آخري گناھ
مختصر ڪهاڻي
دريا خان شنباڻي
وڏيري اڱڻ خان، رئيس راهب کي
ٽوڪ هڻندي چيو؛ “ڇڏ رئيس هاڻ جڏھن گوڏن ۾ طاقت نه رهي ٿئي ته ڦري مسجدن جا پاسا
کنيا ٿئي”
“وڏيرا هاڻ سچ پچ پاڻ کان اهي
سڀ ڪم ويا، جيئن اڳ ۾ بي ڦلڪا ٿي ڪندا هياسين.”
“اسان کي ته ڏس! اڃان شوق ڪندا
پيا اچون... سچ ٻڌايائين ته پاڻ کي شميءَ هڪ ڀيرو ٻيهر جوان ڪري ڇڏيو آھي.”






