Monday, September 30, 2013

ٻه نگاهون - ولي رام ولڀ

ٻه نگاهون
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
ترجمو: ولي رام ولڀ
پاڙي ۾ ٻن اوچين عمارتن جي اڏاوت جو ڪم هلي رهيو هو. اوچتو جهيڙو ٿي پيو. هڪ جڳهه جي دري، ٻيءَ عمارت جي حد ۾ اچي رهي هئي. ٻنهي عمارتن جا مالڪ، پاڻ ۾ اٽڪي پيا. ڳالهه ايتري قدر وڌي وئي، جو ٻنهي ڄڻن هڪ ٻئي جي گهرن کي ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو.

ڀرسان ئي، گهر جي اڱڻ ۾ مِٽيءَ سان ٻه ننڍڙا گهرڙا جُڙي رهيا هئا. هڪ ڇوڪرو ڀت ٺاهي رهيو هو ته ٻيو ڇت وجهي رهيو هو. ڇا ٻئي ڇوڪرا چريا هئا؟
بيل گاڏيءَ جا ڦيٿا چيڪاٽ ڪندا هلي رهيا هئا. گاڏيءَ واري چيو؛ ”ڍڳا جيڪي گاڏي پيا ڇڪين سي ماٺ آهن، نڪما اجايو پيا چين چين ڪن.“

ڪم ڪندڙ چپ آهن، نڪما ڀُڻڪن ٿا!

No comments:

Post a Comment