ستار هليو جي ڪھاڻي ڪتاب
”ديبل جو سپاهي“ تي سرسري نظر
سنڌي ڪھاڻيءَ جو سفر اڃان
جاري آهي.
فقير محمد سنڌي
ديبل جي نالي ٻڌڻ سان سنڌي ماڻهن
جو ذهن، وڃي ڪراچي کان ۳۷ ميل
پري ڀنڀور جي هنڌ تي ٽِڪي ٿو، جتي قديم بندرگاهه آهي. مسلمانن، هندستان ۾ سڀ کان
پھريان ان ئي بندرگاهه تي پنھنجو جهنڊو لھرايو هو ۽ هن ڌرتيءَ تي تقريباً ۳۳۹ سال قابض رهيا. اها تاريخ سنڌي سماج کي ناڪامين پوءِ وڏي حوصلي، وڏي دل ۽
وڏي دماغ تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. سنڌي قوم وٽ دليري اهو گڻ آهي، جنھن ۾ سموريون
خوبيون سمايل آهن. زندگي هر شخص کي پياري هوندي آهي، پر بھادر ماڻهن لاءِ عزت
زندگيءَ کان وڌيڪ پياري آهي.