Sunday, September 22, 2013

گوءِ ۽ ميدان - محمد علي پٺاڻ

گوءِ ۽ ميدان
محمد علي پٺاڻ
سڪل ۽ هڏيون نڪتل سانوري چهري تي مٺ جيڏي سونهاري رکيل، سنهڙي سيپڪڙي، گوڏ ۽ پهراڻ سان مٿي تي انگوڇي ٻڌل پنجاسي ورهين جي ڦڙت ۽ چستيءَ سان هلندڙ ڪاڪي ڪريم ڏني جو منهن ان وقت ڪيڏو نه ٻهڪي رهيو هو، جڏهن ٻنيءَ تان ڪم ڪار ڇڏائي، گهر موٽيل ٽنهي پٽن کي سڏي سامهون ويهاري، ڪچڙيءَ منجهند کان سيني ۾ سانڍيل خوشيءَ جي خبر کي وائکو ڪندي چئي رهيو هو ته، ”ابا، مبارڪ هجئيءَ مڙسن چئن لکن ۾ نيٺ ڳالهه هڪ پاسي ڪئي.“
”ڪنوار تو کي ڏيکاريئون يا .....“

”ها، بلڪل ڏيکاريئون.“ وڏي پٽ جي ڳالهه کي ڪٽي کلندي ڪاڪي ڪريم ڏني وراڻيو؛ ”اڳيان به مان هومانِ. ڏسڻ کانسواءِ ان هيڏي ساري رقم لاءِ اصل راضي نه ٿيانِ ها ...“
”ڪيئن هئي؟ عمر ڪيتري ٿيندس؟“
”اڙي ابا، منهنجو ڀاڳ ڦاٽو آ ڀاڳ، سورنهن سالن جي. صفا ڇوڪري، الهڙ سهڻي ايڏي جو ويٺو ڏسجيس. چنڊ ته پتيءَ ۾ به نه ٿيندس.“
”واهه واهه. هونئن به تنهنجو ڀاڳ ٻين کان سدائين سرس ئي رهيو آ. اسان جي امڙ به ته سڄي تر جو نڪ هئي. تڏهن ته اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينرون صورتن ۾ ٻين سڀني کان وڌيڪ سجهندي وارا آهيون.“
”۽ رڳو سهڻي ئي نه، جي سچ پڇو ته منهن ۾ ماڻهين واري مڻيا به مان ڏٺيمانس. حياو ۽ شرم به سود پود توهان جي ماءُ وارو هوس. گهڻو ئي چيئونس ته اکيون مٿي ڪري پنهنجي ٿيڻ واري مڙس کي ڏس. پر پنهنجي ليڪي کان نه نڪتي ۽ اکيون زمين ۾ ئي رهيس.“
”مبارڪ هجئي بابا.“ ٻئي نمبر پٽ چهري تي سرهائي آڻيندي چيو؛ ”الله ڪندو ته امڙ وانگر ئي گهر سان نيبهه ڪندي ۽ تو کي سهڻا ٻار ڄڻي ڏيندي.“
”تنهنجي وات ۾ گلاب.“ ڪاڪي ڪريم ڏني وڌيڪ خوش ٿيندي ۽ کيسي ۾ هٿ وجهي پنجن سون جو نوٽ ڪڍندي چيو؛ ”اچي هي وٺ ۽ وڃي مجوءَ جي دڪان تان پڪي مٺائي وٺي آ، ته خوشيءَ ۾ ٻچڙا وات مٺو ڪن.“
”بيانو ڏئي آئين؟“ ٽئين نمبر ۽ ننڍي پٽ ٻئي جي اٿڻ کان پوءِ پڇيو.
”لک ڏئي آيومانِ. باقي پئسا سڀاڻي ٽيپهريءَ جو وٺڻ ايندا.“ ڪاڪي ڪريم ڏني ٻڌايو.
”شاديءَ جي تاريخ؟“ ننڍي پٽ ٻيو سوال ڪيو.
”اها ايندڙ جمعي رات جي ڏني ٿئون.“
”ڏاڍو سٺو.“
...........
”امان وڏيءَ جي موت پڄاڻان ڪاڪي جي خدمت ۾ اسان ڪا ڪمي ته ڪو نه ڪئي آ ادي، جو هروڀرو دانهون ڪري ڪري نيٺ وڃي شاديءَ جي تاريخ ٻڌي آيو آ.“ ڪاڪي ڪريم ڏني جي وڏي ننهن وچينءَ سان مخاطب ٿيندي چيو.
”اهي هروڀرو واريون دانهون ڪاڪي ڪيون ئي انهي لاءِ پئي، ته جيئن پٽ پاڻ ئي کيس چون ته شادي ڪر. ۽ ٿيو به ائين. سڀني کيس رضا خوشيءَ سان شاديءَ جو چيو.“ وچينءَ چهري تي ناگواريءَ جو تاثر آڻيندي چيو.
”شادي وهيءَ جي ٺهندي آ ڀيڻ.“ ننڍي ننهن ٻنهي جي ڳالهه ۾ دلچسپي وٺي پنهنجي ڳالهه ڪئي؛ ”پيريءَ جي شادي چوندا هن ته خواري ئي خواري هوندي آ...“
”اڙي، اها ڳالهه ڪلهه مون مڙس سان ڪئي. چيائين ته بابي جي حڪيمن طبيبن سان پراڻي ياري آ. سو پئون ٻارنهن ٿي ويندو ۽ زال چوڙي چڙهندو.“ وڏيءَ ٿورو معنيٰ خيز انداز ۾ مرڪندي چيو.
”هنئه، چوڙي چڙهندو، جو آهي به اڪ جي ماکي لاهڻي. کپي ٿو، گهڻو ڪجهه کپي ٿو ڀيڻ.“
”بروبر.“ ننڍيءَ جي ڳالهه کي ٽيڪو وٺائيندي وچينءَ چيو؛ ”پوڙهو ڏاند ڀلي ڪيترو به وس ڪري، گوءِ ائون ميدان کئون پري ئي پري هوندو آ...“
”آهستي ڳالهايو ته ڪاڪو ڪريم ڏنو نه ٻڌي وٺي ۽ پٽن کي دانهن ڏئي ڪڍائي نه سڀني کي سنهي بهه مان...“
”ها ادي، ڇڏيو انهي ڳالهه کي. ڪا ٻي زماني جي ڳالهه ڪريو. پٽن کي پيءُ ڏاڍو پيارو آ.“ وچينءَ وڏيءَ جي مام پروڙيندي وراڻيو.
........
”اڙي يار، اهو قهر ڪيئن ٿيو، ٻڌاءِ ته سهي؟“
”ڪهڙو؟“ ڪاڪي ڪريم ڏني جي وڏي پٽ، هٽ واري نورل جي ڳالهه نه سمجهندي، سوال جو جواب سوال سان ڏنو.
”ڪاڪي ڪريم ڏني جي شاديءَ جو. ماڻهن پئي ٻڌايو ته چئن لکن ۾ سورنهن سالن جي ڇوڪريءَ جو سڱ وٺي آيو آ.“
”ها، ته انهي ۾ قهر جي ڪهڙي ڳالهه آ.“ وڏي پٽ لهجي کي ترش بڻائيندي چيو.
”توهان راضي آهيوس؟“
”ها، بلڪل آهيونس.“
”مار، پر اهو آهي ظلم يار، ڪاڪو شاديءَ واري عمر کائي ويو آ، سورنهن سالن جي ان پرائي ڄائيءَ سان ڪيئن منهن ڏئي سگهندو؟“
”بابو سچن گيهن جو پليل آ نورل، تون چنبي ڏئي ڏسينس ته پاڻهي خبر پئجي ويندئي. هاڻ به ڪوڏر جو لپو هڻي اڇل جو ڏيندو آ، مٽي الائي ڪاٿي وڃي ڪرندي آ. يقين نه اچئي ته شرط رک. بابي کي گهرايان ٿو. اڇا ڪارا پاڻهي پڌرا ٿي پوندا.“
”پاڻ ڄاڻو ڀائو، باقي چئجي سچ ته اهو چڱو نه ٿو ٿئي.“
”نورل، اسان تنهنجي پيءُ جيتري عزت ڪندا آهيون. اهڙي ڳالهه زبان تي آڻي ادب مان نه ڪڍ. سمجهين ٿو نه...“
ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهه گهڻي وڌي وڃي ها، پر اتي ويٺل پيرسن ربنواز ٿڏي تي معاملي جي نزاڪت کي سمجهندي چيو؛ ”هنڌ اهو سڙي جاتي باهه ٻري بابا. مڙس ته زال، نه ته لاش جو لاش. جنهن جي منهن تان مک هڪلڻ به ڏکي لڳي. سو ننهر ڀلي ڪيڏيون به سونيون ٿي پون، پر زال جيتري خدمت انهن کان ٿورئي ٿي سگهندي، هي ته ڪريم ڏني جو بخت بالا آ، جو توهان هونديءَ سونديءَ جي ڪري قدرت هن ڏکي گهڙيءَ ۾ هن کي حيلو وسيلو ڪري ڏنو آ. نه ته اهو سور مون کان پڇو ادا، مونکان. جنهن جا پٽ ننهرن کان به وڌيڪ بيزار هن. تڏهن ته گهر ڇڏي وتان ٿو ٺيهان کائيندو. جي هجي ها زال جيئري ته .....“ چوندي چوندي هو چپ ٿي ويو ۽ هن جو اکيون ڀرجي آيون ...
....
شاديءَ واري ڏينهن ڪاڪي ڪريم ڏني جي گهر ۾ خوشيءَ وچان ٽنهي پٽن ڪاغذ جون رنگبرنگي جهنڊڙيون به ڌاڳن ۾ ٻڌي ٽنگيون ته ڊيڪوريشن وارن کان ساين ڳاڙهين بلبڙين جون لڙهون به لڳرائي ٻارايون، پوءِ انهن جي جهلمل ڪندڙ روشنين ۾ جڏهن مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي وارن کي خضاب ڪيل ڪاڪي ڪريم ڏني کي عطر عنبير هڻي بوسڪي جو وڳو ۽ پٽڪي بجاءِ سونهريءَ رنگ ۽ خوبصورت ٽڪڙن وارو ٽوپ پهرائي، مٿي تي موڙ ٻڌي وڄندڙ دهل ۽ نچندڙ ۽ ڳائيندڙ عورتن جي وڏي ميڙ آڏو کٽ تي ويهاريو ويو، ته ڏسندڙن کان ڪاڪي جي خوشيءَ جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي ويو هو...
....
اندازن رات جو ساڍي يارهين وڳي چاليهن چنگچين جي قافلي جي اڳيان سينگاريل ڪار ۾ ويٺل ڪاڪي ڪريم ڏني جي ڄڃ گيتن جي گونج ۽ تاڙين جي ڦهڪي سان سندس ساهراڻي گهر ڏانهن رواني ٿي...
ٽن ڪلو ميٽرن جي ان رستي ۾ ڪيترا ئي دفعا گاڏيون روڪائي ٽنهي پٽن، نياڻن ۽ ٻين ڄاڃين خوب جهمريون هنيون ۽ شادمانه ڪيا.
...
نڪاح جي طئه ٿيل وقت کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ ڪاڪي ڪريم ڏني جي ڄڃ جيئن ئي سندس ساهرن جي ڳوٺ ٻاهران انهن جي ٻن ڪکائين جهوپڙين وٽ پهتي، ته اتي اوندهه لڳي پئي هئي ۽ ڪو به ماڻهو نظر نه پئي آيو.
ڄڃ مان اوچتو خوشي اڏامي وئي. سڀ حيران پريشان ٿي ويا.
پوءِ وڏي پٽ سان گڏجي وڃي ڪجهه همراهن ڳوٺ مان حقيقت معلوم ڪئي ته جڏهن اها خبر ڪاڪي ڪريم ڏني کي اچي ٻڌايائون ته هن جي چئن لک سميت سندس ساهرا ٺڳي ڪري، لڏو کڻي ڪنهن نا معلوم هنڌ هليا ويا آهن، ته ڪاڪو ڪريم ڏنو ڏندڻجي ڪار ۾ ڪري پيو ۽ سندس مٿي ڪيل موڙ، جهٽڪي سان سندس منهن تي اچي پيا.
.....

****


No comments:

Post a Comment