Friday, April 26, 2019
Friday, April 19, 2019
ڪنن وارا ڊاڪٽر ۽ تڪڙي موٽ - مٺل جسڪاڻي
ڪنن وارا ڊاڪٽر ۽ تڪڙي
موٽ
مٺل جسڪاڻي
هڪ دفعي جي ڳالهه
آهي. مون عرض ڪيو ته؛ ”ڪنن واري ڪنھن سُٺي ڊاڪٽر جو ڏس ڏيو“. اھو عرض گھٽ،
”اشتھار“ ۽ ”ھوڪو“ وڌيڪ ثابت ٿيو! ان ڪري اھڙي ته تڪڙي موٽ ملي، جنھن جو مون کي ته
نه، ڪنھن کي به نه ڪو اندازو ھو، نه ئي ڪنھن جي تصور ۾ به ھو، ته ڪو اھڙي جاندار ۽
شاندار تڪڙي موٽ ملندي!
Thursday, April 18, 2019
اڻ ڄاڻائي - مٺل جسڪاڻي
اڻ ڄاڻائي
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ھُو پھريون دفعو جڏھن
مون سان گڏ ويٺو، ۽ مون کانئس سندس نالو پڇيو، ته حيرانيءَ مان پڇيائين؛ ”اوھان
مون کي نه سڃاڻو!“ ۽ پوءِ نالو ٻڌايائين ته مون ڪجھه به خاص محسوس نه ڪيو، ته ان
تي به ھُو ويتر حيران ٿيو!
اڄ جڏھن سوا ٻه سال
گذري ويا آھن، ته مون کي احساس ٿيو آھي، ته ھُن کي نه سڃاڻڻ، ھُن جي نه، منھنجي اڻ
ڄاڻائي آھي.
Saturday, April 6, 2019
ابراهيم - حسيب ڪانهيو
ابراهيم
ڪهاڻي
حسيب ڪانهيو
“اڙي تو اُڏڻي
پير جي درگاهه جا پئسا چورايا آهن!” رئيس جمعي خان ڀري اوطاق ۾ چاچي ابراهيم ڏي ڪاوڙ
مان نهاريندي چيو.
“نه نه رئيس،
مٺي نور جو سُنهن، مون ته ڪڏهن ڪنهنجو ڪک به ڪو نه چورايو!” چاچي ابراهيم ٻنهي هٿن
جون پنج پنج آڱريون ملائي پنهنجين ٻنهي اکين تي رکندي چيو.
“اڙي ڪک نه
لک چورايو اٿئي!” رئيس دوڏا ڦوٽاريندي چيس؛ “سو به اُڏڻي پير جي درگاهه مان!”
Saturday, March 23, 2019
سماجي دردن جون ڪهاڻيون - زاهد راڄپر
سماجي دردن جون ڪهاڻيون
زاهد راڄپر
هو رڳو ڏسڻ ۽ ملڻ
جو محبوب ناهي پر هو شخصي طور به محبوب آهي، جنهن سان جڏهن به ملبو آهي ته سامهون
انتهائي مرڪندڙ چهرو پيو ٻهه ٻهه ٻهڪندو. خلوص، پيار، محبت ۽ محنت سندس شخصيت کي
نکاري ڇڏيو آهي. هر دفعي ساڻس ملڻ وقت سندس شخصيت جو ڪونه ڪو نئون اسرار سامهون
اچي ويندو آهي. ادبي محفلن جو مهندار ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي کي جيئندان بخشيندڙ
محبوب سنڌي جي سڃاڻپ منهنجي سامهون فقط شاعر ئي رهي، پر وقت به وقت سندس صلاحيتن
تان پردو کڄندو رهي ٿو ۽ خبر پئي ٿي ته محبوب شاعر سان گڏ اسٽيج اداڪار به آهي، هو
ڊرامه نگار به آهي ۽ سندس ڪيترائي ڊرامه ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي وري
اوچتو ئي اوچتو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”جلاوطن پکي“ ڇپجي آيو آهي ته مون لاءِ حيرت
جي حد نه رهي ته هو محبوب شخص ڪيترن سارن ادبي محاذن تي پاڻ نباهي رهيو آهي.
سرگرمين سان گڏ تخليقون، ياريون، دوستيون، نوڪري ۽ گهرداري سڀني محاذن تي هو ڇانيل
نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”جلاوطن پکي“ سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ شاندار اضافو
آهي. ڪهاڻيون پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪهاڻيون ڪنهن نئين ليکڪ جون ته لڳن ئي
نه ٿيون، معنيٰ ته محبوب جي اندر جو ليکڪ، ڪهاڻيءَ جي ڏانءَ ۽ ڏات سان مڪمل طور
ميچوئر ٿي چڪو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ سماج جا سمورا عڪس نظر اچن ٿا. سندس هڪ ڪهاڻي
”وهمي“ تمام گهڻي اهم آهي، جنهن ۾ هن ڪردارن سان ڀرپور نباهيو آهي. ڪهاڻي ”فيصلو“
۾ مومل جي قربانيءَ کي لازوال ڪري پيش ڪيو اٿس، جيڪا پنهنجي ڳوٺ، مڱيندي ۽ پنهنجي
مائٽن جو رت وهائڻ بدران پاڻ زهر جو پيالو پي امر ٿي وڃي ٿي. ڪوئلي جي کاڻين ۾
مزدوري ڪندڙ پورهيتن جي ڪهاڻي ”ڪوئلو“ به هڪ بهترين ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي ”جلاوطن پکي“
ڀرپور احساساتي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ پکي کي پيار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو ڏيکاريو ويو
آهي. ”شور يا شعور“ ڪهاڻي هڪ اهڙي اديب تي لکي وئي آهي جنهن جهڙا اديب فقط ئي فقط
ادب کي پنهنجي روح جي تسڪين ۽ مفادن لاءِ سرجيندا ۽ قطب آڻيندا رهندا آهن. ”رولاڪ
گولي“ هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. ڳوٺاڻي ماحول جي چيڪي مٽيءَ سان ڳوهي ڪنهن سنگتراش جي
هٿن مان سرجيل منظر وانگر اها ڪهاڻي لڳي ٿي، جنهن جي شروعات به بهترين آهي ته وري
پڄاڻي به اثرانداز ٿيندڙ آهي. ڪهاڻي ۾ سانوڻ نالي ڪردار کي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ جهيڙيندي
ڏيکاريو ويو آهي ۽ هڪ رولاڪ گولي هٿان مارجندي به ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته ”سورج
مُکي“ ڪهاڻيءَ ۾ پريمين جي آپگهات ذريعي ڏنل قرباني جا به اثرائتا عڪس چٽيا آهن.
سورج ۽ مکي کي جڏهن پنهنجو پيار بچائڻ لاءِ ٻي ڪا واٽ نه ٿي سجهي ته هو گڏيل
آپگهات ڪري پنهنجي پيار کي امر ڪن ٿا پر جيڪڏهن ليکڪ انهن پريمين کي جيئڻ جي واٽ ڏيکاري
ها ته اڃا وڌيڪ ڀلو ٿئي ها پر ليکڪ جيڪو سامهون ڏٺو آهي ان کي سڌي طرح پنهنجي ڪهاڻي
۾ لکيو آهي. ظاهر آهي ته اهو ليکڪ جو پنهنجو حق به آهي.
Sunday, March 17, 2019
انور پيرزادي جون ڪهاڻيون جو مطالعاتي جائزو - زبير ٻگهيو
انور پيرزادي جون ڪهاڻيون
جو مطالعاتي جائزو
زبير ٻگهيو
انور پيرزادو لٽريچر
فيسٽيول کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ ڪتابي ميلو لڳل هو، جتان ڪافي ڪتاب خريد ڪيا پر
انور پيرزادو لٽريچر فيسٽيول جو انتظار ۽ تجسس گهڻو هو ڇو ته پاڻ ڪراچيءَ ۽
حيدرآباد جي لٽريچر فيسٽيول ۾ چاهڻ جي باوجود شرڪت نه ڪري سگهندا آهيون، ڪم ڪار جي
سبب. تنهن ڪري هن لٽريچر فيسٽيول کي به ان وانگر ڏسڻ جو گهڻو جوش به هو، اهو ڏينهن
به اچي ويو. نيٺ سنورجي سنبرجي اسان به پهتاسين. پروگرام ڏسندي ڪتابن جي اسٽال تي
نظر پئي ته انور جي ڪهاڻين جي ڪتاب پڙهڻ جو تجسس به وڌي ويو نيٺ اڳ ۾ اهو خريد ڪيو.
Sunday, January 20, 2019
ڪهاڻي ڪتاب ”خواب ۽ حقيقت“ جو اڀياس - علي نواز آريسر
ڪهاڻي ڪتاب ”خواب ۽
حقيقت“ جو اڀياس
علي نواز آريسر
سنڌي ڪهاڻي، سنڌو
تهذيب جيتري آڳاٽي آهي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر ڪو ننڍڙو ڪونهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جو
مزاج ئي ڪجهه اهڙو آهي. سنڌي ماڻهو ابتدا کان وٺي ڳوٺ ٻڌي رهڻ کي ترجيحي ڏيڻ ۾
مشهور آهن ۽ ميٺ محبت سندن خمير ۾ شامل پئي رهيو آهي. جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو دَور ڀلي
کڻي ۱۹۱۴ع کان شمار ڪيو وڃي، پر اُصولي طور تي ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڪهاڻي جيڪا پهرين
آکاڻيءَ جي صورت ۾ اسان وٽ آئي، ۽ ماڻهن جي محفلن جي رونق بڻي، پر جڏهن انهي جديد
دور ۾ قدم رکيو ته سڄي دنيا کان گوءِ کڻي وئي، ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته سنڌي ڪهاڻي
حقيقي ڪهاڻي آهي، جيڪا سچائيءَ تي مبني هوندي آهي، اهو سنڌو تهذيب جو ڪرشمو چئجي
يا سنڌي ڪهاڻيڪار جي ذهني وُسعت جيڪو ڪهاڻيءَ جي ڪِرب مان گذري به ڪهاڻيءَ کي
جيئندان ڏيندو رهيو. حالتون ڪهڙيون به هجن، پر سنڌ جي قلمڪار ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو،
آئون نه ٿو سمجهان ته دنيا جي ٻين قومن جو قلمڪار ايتري بردباريءَ سان اڳتي وڌيو
هجي يا ان انداز ۾ لکيو هجي يا اهڙين حالتن ۾ ٽُٽو نه هجي. ٽٽو ته سنڌي قلمڪار به
آهي، پر اهو سدائين عشق هٿان، سدائين پنهنجن جي رَوين هٿان، سدائين محبتن هٿان، پر
ڪنهن به حاڪم/ جابر اڳيان هُن هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن، ان کي چئبو آهي ڪمنٽمنٽ/وفا.
Subscribe to:
Posts (Atom)





