Thursday, July 26, 2018

ڪٿي به نه - امراقبال


ڪٿي به نه
ڪھاڻي
امراقبال
بائيڪ معمول مطابق صفا آھستي ھلائي رھيو ھيس. منھنجي اڳيان بائيڪ جي پئٽرول واري ٽانڪيءَ تي، منھنجو پنجن سالن جو پُٽٌ ويٺل ھيو، جيڪو ھلندي بائيڪ جي سئچ ۾ ھر ھر ھٿ وجھي، چاٻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھيو ۽ مان ھر ھر کيس کاٻي ھٿ سان روڪيندي، چاليھ سال پوئتي پھچيو پئي ويس...

Thursday, July 12, 2018

خراب مُوڊ


خراب مُوڊ
مٺل جسڪاڻي
الف ۽ ب، معمول وانگر گڏ ويٺل ھئا. ھِتان ھُتان جا احوال ڪندي، الف چيو؛ ”ڪو لطيفو ٻُڌاءِ“.
ب وراڻيو؛ ”لطيفو ياد نه آھي. ان جھڙو ڪم ڪري سگھندڙ تصوير آھي. چوين ته ڏيکاريان“.
الف چيو؛ ”وارو ڪر يار! دل کلڻ تي پئي چوي“.

Wednesday, July 11, 2018

پاڻ سنڀاليو


پاڻ سنڀاليو
روشن شر
ڪنڊيڪٽر کي ڪرايو ڏيڻ لاءِ سائيڊ واري کيسي ۾ هٿ وڌائين ته ڀر ۾ ويٺل اجنبيءَ سندس هٿ سختيءَ سان جهلي چيو؛
”نه بابل! اوهان جو ڪرايو مان ادا ڪريان ٿو! اوهان نه ڏيو!“
بابل ڏاڍو چيو؛ ”پنهنجو ڪرايو مان پاڻ ڏيندم.“
پر اجنبي وڏو مهربان ٿي ڪري، سندس ڪرايو ادا ڪري ڇڏيو..
اڳئين اسٽاپ تي اجنبي بس مان لهي ويو ۽ بابل ڪا شيءِ ڪڍڻ لاء کيسي ۾ هٿ وڌو ته مٿو پڪڙي ويهي رهيو. اجنبي سندس کيسي جي صفائي ڪري چڪو هيو...
😊 😊 😊
ٻئي ڏينهن بابل انھيءَ چور کي بازار ۾ پڪڙيو ته چور الٽو بابل کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳو..
”بابل! مون کي معاف ڪجو! اوهان جي چوري ڪرڻ بعد، منهنجي ڌيءُ مري ويئي..“
بابل اهو ٻڌي، نرم دلي سان هن کي معاف ڪري ڇڏيو..
چور ويو هليو پر ڀاڪر پائڻ وقت، هن ٻيهر بابل جي کيسي جي صفائي ڪري ڇڏي...
😊 😊 😊
ڪجھ ڏينهن بعد، بابل موٽر سائيڪل تي ڪاڏي وڃي رهيو هيو ته رستي ۾ ساڳئي چور هن کي روڪي، روئيندي روئيندي کانئس معافي گهري. بابل کي سندس سڀ پئسا، جيڪي هن چورايا ھيا سي به واپس ڪيائين ۽ ويجهو ئي هڪ دوڪان ۾ وٺي ڪولڊ ڊرنڪ پياري روانو ٿي ويو...
بابل خوشي خوشي، جڏهن موٽر سائيڪل واري جڳھ تي پهتو ته ڏٺائين هن چڪر سان چور، سندس موٽر سائيڪل چورائي ويو ھيو.
😊 😊 😊

Monday, June 18, 2018

طوفان - مٺل جسڪاڻي


طوفان
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
۱
قبلا، محترم سائين، اوھان بنگلي ۾ اندر، شايد اي سي واري ڪمري ۾ آرامي ھئا، ٻاھر ھانءُ وٺي ڇڏيندڙ، خوفناڪ طوفان آيو ھو.
۲
قبلا، محترم سائين، ڇوريءَ جو آھي دماگ کراب، ان نڀاڳي الاجي ڇا ڏٺو آھي، ٻاھر به ڪجھه ڪو نه ھو، بنگلي ۾ اندر، اھو به اي سي، ان ۾ ڪٿان طوفان آيو، ڪٿي وڄ ڪري، ڪٿي ڌرتي ڌُٻي... الله سان، اھڙو ڪجھه به نه ٿيو آھي... اوھان ڇو پيا پشيمان ٿيو... سائين، اڳي ڪجھه ٿيو، جو ھاڻي ٿيندو... اسان جي سسي ۾ ساھه آھي، اکين ڏٺا شاھد ويٺا آھيون، اوھان جي بنگلي ۾ ڪو مادي پکي به ڪونھي آيو... اھا ڇوري مکالفن جي چرچ تي دانھي پئي، سائين...

فرق - مٺل جسڪاڻي


فرق
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
پڙھڻ لاءِ رکيل ڪتابن کي غور سان ڏسندي، اوچتو اٿيو ۽ ھڪ ٻه ڪتاب کڻي، پُٽس کي ڏيندي چيائين ”ھي ڪتاب پاڻ کنيو ٿا ھلون، پڙھنداسين، چاچھين کي ته ھونئن ئي مفت ۾ اعزازي ڪاپي طور مليا ھوندا“!
مون اھي ڪتاب روڪڙا ڏوڪڙ ڏئي ورتا ھئا ۽ ڪتاب جي دڪان واري، جيڪو پبلشر جو سندو دڪان آھي، مون کي اھو چئي بنا رعايت ڪتاب ڏنا ھئا ته ”سائين! ڪتاب خريد ڪري پڙھڻ جو رواج تمام گھٽجي ويو آھي، ان ڪري ڌنڌو ئي ڪونھي، اوھان جھڙن کي ته رعايت جي ڳالھه ئي نه ڪرڻ گھرجي“!
مون سوچيو... ڇا ٻڌايان ته ڇا سوچيم؟ ٻڌائڻ سان فرق ڪھڙو ٿو پئي!

ارڙھن سالن جو - مٺل جسڪاڻي


ارڙھن سالن جو
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
آئون ته پنھنجي ڌُن ۾، پنھنجي طئه ڪيل ماڳ ڏانھن پئي ويس. مون کي ته اھا به خبر نه ھئي، ته منھنجي ساڄي يا کاٻي پاسي، ڇا ڇا آھي ۽ ڪير ڪير آھي!
اوچتو ڪنھن منھنجو نالو وٺي، مون کي سڏ به ڪيو ۽ ”پان کائي پوءِ اڳتي وڃو“ به چيو!
اھو سڀ ڪجھه اوچتو ٿيو ھو، پوءِ به جلدي ۾، منھنجو به مُوڊ ٿي ويو! آئون، سڏ ڪري صلاح ھڻندڙ سان مليس، ۽ کل خوشيءَ ۾ کيس چيم ”سچي دل سان ٿو چوين، ته مٺو پان ٺاھي ڏي، آئون به اھو سمجھي کائيندو ويندس، ته آئون به اڃا ارڙھن سالن جو آھيان“.

ٽماٽا ۽ بصر - مٺل جسڪاڻي


ٽماٽا ۽ بصر
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
گس ھلندي، اوچتو ھُن جي نظر سرن جي ٻوڙي وٽ پيل بوتل تي پئي. ھونئن ته ھي به عام بوتلن جھڙي بوتل ھئي، پر ھن ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڪشش پڻ ھئي، جنھن ڪري ھُن جي اک بوتل تان نه ٿڙي، تان جو وڃي بوتل کنيائين.
بوتل جو منھن ته بند ھو، پر بوتل ۾ اندر اھڙو ڇا ھو، جنھن سبب ھن بوتل کنئي؟ ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ ھن پھرين سوچيو ويچاريو، جنھن ڪري ٻالڪپڻ ۾ ٻڌل ھن کي ”بوتل جو جن“ ڪھاڻي ياد اچي وئي.