وکريل سوچون
نسيم ٿيٻو
اسان جي شادي ٿيل هئي ۽ اها به پيار وچان، اسان کي هڪڙو ٻار به هيو.ٻار
ڏاڍو سندر هو. اهو ٻار، پيءُ کي به ڏاڍو پيارو هو ۽ مون کي به.
پر هيئن ٿيو جو ڪجهه سالن کان پوءِ منهنجي گهر واري کي هڪ ٻي عورت وڻي ويئي ۽ هن گهر ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني ۽ ڏاڍو چڙچڙو ۽ ڪروڌي
ٿي پيو ۽ مان ڌيرج کان ڪم وٺي هن جو سڀ ڪجهه سهڻ لڳس. آخر هن جي جيون ۾ زلزلو آيو هو.
جذبن جي اُٿل پٿل ٿي هئي. قيامت اچي ويئي هئي. هن جي دل ۾.