Friday, November 16, 2012

زندگيءَ جي واٽ تي - رياضت ٻرڙو


زندگيءَ جي واٽ تي
رياضت ٻرڙو

رات جا ٻارنهن به ٿي ويا، پر هو ويٺو رهيو ۽ سامونڊي ڇولين کي هلڪي چانڊوڪيءَ ۾ هوري هوري پاڻ ڏانهن ايندي محسوس ڪندو رهيو. ان محسوسائيءَ ۾ هلڪي موسيقي به هئي، جيڪا هن کي اڻ ڏٺين زنجيرن وسيلي جهليون ويٺي هئي، پر سمنڊ کي اها ڄاڻ پئجي نه سگهي هئي ته هن جي اکين ۾ به هڪ سمنڊ هيو، جنهن جي گَھِرائي اڻ ڪڇي هئي، ۽ ان سمنڊ ۾ هڪڙو وجود پنهنجي فنا ۽ بقا کان بي پرواهه ٿي، ٻُڏي به رهيو هو، تَري به رهيو هو، ۽ پوءِ اوچتي هڪ آواز، هن جي اندر جو آواز، فضا ۾ پکڙجي ويو:
”سمنڊ ڪناري،
واريءَ جو گهر ٺاهيوسي،
”توکي چاهيوسي.“


۽ هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا ۽ واريءَ ۾ وڃائجندا ويا: هِڪَ سمنڊ جي وهڪَ ٻي سمنڊ ڏانهن ٿي ويئي. هن جي چوڌاري آواز هئا: ”توکي چاهيوسي...“
ڪيتريون ئي گهڙيون گذري ويون. هن وٽ سندس ماضيءَ مان ڄامشوري جي هڪ شام هلي آئي:
”ٻڌاءِ نه جاني! هوءَ ڪير آهي؟“ سندس دوست خالد کانئس پڇيو هو.
”هوءَ ....“ جانيءَ آڪاس جي اُتاهين ڏانهن ڏسندي چيو هو، ”مان توکي ڇا ٻڌايان، ته هوءَ ڇا آهي؟ هوءَ هن آڪاس جي نيراڻ آهي، جنهن ۾ اُڏامون ئي اڏامون آهن، هوءَ انڊلٺ جا رنگ آهي، جن ۾ سونهن ئي سونهن آهي، هوءَ سنڌو جي ڇولي آهي، جنهن ۾ آب حيات آهي. هوءَ ڄامشوري جي هوا آهي، جنهن ۾ چلولائي ۽ چنچلائي آهي. هوءَ حيدرآباد جي ماضيءَ جو هڪ منظر آهي، جنهن ۾ سنڌيت جو اظهار آهي. هوءَ منهنجا دوست، منهنجي زندگيءَ جو ڪتاب آهي، جنهن کي مان پڙهڻ ٿو چاهيان. ان ڪتاب ۾ منهنجي لاءِ ڇا لکيل آهي، اهو ڄاڻڻ ٿو گهران. مان ان ڪتاب کي پنهنجي بڪ شيلف ۾ رکڻ بدران دل جي ڌڙڪنن ۾ سمائڻ ٿو گهران، ته جيئن منهنجي من ۾ موسيقي هجي، منهنجي جيءَ ۾ جوت هجي“. ۽ پوءِ جاني مرڪي پيو هو، ”هن بابت سوچڻ ڏاڍو سولو، پر ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“
”ٺيڪ، ٺيڪ“. خالدَ جانيءَ کي چيو هو، ”مان سمجهي ويم ته هوءَ ڇا آهي؟ هوءَ تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي؛ ايئن نه؟“
جانيءَ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو هو ۽ خالد کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ويو هو.
”ڇو؟“ جانيءَ حيرانيءَ گاڏڙ ڪاوڙ مان پڇيو هو.
”بس، ايئن ئي، ڪو خيال اچي ويو هو.“
”نه مون تي ٿو کلين.“ جانيءَ کيس چيو هو.
”ايئن ناهي.“ خالد سنجيده ٿي جانيءَ کي چيو هو، ”چڱو هن جو نالو ڇا آهي؟“
هن جو نالو ڪائنات آهي، هوءَ سنسار آهي، هوءَ سندرتا آهي.“ جانيءَ جي وجود جي گھراين مان ڄڻڪ آواز اچي رهيو هو،“ هن جو نانءُ ميٺاج آهي، هوءَ چانڊوڪي آهي.“
”پوءِ،“ خالد کائنس پڇيو هو، ”اهو نانءُ تنهنجي نانءَ سان ڪڏهن سلهاڙبو؟“
جاني وٽ ان سوال جو جواب نه هو. هُو چپ ٿي ويو هو، ڪجهه به ڪڇي نه سگھيو هو.
اها ئي چپ، اهائي ماٺِ هِن وقت به جانيءَ جي چپن تي هئي. هُو ٻنهي خاموشين ۾ هڪجھڙاين کي محسوس ڪري رهيو هو، توڻي جو سندس اڳيان ڇولين جو ڇوهه به هيو، جنهن کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي هوندي.
* * *
ڪير ڏک ۾ آهي، ڪير سک ۾ آهي، ڪير ٺڳي ٿو، ڪير ٺڳجي ٿو، زندگي جي وهنوار جو ان سان واسطو نه هوندو آهي. زندگي تحريڪ چاهيندي آهي، بيٺي ته موت سڏبي آهي. پر جانيءَ جي زندگي نه تحريڪ هئي، نه ئي بيٺل. هُو زندگي ۽ موت جي وچ تي هو. هُو ته بَس رِڙهي رهيو هو، ۽ ان رڙهڻ لاءِ، تعليم جي پڄاڻيءَ کان پوءِ هُو ڪراچي هليو آيو هو. هن پاڻ کي ماڻهن جي سمنڊ ۾ گم ڪري، پاڻ کي وڃائڻ ٿي چاهيو. هن جي اکين اڳيان ڪا به منزل نه هئي، راهون ئي راهون هيون، ڪي ڏٺل، ڪي اڻ ڏٺل. انهن ڏٺل راهن تي هلندي هو آفيس ايندو هو، ۽ مقرر وقت تايئن ڪم ڪري هليو ويندو هو. ايئن ئي معمول موجب اخبار جو پيٽ ڀرڻ لاءِ هو آفيس ۾ چڪاسي رهيو هو، ته سندس اڳيان ساجِي اچي بيٺي.
جانيءَ اٿي بيهي، سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس ويهڻ لاءِ چيو. ساجيءَ سان جانيءَ جي ملاقات سال کن اڳ هڪ ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ٿي هئي، جتي ڪتاب جي حوالي سان ساجيءَ جي پڙهيل مضمون کيس متاثر ڪيو هو، ۽ هن تقريب جي پڄاڻيءَ تي مضمون بابت ساڻس ويچار به ونڊيا هئا. ان ريت ٻنهي ۾ ڄاڻ سڃاڻ ٿي هئي. ساجِي سنڌيءَ ۾، ايم اي ۾ آخري سال جي شاگردياڻي هئي، ۽ تنقيدي ۽ تجزياتي مضمون لکندي هئي. ذهني لاڙن ۾ هڪجھڙائي هجي ته ويجھڙائي ٿيندي ويندي آهي، پر جاني ان ويجھڙائيءَ کان ڊنل هو. هن نه پئي چاهيو ته ساجي هن جي ويڳاڻي دنيا ۾ پير ڌري، ڇو ته هن ڄاتو پئي ته پوءِ ساجي به ويڳاڻي ٿي پوندي. هُو ته اڃا ڄامشوري سان ڳنڍيل هو، جتي هن جو پيار رهجي ويو هو.
جانيءَ، ساجي کان چانهه بابت پڇيو ۽ ساجيءَ جي هاڪار تي پٽيوالي کي چانهه آڻڻ لاءِ چيو.
”اڄ جلدي ڪم اڪلائي وٺو.“ ساجي هن کي چيو.
”ڇو؟“ جانيءَ کانئس پڇيو.
”وساري ڇڏيَوَ نه.“ ساجيءَ مرڪي چيو، ”هر آچر جي شام گوڙ گهمسان کان پري، سُڪون سان گذارڻ لاءِ طَي آهي.“
”اڙي ها.“ جانيءَ جي مُک تي به مُرڪ پکيڙجي وئي، ”اڄ ته آچر جو ڏينهن، گوڙ کان موڪل جو ڏينهن آهي.“
- ۽ پوءِ ڪلاڪ اندر جانيءَ ڪم ڇڏائي، موٽرسائيڪل جي ايڪسيليٽر کي ڦيرايو هو.
”ساجي!“ هن ڏاڍيان چيو.
”ڇا ٿا چئو؟“ ساجيءَ به ڏاڍيان پڇيو.
”ڪيئن ٿي ڀانئين؟“
”ڏاڍو مزو ٿو اچي.“ ساجيءَ چيو، ”مان ڪيڏي نه خوش آهيان. دل ٿي چوي ته آچر جي شام هفتي ۾ ٻه ڀيرا اچي.“
”بس!“ جانيءَ کلندي چيو.
”ها، رڳو سُڪون هوندو، ته سڪونَ کان بيزار ٿي پئبو. بيٺل پاڻيءَ کان وڌيڪ تازگي وهندڙ پاڻيءَ ۾ هوندي آهي.“
”اڄ ڪٿي هلون؟“
”جتي تنهنجي دل گھري.“
”منهنجي دل“، جانيءَ سوچيو، ”منهنجي دل ڄامشوري جي هوائن ۾ پريتم جي خوشبو ٿِي گھُري.“ پر هن چيو. ”سمنڊ ڪناري هلون؟“
”اتي ته سمنڊ جا سرٻاٽ هوندا.“
”انهن سرٻاٽن ۾ سڪون سمايل هوندو آ، ساجي، مان سرٻاٽن سان ڪچهري ڪري پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو آهيان.“
”مون سان به ته اهڙي ڪچهري ڪندو ڪر نه!“ ساجيءَ هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو.
جانيءَ پنهنجي جيءَ ۾ لرزش ڀانئي هئي. هُو ڪابه وراڻي نه ڏئي سگھيو. سمنڊ ڪناري هو پاسائتا ٿي ويٺا هئا. جانيءَ کي خيال آيو، ”ڪيڏو نه سٺو لڳي ها، جيڪڏهن هوءَ ساڻ هجي ها.“
”جاني!“
”جي، ساجي!“
”زندگي ڇا آهي جاني؟“
”تون به اهڙا سوال پڇڻ لڳين آهين ڇا!“
”تو کان پڇڻ تي دل ٿيندي آ.“
”مون کي ڪهڙي خبر ته زندگي ڇا آهي.“ جاني کلي چيو.
”تون خود زندگي آهين.“
”مان!؟“ جانيءَ بي يقيني مان چيو.
”ها.“
”نه ڪو“. هن ساجيءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيو.
”مان ته ڀور ڀور ٿي ويٺل مٽيءَ جو دڙو آهيان.“
”زندگي مٽي ئي ته آهي.“ ساجيءَ نيڻ جھڪائي چيو، ”جيئڻ لاءِ اَنُ به ڏئي ٿي، ته مرڻ لاءِ هنجَ به.“
ڪيتريون ئي گھڙيون ٻئي چپ رهيا هئا. ڇولين جو ترنم سندن چپ سان هم آهنگ هيو.
”هُن جي توسان سِڪَ ڇو نه ٿي، جاني؟“ ساجي کائنس پڇيو.
”اهي ڳالهيون ڇو ٿي پڇين؟“ جانيءَ واريءَ جو گھر ٺاهڻ شروع ڪيو، ”سڪ جي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جا ڪي مستقل سبب هجن، ته مان ٻڌايانءِ.“
”پوءِ به“.
”بس، منهنجون عادتون کيس نه وڻيون.“
ساجي کِلڻ لڳي.
”ڪهڙيون عادتون؟“ هجن پڇيو.
”بس هيون ڪي“.
”ٻڌاءِ نه!“ ساجيءَ اصرار ڪيو.
”ڪامريڊ ٽائپ هيم.“ جاني کليو؛ ”هڪڙي ڏينهن ته ليبارٽري ۾ ٽيبل تي چڙهي ويم ۽ اوچتي هوءَ اچي وئي. اڳيئي نه وڻندڙ هئاسي، رهندو وري عملي ڪارڪردگي ڏيکاريسي.“
”پوءِ.“
”پوءِ ڇا، زيپٽ زيپٽ ڪندي موٽي وئي.“
”هاڻي ته لڳي ئي نه ٿو، ته تون ايئن هئين.“ ساجيءَ جي چپن تي مرڪ هئي.
”هاڻي اها عمر به ته نه رهي آهي نه!“ جانيءَ چيو هو.
”ٻُڌ!“ ساجيءَ ٿوري دير کان پوءِ چيو.
”ها، چئو!“
”منهنجو پڇڻ خراب ته نه ٿو لڳئي؟“
”گھڻو وقت ٿيو آ جو مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون خراب ناهن لڳنديون.“ جانيءَ وراڻيو هو، ”جيڪي خرابيون پوري شدت سان منهنجي جيون ۾ اچڻيون هيون، اچي ويون؛ هاڻي ته مڙئي گريبي ٿي هلي.“
جانيءَ جون نظرون گھڻو گھڻو پرتي افق وٽ ڳاڙهسرو ٿي ويل سج تي کپي ويون. هن کي پنهنجو الهڻ ياد پيو: ”هوءَ اجھو آئي.“ هن خالد کي چيو هو.
”پر هوءَ ته توکي ڏسڻ به پسند نه ٿي ڪري.“ خالد چيو هو.
”پوءِ ڇاهي، مان ته ڪيان ٿو نه.“ جانيءَ تکائيءَ مان چيو هو.
”پيار ۾ ايئن ناهي ٿيندو، جيئن تون ٿو ڪرين.“ خالد وري به هن کي سمجھائڻ جي ڪئي.
”۽ پيار ۾ ايئن به ناهي ٿيندو، جيئن هوءَ ٿي ڪري.“
”هن کي پنهنجي زندگي گذارڻ ڏي.“ خالد لفظ لفظ تي زور ڏئي چيو هو. ”هن جو توسان پيار ڪونهي.“ هن جي اکين ۾ تنهنجي لاءِ ڪا به نرمي ناهي، هوءَ تو کي ڌڪاري ٿي، تنهنجي بابت هوءَ خوف ۾ ورتل آهي، توکان ڊڄي ٿي، هوءَ تو بابت هڪ لفظ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. شروع کان ئي، جڏهن کان هن تو کي ڏٺو آهي، تون هن کي اوپرو محسوس ٿيو آهين. تون هن کي لوفر ٿو لڳين.“
”تون غلط ٿو چوين.“ جانيءَ ڏاڍيان چيو هو.
”مان غلط نه ٿو چوان.“ خالد وري به ڌيرج اختيار ڪندي چيو هو، ”جاني! تون سچي ڳالهه سمجھڻ نه ٿو چاهين. تون منهنجو دوست آهين، مان توکي خوش ڏسڻ ٿو گھران.“
”توکي ڪيئن معلوم ٿيو ته هوءَ مون کان نفرت ٿي ڪري، جنهن سان مان بي انتها پيار ٿو ڪيان“.
تنهنجي ڪري، فقط تنهنجي ڪري، مون ساڻس رابطو ڪيو آهي.“ خالد وراڻيو.
”ڪيئن؟“ جانيءَ بي صبريءَ مان پڇيو هو.
”هن معاملي ۾ اسان کي نتيجو ڏسڻ گھرجي، نه ڪي طريقيڪار.“ خالد چيو هو.
”تڏهن به مان ساڻس ڳالهائڻ چاهيان ٿو.“
”جڏهن ته هوءَ تو سان ڳالهائڻ لاءَ تيار ئي ناهي ته...“
”ڇا به هجي،“ جانيءَ خالد کي اڌ ۾ ڪٽي چيو، مان پنهنجو چٽو اظهار ضرور ڪندم.“
”عجيب ماڻهو آهين!“ خالد ڪاوڙ مان چيو، ”تون مرد هوندي هن جو رويو سمجھين ٿو، ۽ هوءَ عورت هوندي به تنهنجي بي چينيءَ کان اڻ ڄاڻ هوندي! ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگھي!“
پوءِ مان ڇا ڪيان؟“ جانيءَ بي وسيءَ مان پڇيو هو.
”ٿورو صبر ڪر. پيار ۾ تڪڙ ناهي ڪبي.“
”ايڏي دير به ناهي ڪبي، جو سج ئي لهي وڃي.“ جاني چيو هو.
- ۽ هاڻ جانيءَ ڏٺو ته سج لهي ويو هو. هن ساجيءَ ڏانهن ڏٺو. هوءَ به کيس ڏسي رهي هئي.
”ڏاڍو ڏکارو ٿو محسوس ٿين!“ ساجيءَ هن کي چيو.
”نه، اهڙي ڳالهه ڪانهي.“
”پنهنجا ڏک مون سان شيئر ڪر نه!“ ساجيءَ هن جي هٿ تي هٿ رکيو.
جانيءَ ڪجھ به نه چيو. هو سوچي رهيو هو، هڪ عورت خوشي وٺڻ به نه ٿي چاهي ۽ ٻي عورت ڏک وٺڻ کان به نه ٿي ڪيٻائي. هِڪڙي عورت وڌيل هٿ ڏانهن ڏسي به نه ٿي ۽ ٻي عورت ڪِريل هٿ کي به پڪڙي ٿِي وٺي.
”جاني!“ ساجي هن کي سوچن جي دنيا مان ورائي آئي.
”جي!“
”تون چپ ٿِي ڇو ويندو آن؟“
”ان ۾ منهنجو ڪو به ارادو ناهي هوندو.“ جانيءَ وراڻيو، ”اسان ڪيترائي عمل بنا ارادي به ڪري ڇڏيندا آهيون. انهن ۾ اسان جي شعوري سوچ جو ادراڪ نه هوندو آهي.“
”ڇا تون مون کي سمجھي سگھين ٿو؟“ ٿوريءَ دير کان پوءِ ساجيءَ کائنس پڇيو.
”عورت کي سمجھڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو آهي.“ جانيءَ چيو، ”مان هاڻي رشتن ۽ ناتن کي سمجھڻ چاهيان ٿو، انهن رشتن ۽ ناتن کي، جيڪي ڄمڻ سان ئي ڳنڍجي نه ٿا وڃن، پر انهن رشتن ۽ ناتن کي، جيڪي ڳنڍڻ چاهيندي به، ڳنڍجي نه سگھندا آهن، ۽ جيڪي ڇنڻ چاهيندي به ڇڄي نه سگھندا آهن.“
ساجي، چپ رهي. جانيءَ محسوس ڪيو ته هوءَ ڪجھ چوڻ چاهي ٿي، پر ٻڏ تر جو شڪار آهي.
ڇا ڳالهه آ، ساجي؟“ جانيءَ هن کان پڇيو.
”ڪجھ ناهي،“ ساجيءَ چيو، ”اٿُ، ته هلون.“
”نه.“ پهرين ٻڌاءِ!“ ساجي پوءِ به ماٺ رهي، پنهنجي هٿ جي ريکائن کي ڏسندي رهي. جاني هن کي ڏسندو رهيو.
”جاني! ڇا توکي منهنجو پيارُ ڇُهي سگھيو آهي؟“ ساجيءَ نيٺ جانيءَ کان پڇيو.
جانيءَ کي جهٽڪو لڳو هو، ۽ پوءِ آهستگيءَ سان هن کي پنهنجين اکين ۾ آلاڻ جو احساس ٿيو هو. هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ٻئي ماٺ رهيا.
”جاني!“ ساجيءَ، ٿوريءِ دير بعد، گنڀيرتا سان چيو، ”ڇا تون مون کي پاڻ سان گڏ زندگي گذارڻ ڏيندين؟“
جانيءَ کي چوڌاري آواز، آوازن جا پڙاڏا، پڙاڏن جا پڙاڏا، محسوس ٿيڻ لڳا: پاڻ سان گڏ زندگي گذارڻ ڏيندين.... پاڻ سان گڏ زندگي گذارڻ ڏيندين.... پاڻ سان گڏ زندگي گذارڻ ڏيندين.... ڏيندين.... ڏيندين....
وقت ڄڻڪ بيهجي ويو. چوڌاري چپ ٿي وئي. جانيءَ جون نظرون ماضيءَ ۾ موٽي ويون. ٽانڊن سان ڀريل هڪ منظر هن جي اکين ۾ اڀري آيو:
”ٻڌ!“ هن ويندڙ پريتم کي چيو هو.
بنا مڙڻ جي هوءَ بيهجي وئي هئي.
”مان غلط ماڻهو ناهيان“. جانيءَ کيس چيو هو، هوري هوري سڌري ويندم. ماڻهوءَ کي چڱي واٽ تي هلائجي ته ضرور هلندو. تنهنجي وکن تي مان پنهنجون وکون رکي هلڻ ٿو گھران. مون کي ايئن ڌڪار نه، پاڻ سان گڏ وٺي هَلُ.“
”تون سمجھين ڇا ٿو پاڻ کي!“ هن ڪاوڙ مان چيو هو. مون وٽ جيڪو تنهنجو تصور آهي نه، اهو ٻڌائڻ جوڳو به ناهي. پنهنجون واٽون پاڻ سنڀال. مان تو سان عشق ڪرڻ ناهيان آئي.“
”پر مان ته ڪيان ٿو نه تو سان عشق.“ جانيءَ روئڻهارڪو ٿي چيو هو. ”مان توسان شادي ڪرڻ ٿو گھران، تو سان گڏ پنهنجي زندگي گذارڻ ٿو گھران.“
”زندگي گذارڻ ٿو گھران،“ هن ڪاوڙ مان جانيءَ جو جملو دهرايو هو، ”منهنجي زندگي ٻي ڪنهن جي لاءِ آهي، تنهنجي لاءِ نه. ۽ ها آئنده منهنجي راههَ نه روڪجانءِ“.
۽ پوءِ هوءَ هلي وئي هئي.
جاني ماضيءَ مان موٽي آيو. هن ڪنڌ ڦيري ٻانهن سان پنهنجا ڳوڙها اگھيا.
”هلون.“ هن ساجيءَ کي چيو.
”ها، هلون ٿا.“ ساجيءَ هاڪار ڪئي.
جانيءَ اٿي، پريان بيٺل موٽرسائيڪل ڏانهن وکون وڌايون، پر ستت ئي هن کي پنهنجو وجود هيکلو محسوس ٿيو. هُن مڙي ڏٺو. ساجي اڃا ويٺي هئي.
هُو پوئتي موٽي ويو.
”ساجي!“ هن سندس اکين ۾ ڏسندي چيو؛ ”اچ نه! مون سان نه هلندينءَ ڇا زندگيءَ جي واٽ تي؟“
هن ساجيءَ ڏانهن پنهنجو هٿ وڌايو. ساجيءَ هن جي هٿ کي مضبوطيءَ سان پنهنجن هٿن ۾ قابو ڪري، پنهنجا نيڻ انهيءَ هٿ تي رکي ڇڏيا، ۽ ٻه ڳوڙها انهن هٿن ۾ سمائجي ويا.

No comments:

Post a Comment