Sunday, September 22, 2013

شيفون جي ساڙهي - مپرالا شريڌر مورتي

شيفون جي ساڙهي
مپرالا شريڌر مورتي
انٽرويو ۾ بس ٻه ئي آهن.
خالي هڪ ئي آهي.
ليڊي ٽائيپسٽ جي نوڪري.
وقت گذري رهيو آهي.
انٽرويو مان جلد فري ٿي، ڪئمپ تي وڃڻو آهي.
”ويرنا“

”آيس حضور“
”پهرين ورلڪشمي کي سڏ ڪر.“
ڪمري ۾ گهٻراهٽ وچان هوءَ سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
”تنهنجو نالو؟“
”ورلڪشمي.“
”ٽائپنگ پاس ڪئي ٻه سال گذري ويا آهن... هيل تائين تو ڇا پئي ڪيو.؟“
”ڪوئي اڳيون آزمودو؟“
”ڪجهه به نه سر.“
”ڪجهه به نه. نه ڇو؟“ مون سوال کي واضح ڪندي پڇيو.
”ڪٿي به نوڪري نه ملي سر.“
ڪٿي ڏٺل چهرو. ڄاتل سڃاتل چهرو. چمڪندڙ اُهي اکيون. منهنجا ويچار گذريل يادن ڏانهن هليا ويا. نظر ورلڪشميءَ کي پرکي رهي هئي. اف! هاڻي خبر پئي. مسئلي جو حل ٿي رهيو آهي. ان ڇوڪريءَ جي درخواست تي هڪ دفعو ٻيهر نظر وڌم.
”تنهنجي پيءُ جو نالو؟“
”راگهول“
”هن جو ڌنڌو؟“
”واچمئن“
ها، هاڻي ڪو به شڪ نه رهيو. تڏهن مان هاسٽل ۾ رهندي پڙهندو هوس. هاسٽل جو واچمئن راگهول هو. ان جي ڌيءَ آهي هيءَ. اها ئي ورلڪشمي آهي هيءَ. هاڻي مسئلي جو حل نڪري ويو. سڀني جو پيارو هو راگهول. تن ڏينهن ۾ بيمار ٿيس ته لاڳيتو ويهارو ڏينهن راگهول منهنجي سار سنڀال لڌي. ان شيوا جي عيوض مان ڏهين ڏهين جا چار نوٽ کيس ڏيڻ لڳس، هن جا هٿ اڳتي نه وڌيا. سو اڀمان سان ٻهڪندڙ ان راگهول جو چهرو هڪ دفعو منهنجي اکين اڳيان گهمي ويو.
”ورلڪشمي، راگهول ڪيئن آهي؟“
”هن جو ديهانت ٿي ويو سر، گذريل سال ئي پليگ ۾.“ جواب ڏيندي هوءَ روئڻهارڪي ٿي ويئي.
”تڏهن .... تنهنجي لاءِ ڪوئي آسرو....؟“
ورلڪشمي هيٺ فرش طرف ڏسڻ لڳي. منهنجون اکيون ورلڪشميءَ جي ساڙهيءَ ڏانهن اٽڪيل هيون. منهنجا سوچ ويچار هن جي آرٿڪ حالتن طرف هئا. اهڙي قيمتي ساڙهي هيءَ ڇوڪري ڪئن ٿي خريد ڪري سگهي؟ ايڏي رقم هن وٽ ڪٿان آئي؟ ڪٿي ورلڪشمي ٻئي ڪنهن طريقي سان ته نٿي ڪمائي؟ پنهنجي ويچارن تي مان پاڻمرادو شرمائجي ويس. ڌت..... راگهول جو اولاد اهڙي قسم جو ڪم ڪڏهن ڪري به نٿو سگهي. مان پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ لڳس. مگر...... منهنجي شڪ جو ڪو حل نه نڪتو. ڀت تي ٽنگيل گهڙيال وڄڻ لڳو. ٽن ٽن ٽن ٻارنهن وڄي چڪا هئا. ورلڪشمي گهٻرائڻ لڳي. وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳي.
”ويهه! ويرنا ڪافي کڻي ايندو هوندو.“
”معاف ڪجو سر، جلدي وڃڻو آهي مون کي. هڪ بجي ٿيڻ کان اڳ هيءَ ساڙهي، لانڊريءَ ۾ نه موٽائي سگهيس، ته ڀاڙو وڌيڪ ڀرڻو پوندو.“
مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي پٺيءَ تي چهبڪن سان ڪنهن وار ڪيو هجي.

ورلڪشمي هلي وئي.

No comments:

Post a Comment