Friday, March 9, 2018

گلاٿراپسٽ - منظور ڪوھيار


گلاٿراپسٽ
منظور ڪوھيار
پراڻي دوست ڪکو خان جا وڏا وڙ، جو ڪافي عرصي کانپوءِ قرب جو قدم ڀري منهنجي گھر اچي پهتو. ڪکو خان کي ڏٺي ڏينهن ٿيا هيا. ان ڪري خوب ڪچهري ٿي. ڪکو خان حالن احوالن ۾ شڪايتون ڪندي، سڀني دوستن جون عجيب و غريب حڪايتون ٻڌايون. ايستائين جو مئلن کي به نه ڇڏيائين. لاشڪ، ته ڪکو خان انهن دوستن منجھان هڪ آهي، جيڪي گڏ کائي، پوءِ به سنگت جي گلا ڪندا آهن. سندس چوڻ آهي؛ ”جيئن فزيوٿراپي، اروماٿراپي، پريشرٿراپي، ۽ ٻيون ڪيتريون ٿراپيون دنيا ۾ مشهور آهن، تيئن گلاٿراپي به اسان جو سماجي ۽ نفسياتي ورثو آهي.“

Monday, February 5, 2018

مظاھرو - مٺل جسڪاڻي

مظاھرو
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ڪاڄ ته وڏو ھو، پر مھمانن کي گڏ ويھاري، ماني کارائڻ جو بھترين انتظام ٿيل ھو.
آسائتن پھرين آيلن کي گڏجي ھڪ پنڊال ۾ ويھاريو ھو، ڪجھه دير کان پوءِ، ڄاڻي ٻجھي يا اڻ ڄاڻائي ۾، منھنجي خيال ۾ خاص حڪمت تحت، مھمانن کي مانيءَ جو عام سڏ ڏيڻ بدران، سندن پسند وارن کي اشارو ڪيو. اھي اٿيا ته اڳيان اھي، انھن جي پٺيان وري، انھن کي ڏسي ٻيا به روانا ٿيا.

ھڪ سيءُ ٻيو شڪ جي بيماري - مٺل جسڪاڻي

ھڪ سيءُ ٻيو شڪ جي بيماري
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
معمول جي ڪم تي وڃڻ لاءِ ھو گھر مان جڏھن ٽئين دفعي تيار ٿي روانو ٿيو ته جوڻس پڇيس؛ ”اڄ خير ته آھي! ساڳئي ڏينھن جي ساڳي صبح جو، ٽيون دفعو تيار ٿيو آھين. اڄ ڪو خاص مھمان اچڻو آھي، يا صفا ڪا خاص گڏجاڻي ٿيڻي آھي؟“.

Tuesday, October 24, 2017

ڪچري وارو - امير عدنان

ڪچري وارو
پرڏيهي ڪهاڻي
سنڌيڪار: امير عدنان
ڏهه سال ڪچري کڻڻ وارو ڪم ڪرڻ کانپوءِ بندري قد، گهنجن سان ڀريل منهن واري پوڙهي قالو کي جنهن ڏينهن ڪم مان نيڪالي ڏني وئي هئي، ان جي ٻئي ڏينهن هو پهريون دفعو پاڙي ۾ بغير گھوڙي ۽ ڇَڪڙي جي داخل ٿيو هو. ڪنن کان به هيٺ سُرڪيل سرڪاري ٽوپي، هڪ وڏي سائيز جو ڪوٽ، جنهن جا ٻئين ڪلها هيٺ ڍُرڪيل، گسيل ڦِٽيل پينٽ ۽ کڙين وٽان گسيل ڳرا فوجي بوٽ پائي هو پاڙي جي وچ تي اچي بيهي رهيو هو.

Monday, September 4, 2017

ڪباب - عبدالواحد سومرو

ڪباب
ڪهاڻي
عبدالواحد سومرو
هڪ ڪالوني جنهن ۾ ڪنڊ تي بنگلو آ ٻاهران ڪافي کليل ميدان در جي ڀرسان گارڊ گهرن جي نظرداريءَ لاءِ موجود گهر ۾ هڪ جوڙي پنهنجي ننڍرن ٻارڙن سان گڏ رهائش پذير  آهي. گهر جو مرد ذميوار، سيلف ميڊ شخصيت جنهن هي سڀ ڪجهه پنهنجي ٻل تي ٺاهيو آ، هينئر ڪار ۾ اچي در تي رڪجي ٿو ته سيڪيورٽي گارڊ اٿي اچي سلام ڪندو وڏو لوهو گيٽ کولي ٿو. هي صاحب بنگلي جي اندر ڪار روڪي اندر هليو ٿو وڃي.

سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس - زيب سنڌي

سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس
زيب سنڌي
سچل سرمست جنهن وقت هال ۾داخل ٿيو، ان وقت ادبي ڪانفرنس ۾ مشاعرو پنهنجي پوري عروج تي هو. اسٽيج تي ڊائيس جي پويان بيٺل بندري قد وارو شاعر، جنهن جو هال ۾ ويٺلن کي چهرو نه، پر فقط سندس مٿي تي ٻڌل طُرو ڊائيس مٿان نظر اچي رهيو هو، اهو ڪيڪڙاٽ ڪري پنهنجو ڪلام پيش ڪري رهيو هو، ”سچل سارو سچ.... سچ سارو سچ..... سچل سارو سچ...!“

مرڪ تي منع

مرڪ تي منع
سندري اتمچنداڻي
لنبي عرصي کان پوءِ ٿي ھئي پڪنڪ، چترڀڄ ڪيترو وقت ٻيڙيءَ کان پرتي ويندڙ پاڻيءَ کي تڪي رھيو ھو. اوچتو راڻيءَ طرف منھن ڪري چيائين، “مون کي لڳي ٿو، تو کي منھنجي باري ۾ ڪائي غلط فھمي ٿي آھي...”
راڻيءَ جي پلڪن جا سورج مکي اڌ گول ڪجھه دير چترڀڄ کي تڪيندا رھيا. پڇيائين، “ڇو ٿو لڳي توکي ائين؟”