محبت ۽ حسن
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
ترجمو : ولي رام ولڀ
هيءَ ڳالهه ان وقت جي آهي، جڏهن نه محبت انڌي هئي ۽ نه ئي وري حسن گونگو
هو. هڪ ڏينهن ٻئي چهل قدمي ڪري رهيا ته چوڏهينءَ جو چنڊ کڙيو.
محبت جون نظرون چنڊ تي ڄمي ويون.
حسن کي اها ڳالهه ڏکي ۽ اڻ وڻندڙ لڳي، هن پنهنجي ساراهه ۽ چنڊ جي گلا
ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
انهيءَ تي محبت کي ڏاڍي مٺيان لڳي. ٻنهي ۾ لڙائي ٿي پيئي. حسن اڳيان وڌي
محبت جون اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون ۽ محبت، حسن جي زبان ڪڍي ورتي.
تڏهن کان محبت انڌي ۽ حسن گونگو آهي.
No comments:
Post a Comment