Thursday, March 10, 2022

ستار هليو جي ڪھاڻي ڪتاب ”ديبل جو سپاهي“ تي سرسري نظر

ستار هليو جي ڪھاڻي ڪتاب ”ديبل جو سپاهي“ تي سرسري نظر

سنڌي ڪھاڻيءَ جو سفر اڃان جاري آهي.

فقير محمد سنڌي



ديبل جي نالي ٻڌڻ سان سنڌي ماڻهن جو ذهن، وڃي ڪراچي کان ۳۷ ميل پري ڀنڀور جي هنڌ تي ٽِڪي ٿو، جتي قديم بندرگاهه آهي. مسلمانن، هندستان ۾ سڀ کان پھريان ان ئي بندرگاهه تي پنھنجو جهنڊو لھرايو هو ۽ هن ڌرتيءَ تي تقريباً ۳۳۹ سال قابض رهيا. اها تاريخ سنڌي سماج کي ناڪامين پوءِ وڏي حوصلي، وڏي دل ۽ وڏي دماغ تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. سنڌي قوم وٽ دليري اهو گڻ آهي، جنھن ۾ سموريون خوبيون سمايل آهن. زندگي هر شخص کي پياري هوندي آهي، پر بھادر ماڻهن لاءِ عزت زندگيءَ کان وڌيڪ پياري آهي.

Wednesday, March 9, 2022

ياد جي وِير - امداد ڪانهيو

ياد جي وِير

مختصر ڪهاڻي

امداد ڪانهيو



نظر کي دل جو دورو ٿي پيو ۽ هُو اچانڪ هليو ويو! نوبنو ماڻهو جي اچانڪ وڇوڙي جو يقين ڪرڻ ڪيڏو اوکو هو!

نظر جي تڏي تي ويٺي سڀن نظر جون ساروڻيون پئي ساريون پر جڏهن وڏيرو نياز اُٿيو ۽ پنهنجي گهر روانو ٿيو ته واحد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.

ڪھاڻي ڪتاب ’ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ‘ جمن احمداڻي نرالو ڪهاڻيڪار رزاق سهتو

ڪھاڻي ڪتاب ’ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالھ

جمن احمداڻي نرالو ڪهاڻيڪار

رزاق سهتو



ڪهاڻيءَ کي نوي جي ڏهاڪي ۾ جوان سال ڪهاڻيڪارن آڪسيجن ڏني. جن جي محنت سان هلندڙ دور يعني ۲۰۲۱ ۾ ساھ کڻي رهي آهي. نوي جي ڏهاڪي ۾ راءِ جڙي هئي ته ڪهاڻي مري چڪي يا ڪهاڻي آخري پساھن ۾ آهي. اهڙا ويچار انهن ڪهاڻيڪارن جا هئا، جن قلم پاسي تي رکي رڳو ڪهاڻيءَ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو هئو. اصل حقيقت، ان جي ابتڙ هئي. جهونن کان، ڪهاڻي رسي وئي هئي. کيس پرچائڻ ۾ ناڪام ٿيا ته اهڙا افواھ اٿڻ شروع ٿيا ته ڪهاڻي سَڪرات ۾ آهي. جڏهن ته ٿوري مقدار ۾ ئي سهي، ڪهاڻي لکجي رهي هئي. ڪجهه اديب ٺلهيون ڳالهيون ڪري، ادب جي اسٽيج سجائيندا رهيا هئا.

بک ناول جو اڀياس

بک ناول

يوسف سنڌي جو ترجمو ڪيل ڪتاب

صائمه کتري



ڪجھه ڏينهن کان موسمي بخار جي ور چڙهي ويس. سو ڪم کان به موڪل ورتم. بنهه واندڪائي ۽ بوريت ۾ سوچيم ته ڇو نه ڪو ڪتاب پڙهجي. ڪجهه ڪتابن جي ڳولا ڪندي ڪندي مهنجي نظر ۽ چونڊ نيٺ هڪ پراڻي ڪتاب تي پوري ٿي ۽ مون هي ڪتاب ٻن ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪري ورتو.

مصور حسين جي ڪتاب تي ھڪ نظر - خليق ٻگھيو

مصور حسين جي ڪتاب تي ھڪ نظر

(منير احمد ’ماڻڪ‘ جي ڪھاڻين جو تحقيقي اڀياس)

خليق ٻگھيو



ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ”ماڻڪ“ عرف منير احمد ميمڻ سنڌي ادب ۾ ڪنھن تعارف جو محتاج نه آھي. سندس شُھرت جي انيڪ سببن مان ھڪ وڏو سبب سندس خود ڪشي پڻ آھي، ڪيترن ئي تجزين، تحقيق ۽ ڳولا بعد به سندس خود ڪشي پوءِ به ھڪ معمو بڻيل رھي. جديديت جو دَور جو ھُو سنڌي ادب ۾ ھڪ اھم نالو ھو، جنھن سنڌي جديد ڪھاڻيءَ کي ھڪ الڳ رخ ڏيڻ جي تخليقي ڪوشش ڪئي. سندس اسلوب ۽ ٽيڪنڪ سنڌي ادب ۾ ھميشه ٽرينڊ ميڪر بحث طلب رھي آھي. سندس ڪيترا ئي ڪتاب ڏکين حالتن مان گذري شايع ٿيا. سندس مواد کي سھيڙيو ويو ۽ اڃان به امڪان آھي ته سندس ڪي تحريرون ادب جي منظر نامي تي ظاھر ٿي نه سگھيون آھن. تازو مصور حسين سندس شخصيت ۽ ادبي ڪم تي شاھ لطيف يونيورسٽيءَ مان ايم فل ڪئي آھي. سندس ايم فل جو عنوان ”منير احمد ”ماڻڪ“ جي ڪھاڻين جو تحقيقي اڀياس“ آھي. سندس ھيءُ تحقيقي پورھيو نومبر ٻه ھزار ايڪيھ ۾ ”رومي پبلشرز“ مان ڇَپجي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ٿيو آھي. مصور حسين پنھنجو ھيءُ ڪتاب، مون ڏانھن ڪِن دوست ھٿان موڪليو آھي، جيڪو تازو پڙھي ورتو اٿم.

Monday, March 7, 2022

امڙ - قدرت الله شھاب - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

امڙ

مختصر ڪھاڻي

ليکڪ: قدرت الله شھاب

مترجم: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



امڙ جي ڄم جو صحيح سال، معلوم ٿي نه سگھيو.

جنھن زماني ۾ لائل پور جو ضلعو، نئون نئون آباد پئي ٿيو ته پنجاب جي ڳوٺ ڳوٺ مان، مسڪين ماڻھو ٻنيون حاصل ڪرڻ لاءِ ھن نئين ڪالونيءَ ۾ جٿن جا جٿا ڇڪجي پئي پھتا. عام طور تي لائل پور، جھنگ، سرگوڌا وغيرھ کي ”بار“ (ساندل بار) وارو علائقو سڏيو ويندو ھيو.

Friday, March 4, 2022

شارلوٽ برانٽي - فوزيہ سنديلو

شارلوٽ برانٽي

مشهور ليکڪا

فوزيہ سنديلو



هن لکيو ته؛

 I am no bird, and no net ensnares me, I am a free human being with an independent will.

“مان ڪو پکيئڙو ناهيان جنهن کي ڄار قيد ڪري سگهي پر مان ته آزاد انسان آهيان خودمختيار، مرضيءَ واري.” وڪٽورين دور جي پدري سماج ۾ پاڻ کي آزاد انسان ۽ خودمختياري جي ڳالهه ڪندڙ شارلوٽ برانٽي Charlotte Bronte جو جنم ۱۸۱۶ع ۾ ٿيو. هن کي چار ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ هو. هوءَ گهر ۾ ٽيون نمبر ٻار هئي. ننڍڙي عمر ۾ ئي هن موت کي پنهنجي گهر طرف بانبڙا پائيندي ڏٺو. هن جي ڀيڻ Anne جي جنم جي ڪجهه وقت بعد، هن جي ماءُ گذاري وئي. ڪجهه سالن بعد هن جون ٻه وڏيون ڀينرون ماريه ۽ ايلزبيٿ به  ٽي بيءَ جهڙي خطرناڪ بيماري جي ور چڙهي ويون. ٻارن جي پالڻ لاءِ هنن جي ماسي کي گهرايو ويو. گهر جي اداسيءَ واري ماحول ۾ ٻارن، ڪتابي دنيا ۾ پنهنجي هڪ دنيا تخليق ڪئي.