Sunday, November 25, 2012

ڪارتوس - شوڪت لوهار

ڪارتوس
شوڪت لوهار
هوٽل تي چانهه پيئندي پهريون دوست ”جيڪڏهن هٽلر نه ڄمي ها ته شايد هندستان مان انگريز نه وڃن ها“ ٻيو دوست ”اهو وري ڪيئن؟“
پهريون دوست اِهو ائين ته هو جيڪڏهن انگلستان تي ڪاهه نه ڪري ها ته انگريز بوکلائپ جو شڪار ڪونه ٿين ها ۽ نتيجي ۾ هنن جا اڄ سوڌو هٿ قابض هجن ها.
”نه ائين ڪونهي“
”ائين آهي“
”هٽلر سڀ کان وڏو قومپرست هو“
”ها ها ها“
”کلين ڇو ٿو؟“


”اڙي چرٻٽ جيڪي پنهنجي قوم جي پرستس ڪندا آهن، اهي هر ماڻهو لاءِ خير گهرندا آهن، هن جو هي نازي اذيت گهر Concentration camp ٺهرايا، جتان ماڻهو جا سونا ڏند ايتري تعداد ۾ نڪتا جو جرمني جون عورتون پنهنجا زيور انهن ڏندن مان ٺهرائينديون هيون. جرمني ۾ صابڻ ماڻهن جي ماس جي چرٻي مان ٺاهبو هو، تون ٿو چئين ته هٽلر قومپرست هو. بهرحال توکي مڃڻو پوندو ته هٽلر جو ڄمڻ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو ڪارڻ ضرور بڻيو آهي.“
ڀلي تون زبان سان اقرار نه به ڪر پر دل ۾ ضرور قبول ڪيو هوندو.
”نه بلڪل نه“ تنهنجي مت مارجي وئي آهي، تون پٽڙيءَ تان لهي ويو آهين، ٻٽا بسڪوٽ کائي کائي تنهنجي سوچ به ٻٽي ٿي وئي آهي.“
”جنگ آزادي جو سبب هٽلر ڪونه هو“
”ته پوءِ ڪير هو؟“ چانهه اڌ ۾ روڪيندي ”ڇڏ انهن ڳالهين کي“
”نه نه ٻڌاءِ“ لڳي ٿو توکي پاڻ کي به خبر ڪونه ٿئي.
”خبر آهي“
”ته پوءِ ٻڌائين ڇو ڪونه ٿو.“
”جنگ آزادي جو سبب ڪارتوس هو.“
”ڪارتوس“
”ها“
”ڇا مطلب“
مطلب اِهو ته هندستان جي جنگ آزادي جي سڀني ڪارڻن کي هڻ کڏ ۾ اصل ڪارڻ اِهو ڪارتوس هو، جنهن ۾ گندرف وجهي انگريز مٿان سيل مهر ڪندا هئا ۽ اِها سيل مهر ڳئون ۽ سوئر جي چرٻي کي پگهاري ان مان ٺاهي ويندي هئي، جيڪا انگريزن کي تمام سستي پوندي هئي. صمد بانڊ، ايلفي اڃا ايجاد ڪونه ٿي هئي.
”هان“ اکيون ڦاڙي ڏسندي.
جي ها ڳئون هندن لاءِ مقدس آهي ۽ سوئر مسلمانن لاءِ حرام.
انگريزن جي فوج ۾ تمام گهڻا مسلمان ۽ هندو سپاهي هئا. ڪارتوس جي سيل کي ڏندن سان ڇڪي ٽوڙڻو هوندو هو، جيڪو ٻنهي مذهبن جي پيروڪارن لاءِ وڏي اذيت بلڪه نه ڪرڻ جهڙي ڳالهه هئي.
”معنيٰ ته جنگ آزادي جو ڪارڻ هٽلر ڪونه هو“
”نه قطعي نه“
”جنگ آزادي جو ڪارڻ هڪڙو ڪارتوس هو“
”تنهن ڪري پاڻ سڀ انهيءَ ڪارتوس جي ڪارڻ پنهنجي اڄوڪي حيثيت ۾ هلون پيا“
”تنهن ڪري توکي انهيءَ سستي ڪارتوس جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي.“
”پر اڄوڪي دور ۾ اهڙو ڪارتوس ڪٿان آڻجي“ اتاولو ٿيندي.
”ڪارتوس تيار آهي“
”ڇا؟“
”ها“
”ڪيترن ئي روپن ۾ بس رڳو ماڻهن کي اِها خبر پئجي وڃي ته ان جي سيل مهر تي ڳئون ۽ سوئر جي ماس جي چرٻي لڳل آهي يا نه؟“

No comments:

Post a Comment