفار سومرو

ڪوئلي جي ڪاراڻ

(مختصر ڪهاڻي)

غفار سومرو



ننڍڙي شھر جي هر پاڙي هر گهر جي، هر جوان ڌيءُ جي پيءُ جو مٿو اگهاڙو، ڪنڌ جهڪيل، هٿن ۾ رڦڻي ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي هئي. اکيون ڏرا ڏيئي ويل ۽ زبان تي خاموشيءَ جو تالو لڳل هو ۽ ڪنن ۾ ڄڻ ھزارين لکين سڄ ڄاول معصوم ٻارڙن جون هٿ پير هڻندي، ريهون، ڪيڪون ۽ دانهون گونجي رهيون هيون. پيئرن مان هر ڪو ڄڻو ٿڪل ٿڪل وياڪل وياڪل تيز ڌڙڪندڙ دل سان، مڻ مڻ وزني ٿي ويل  پير گهليندو پنهنجي پنهنجي گهر جو دروازو ٽپي اڱڻ اورانگهي پنهنجي جوان ڌيئرن کي جهڪيل ڪنڌ کڻي ٽيڏي نظرن سان ڳولهي رهيو هو.

اڀوءِ - آخري ڪهاڻي - غفار سومرو

اڀوءِ!

آخري ڪهاڻي

غفار سومرو



“حال ڏي!”

“جيڪو پڇين”

ڪالھ جو همراه جي پٺيان لڳو وئين، ڪو چاڙھو ٿيو؟”

“ڪٿي يار! رڳو دوکو هو.”

“جائي ٻڌاء.”

لٿو لڙ - عبدالغفار سومرو

لٿو لڙ

(مختصر ڪھاڻي)

عبدالغفار سومرو



ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اڄ شام جو، هو جيئن ئي گهر ۾ گهڙيو، سندس زال کيس ڏسنديئي ٻوٿ بڇڙو ڪري ڪٽيل سبزي جي ٽوڪري ۽ ڇري کڻي رڌڻي ۾ هلي وئي، هو ماءُ سان پيرين پئي مليو،  اڄ هن به کيس گهڻي گرم جوشيء سان ڪونه کيڪاريو، رسمي خوش خير کان پوءِ، ٿيلهو کڻي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو، ٿيلهو ٽيبل تي رکي، بوٽ لاهي پلنگ تي ويهي رهيو، سامهون ڀت تي لڳل ايل سي ڊي تي خبرون هلي رهيون هيون هن ريموٽ کڻي چينل مٽائڻ شروع ڪيا، هڪڙي چينل تي اردو جي مشهور ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين تي ڊاڪيومينٽري هلي رهي هئي، ڪو ماڻهو هن جي ڪهاڻين تي ڳالهائي رهيو هو، هن کي ڳالھ ڪونه وڻي، چينل  مٽايائين پنجابي مجرو پئي هليو،  جنهن ۾ هڪ  ٿلهي وزني ٻٻر جي بنڊ جهڙي عورت ٺينگ ٽپا ڏيئي پاڻ تي خلق پئي خلائي ۽ ڏسندڙن جي خون جي گردش پئي وڌائي، جلدي ۾ چينل مٽايائين، هڪ مذهبي ڄاڻ وارو پروگرام پئي هليو جنهن ۾ هڪ مولانا صاحب زالن جي حقن بابت ٻڌائي رهيو هو، هو پورو پنو آواز ڏيئي ريموٽ ڀر ۾ رکي وڏي غور سان پروگرام  ٻڌڻ لڳو، جڏھن پروگرام ختم ٿيو ته هو اٿي رڌڻي ڏانهن هليو ويو جتي سندس زال رات جي ماني پچائڻ ۾ مصروف هئي. 

پشم گولا - غفار سومرو

پشم گولا

ڪهاڻي

غفار سومرو



گهر اهڙا ڳُتيل جو گهر، گهر سان گڏيل، ڀِتيون ڀتين سان مليل، ڇتون ڇتن سان گڏيل، اڱڻ هڪ جيترا، نه گهڻا ويڪرا نه سوڙھا، وچان ننڍڙي ڀِت، ننڍڙا ڪمرا هڪ ٻئي جي اڳيان، ونگ تي کليل ورانڊو پڪين سرن سان اوساريل. سياري ۾ سرد، اونهاري ۾ گرم، هوا هوندي به گرمي، گهُٽ، ٻوسٽ، ڏينهن ته جيئن تيئن گذري وڃي پر رات جو سڀ ڀاتي سوڙهي اڱڻ  تي پورا نه پون! تنهن ڪري ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون ڇوڪرا ڪاٺ جي ڏاڪڻ چڙھي ڇت تي وڃي هيٺ رليون وڇائي سُمهن! قطار در قطار هِن گهر جون ڇوڪريون هُن گهر جي ڇوڪرين سان، هِن گهر جا ڇوڪرا هُن گهر جي ڇوڪرن سان، ڇت تي هلڪي ڦُلڪي هوا يا کُليل فِضا ۽ قِصا، ڪهاڻيون، لطيفه ۽ درسي ڪتابن جا بيت ٻُڌندي ٻڌائيندي سڀني کي روز اُتي ننڊ کڻي وڃي.

الا اُن م وسران - غفار سومرو

الا! اُن م وسران

ڪهاڻي

غفار سومرو



اڄُ رات سنگيتا جي نيڻن مان ننڊ، ائين ڀڙڪو ڏيئي اڏامي وئي هئي، جيئن هٿن ۾ جهليل ڪبوتر، هٿ ڍرا ٿيڻ سان کنڀ ڦڙڪائي، ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويندا آھن. ھوءَ مخمل جي وهاڻي تي مٿو رکيون، ريشمي، ڪارا، ڀمڀا وار، مور پنک جيان وڇايون، پير پٿاريون، بت مٿان هلڪي چادر اوڍيون، گلاب جي گلن سان جهنجهيل شاخ جيان بستري تي پئي هئي.