Monday, November 5, 2012

ڌاريو - سحر گل


ڌاريو
سحر گل
هو ڌاريو هو- اها ته سڀني کي خبر پئجي چڪي هُئي-! سندس اچڻ شرط ئي سڀ ڄاڻي چڪا هُئا ته هو الڳ هو، مختلف هو، ڌاريو/ alien هو. سندس اُتي جي ڪنهن روايت سان مشابهت نه هئي. سندس جوهر ۾ ته کڻي ڇا به هو، پر سندس اظهار ۾ انساني پستيءَ جي اونهاين جهڙي پستي هُئي. انساني پستيءَ جي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي پستي!


سندس اچڻ شرط ئي سندس جيان ٻيا، پرڏيک ۽ ويک ۾ مختلف، هڙئي اچرج ۾ پئجي ويا. ڪروڌ، ڌڪار، اڻ سهپ ۽ نفرت جي باهه ۾ ايترو ته جليو پئي هو، جو چوڌاريءَ جي ڪنهن به روايت ۾ جُڙي پئي سگهيو. نه صرف اهو پر هو آس پاس وجودن کي به ساڙي رهيو هو. نفرت ۽ ڪروڌ ته نفرت کي ئي جنم ڏئي ٿي سگهيا. هيبت جي هيبت کي جنم نه ڏيندي ته ڇا کي ڏيندي؟
نه ته هونئن ڪيڏي نه حسين دنيا هئي! جڏهن هو نه آيو هو ته چوڌاري حُسناڪين، خوشين ۽ اميدن جا انبار هُئا. زندگي هڪ فانوس مثل لڳندي هئي- ۽ سچ پچ ۾ اُتي زندگي اهڙي فانوس جيان هُئي، جنهن سموريءَ دنيا کي روشن ڪرڻ جو وچن ڪيو هو. روشنيءَ جو سفر شروع ٿي چڪو هو- ۽ اهڙي روشني ۽ اهڙي سهائي جنهن جو ابدي مقصد پنهنجو پاڻ کي ڌرتيءَ جي هر ٻاري تائين پکيڙڻ ۽ پهچائڻ هو. هڪٻئي کي رستا آڇي، راهون ڏسي، اونداهين ۾ سهارا ڏيڻا هئا. محبت جي سرزمين هُئي، عشق جو راڄ هو، ۽ محبتي روايتون هيون-
انهن حسين روايتن ۾ سندس منفي انفراديت کيس سڀني جي ڀيٽ ۾ ننگو ڪري بيهاري ڇڏيو هو. هو ڌاريو هو ۽ اهو سندس اچڻ جي پهرئين لمحي ۾ ئي ظاهر ٿي چڪو هو. هُن نفرت پکيڙي پئي. اڻ لڪل ’راز جيان‘ -!
پر هو آيو ڪٿان هو؟ سالڪن جي وجدان ان سوال جي جواب کان علاوه ان ڳالهه تي به غورپئي ڪيو ته هو ايڏو ته ڏاڍو هو، جو موجود حسين روايتن کي بي رنگ ۽ بي اثرائتو ۽ ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو هو. هو آيو ڪٿان هو، ان سوال جي انيڪ جوابن تي سالڪن غور ڪيو پئي. ڪنهن چيو هو، ”هُو اُن راڄ جي ڪمزور رَوِشن جو لازمي نتيجو هو.“
ڪنهن چيو ”ڊگهي ٻوسٽ کان پوءِ اچانگ جو گندو اظهار هو.“ڪنهن چيو ”روح جي بيماري هُئي.“ ڪنهن چيو ”غلط فيصلن جي لازمي ڀوڳنا هُئي“، ڪنهن چيو ”محرومين جو نتيجو هو“. ڪنهن ڇا چيو، ته ڪنهن ڇا! پر حقيقي جواب ڇا هو. ڪو هڪڙو جواب هو؟ يا انيڪ هُئا؟.
سالڪن ان تي ڳوڙهو سوچڻ شروع ڪيو. مشاورتي نشستون ويهاريون.
دل جو هُجي يا گهر جو در، ان ۾ ڪنهن ڌاريي جي داخلا تيسيتائين ممڪن ناهي، جيستائين حدون طئه نه ٿيل هجن. سرحدن تي چوڪسي ڪمزور هجي ته نرم ۽ غيرجانبدار سرحدون ڌاريا پير روڪڻ بدران انهن جي لاءِ رستا کولي ڇڏينديون آهن. ڪمزور سرحدن کان سواءِ سرحدن اندر ڪنهن ڌاريي جو دخل ممڪن ناهي. ڪا ته ڪا ڪوتاهي هئي، جو اهو دخل ممڪن ٿيو. اهو سالڪ سمجهي ويا هئا. مٿن سَببَ کُلي چُڪا هئا، ته اها پنهنجي ڪمزوريءِ جي ئي ڀوڳنا هئي.
ڪيترائي سوال هُئا جن تي سالڪن سوچيو پئي ته آخر اُهي سرحدون ڪيئن نرم يا ڪمزور ٿيون؟ ڪنهن نرم ڪيون؟ ۽ ٻيا ڪيترائي... سو چن جي جواب ۾ اچرج آيو ٿي.!
اُهي سرحدون جن جي اندر خوشين، سچاين، ڏاهپ، وجدان، علم، ۽ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جون عظيم روايتون هيون، اُتي هو ڌاريو ڪي متضاد رويا ڪيئن کڻي داخل ٿيو هو؟ ۽ داخل ٿي جاءِ به ٺاهي ويو؟ ۽ ڌاريو، اجنبي، مختلف ۽ ڪروڌ ڀريو هجڻ جي باوجود به اُتي پختو بيٺو هو! ۽ سڀنيءَ جي سمجهه آهر ڪوڙهيو ۽ ڌڪار جوڳو هئڻ باوجود به ويو ئي نه پئي، پنهنجي بظاهردلڪش روپ سان چوڌاري ويو پئي وحشت وڌائيندو... سالڪن کي انهن سڀني سوالن منجهائي وڌو هو.
سالڪ سڀئي ان تي به متفق هُئا ته سرحدون نرم ڪنهن به نه ڪيون هيون، جو اُتان جا قانون اٽل هُئا ۽ قانون تي هلڻ وارا ثابت قدم هُئا. سرحدون مضبوط هيون، پر ڪنهن لمحي شديد بي خبريءَ جو ضرور شڪار ٿيون هيون، جو ڌاريي رويي جو دخل ممڪن ٿيو هو. باوجود اٽل قانون ۽ ثابت قدم قانونن جي رکوالي ۽ پوئواري ڪندڙن جي، ڌاريي جو اندر گهڙي اچڻ رکوالن جي غداري ته ڪنهن به صُورت ۾ نه هئي- پوءِ ڇا هو؟
سالڪن سمجهيو ته ٿيو ڪجهه ٻيو هو، جنهن ڌاريي جي داخل ٿيڻ کي ممڪن بڻايو هو. ۽ آخرڪار سندن ڏاهپ کين سببن جي هڪ سرحد تائين وٺي آئي.
ٿيو دراصل ائين هو، جو ڪو مختصر دؤر آيو هو محبت جي سرزمين ۽ عشق جي راڄ تي. تيز ۽ بي انتها آنڌي آئي هُئي. ايتري تيز جو در ديوار پنهنجن بنيادن کان ٻاهر اچي ويا هئا. اکين ۾ ساڙيندڙ واريءَ جا ٻڪ اچي پيا هئا ۽ اونداهه کان سواءِ ڪجهه به نظر نه پئي آيو. واريءَ سان گڏ پٿر به اُڏيا هئا- ايڏي تيز آنڌي هئي! پٿرن جسم ۽ روح رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيا هُئا. هو نفرت جو ڀيانڪ مثال- هو ڌاريو- آنڌيءَ جو فائدو وٺي، داخل ٿي ويو هو، سرحدن اندر!
حقيقت اها آهي ته طوفانن جي به پنهنجي رسم ۽ ريت هجي ٿي، اُن جا پنهنجا لازمي اثر، ڀوڳنائون ۽ ڪڏهن ڪڏهن حاصلاتون به هجن ٿيون. هو ان طوفاني آنڌيءَ جو فائدو وٺي داخل ٿي ويو. جاءِ به ٺاهي ورتائين- دلين ۾ نه، زمين ۾- سو به جبر سان- روايتن کيس بلڪل نه قبوليو، پر کيس ڌڪي ٻاهر نه ڪڍي سگهيون. روايتن جي سڌي سنئين مخالف روش باوجود به هو اٽل ۽ ڪنهن قابض جيان بيٺو هو!
سبب ڄاڻڻ کان پوءِ سالڪن سوچيو ٿي ته آخر کيس ڪڍي ڇو نه پئي سگهيا. ويتر اُن ڌاريي جي منفي سوچ ۽ روش سبب چؤطرف هلندڙ نظامن جا نظام خراب ٿيڻ لڳا هئا! طوفانن، زلزلن ۽ آنڌين جا پنهنجا مزاج آهن. هو انيڪ محرومين، تباهين، ڪمزورين ۽ بيمارين کي جنم ڏئي ويندا آهن. ائين ئي اُتي جي هلندڙ روايتن کي وڌيڪ ڌڪ رسيو پئي، اُن ڌاريي جي ڀيانڪ سوچ ۽ امن دشمن روش سان-
هو سڀ گهڻا هُئا، پوءِ ڇو فقط هڪ ڌاريي جي اثر هيٺ پنهنجن حسناڪين کي ماري رهيا هئا؟ سچائي، سُهائي، عقل، ڏاهپ ، دوستي، حساسيت ۽ انسانيت پسنديءَ جهڙن عظيم خيالن جو سمنڊ هر ذهن ۾ اُٿليو پئي. هو ته سمنڊ هئا ۽ هو هڪ ڪمزور وير جهڙو ڪو ڌڪاريل ڌاريو! هيچ هو، پوءِ به بيٺو هو- هو عظيم هُئا، پوءِ به لاچار! اچرج جهڙي ڳالهه نه هُئي؟
سالڪَ اُن سچ جا پردا چاڪ ڪرڻ جي ڪشٽ ۾ رُڌل هئا- ۽ راز جي تهه تائين پهچڻ جي جستجوُءَ ۾ ڏينهن رات مصروف! نيٺ وڃي اُن راز تائين رسيا، نيٺ وڃي مٿن اُهو راز عيان ٿيو، ته آخر ڇو هو ڪمزور ۽ اڪيلو هوندي به ڏاڍو هو ۽ بيهي سگهيو پئي ۽ هو سڀ عظمتن جي آسمانن تي هوندي به، ۽ پنهنجي جوهر ۾ ”سچ“ هوندي به، هُن ”ڌاريي“ آڏو ڪمزور ۽ بيوس پئجي ويا هئا.
هو سمجهي ويا هُئا ته سندن چانئٺ جون حدون مضبوط ۽ اڏول هيون. سرحدن تي چؤڪسي به سخت هئي. سرحدن جا رکوالا وفا جو مِثال هُئا. بس سندن بدقسمتيءَ جو ڪارڻ اُها موتمار آنڌي هُئي. آنڌي جنهن ڌرتيءَ جو سَنڌ سنَڌ لوڏي ڇڏيو هو. اُن آنڌي ايڏي ته تيز مٽي اُڏاري هئي، جو سرحدن جا رکوالا اُن ۾ ڪو وقت نابينا ٿي چُڪا هُئا. پٿرن جو اهڙو ته طوفان وسيو ويو هو، حسناڪي رتو رت ٿي چُڪي هئي- ۽ اهڙي موتمار صورتحال ۾ هُو ڌاريو ڪيڏي نه آسانيءَ سان سرحدن ۾ داخل ٿي ويو هوندو؟
سالڪ اهو به سمجهي ويا هئا ته بيشڪ ڌاريي جي آڏو آڏول، اٽل انسانيت پسنديءَ جون عظمتون هيون، خوشي هُئي، محبت هئي، عشق هو، راحت هُئي، فن هو، فلسفو ۽ ڏاهپ هُئا، پر اُهي سڀ اُن نفرت جي علامت آڏو ڪومائجي ويا هُئا. ائين ڇو ٿيو هو؟ سالڪ ان نتيجي تي پهتا هئا ته عشق جي عقل جي راڄ ۾ آنڌيون اڻ ٽرهيون، نفرت آڇيندڙن ڪروڌ پکيڙيندڙن جو دخل به اڻ ٽر هو، پر اصل مسئلو انهن عظمتن جي اڏول ٿي ڪري رهڻ جو هو، جيڪو ئي ٿي نه سگهيو هو- هو پنهنجيءَ دنيا جي خمارن ۾ گم هئا. ۽ ٿيو ايئن هو، جو ڪنهن ڌاريي جي اوچتي دخل اُن عشق ۽ عقل جي راڄ ۾ نفرت جو ٻچ ڇٽڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته جيئن خوشين، روشنين، محبتن ۽ سچائين جي فصل جون رنگينيون ۽ تازگيون تباهه ۽ برباد ٿين. لمحن جي اختصار ۾ ئي سهي، پر نفرت محبت کي پست ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئي- ۽ محبت پنهنجي جوهر ۾ جيڪا هُئي ئي محبت، اُها خاموش آثار جيان ماٺ ٿي بيهي رهي هئي.
سالڪن پنهنجي ڏاهپ سان اهو خيال پکيڙيو ته آنڌيون ته دنيا جي ڪاروهنوار دؤران پنهنجي طئه ٿيل وقت تي اچڻيون هيون- مسئلو انهن جي جواب ۾ روين جو هو! ته ڪيئن حسين روايتون بچائجن ها!نه ڪي نفرت ۽ ڪروڌ آڏو محبت ۽ عقل کي ڪمزور ٿي بيهي رهڻ کپندو هو! محبت بچائجي ها، عقل قائم رکجي ها.
سالڪن جي ان فيصلي عقل ۽ عشق جي راڄ کي وري جيئاريو. محبت پنهنجي اؤج سان نفرت آڏو اُڀي ٿي بيٺي. ڏاهپ اُن نفرت ۽ ڪروڌ کي منطق سان ڪمزور ڪري ڇڏيو. عشق ان عقل دشمن ۽ محبت دشمن روايت کي شرمسار ڪيو. سچ اُن حق دشمن رويي کي هيچ ثابت ڪيو. روشنين پنهنجو پاڻ کي چوڌاريءَ وڌيڪ طاري ڪري، انداهين کي پستين ڏانهن ڌڪيو!
سالڪن جي ڏاهپ سان عقل ۽ عشق جي راڄ مان هو ڌاريو تڙجي ويو!
پر!
سالڪن جي تنبيهه هُئي روشنين جي اُن راڄ کي ته آنڌيون، طوفان ۽ زلزلا لازمي هُئا، پر پنهنجي پاڻ کي اُجهائڻ کان بچائڻو هو. ڌارين جو دخل به اڻ ٽر هو- پر اُن تضاد جي اثر هيٺ ڪمزور ۽ پست ٿيڻ بدران قائم رهڻو هو.
نفرت جي اثر ۾ اچي محبتن کي، پاڻ کي جوهر ۾ ڪمزور نه ڪرڻو هو. عقل جهالت آڏو ڪمزور ٿيڻ نه کپندو هو!

No comments:

Post a Comment