Sunday, November 25, 2012

چاليھ روپيا. - مٺل جسڪاڻي

چاليھ روپيا....
مٺل جسڪاڻي
اڄ شام هو غيرمعمولي طور وڌيڪ ٿڪل ۽ طبيعت ۾ چڙچڙو پئي لڳو، ان ڪري منهن نه پوڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم، پر ڪيئن ٿي نٽائي سگهيس!؟
مون کي پنهنجو ۽ هن کي سندس، سک سور سلڻ لاءِ ٻيو ڪو سجهي ئي نه ٿو، ان ڪري روز شام جو هڪ ٻئي کي ڳولي لهڻ اڻ ٽر هوندو آهي. جنهن ڏينهن پاڻ ۾ نه ملندا آهيون، ان ڏينهن اسان ٻنهي جي گهرن ۾ ٻڙڌڪ متل هوندو آهي.


اڄ شام ملياسين. حالي احوالي ٿياسين. ٻڌايائين ته حيدرآباد ويو هئس... ۽ پوءِ گارين جو دس ٽنڊوڄام ٽول ٽيڪس وٺندڙن کي، پنهنجي پاڻ کي ۽ عام ماڻهن کي ڏنائين!؟
جيءُ، ها، مون کي به اوهان وانگر ئي حيرت ٿي هئي. ان ڪري پڇانس به ها، پر اڄ هو نئون سئون سراڻ ٿيل پئي لڳو، ان ڪري مون کي پڇڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي. سڀ ڪجهه پاڻ ڄاڻ ٻڌائي ڇڏيائين.
هن چيو: ”ٽنڊوڄام کان حيدرآباد بسون جهڙوڪ آهن ڪو نه، ڪوسٽر وارا سواري کڻڻ ۽ لاهڻ کان لهرائيندا آهن، ان ڪري ٻئي ڀيري وس پڄندي ڪير به نه چڙهندو آهي، ٽنڊوڄام کان حيدرآباد هلندڙ ريل جي شايد ريلوي وارن کي به خبر نه هوندي آهي، البت فقير جي پڙ تائين سوزوڪي وارا ۲۰ رپيا ڀاڙو وٺندا آهن. اڄ سوچيم ته ڪار تي وڃڻ سان اوٽ موٽ ۸۰ رپيه، موٽرسائيڪل تي ويندس ته اوٽ موٽ ۳۰ رپيا ٽول ٽيڪس ڀريندس، ان ڪري آئون به ڇو نه عام ماڻهن وانگر ۴۰ رپين ۾ ٿي اچان؟
مون هن جي تمهيد ٻڌي ته وڏو ٽهڪ ڏيڻ چاهيم، پر سندس چڙ کان بچڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪرڻ باوجود مُرڪ ماري نه سگهيس ۽ منهنجي مُرڪ هن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جو ڪم ڪيو ۽ ڦاٽي پيو!
هن ٻڌايو ته هو ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد ايندي ويندي صرف ۴۰ رپين ۾ ئي پهتو پر...
”پر...“ کان پوءِ هو ڄڻ ٻُڏي ويو!؟
اوهان يقين سمجهو، ان دوران هن پنهنجي پاڻ کي ئي گاريون ڏنيون هونديون، ته آخر عام ماڻهن جي ريس ڪري، هن اهڙو غلط فيصلو ڇو ڪيو؟
هن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ مختلف هنڌن تان پنهنجو ڪم اڪلائي فقير جي پڙ کان موٽي اچي فقير جي پڙ ۾ پهچڻ لاءِ هن ملائي سلائي ۳۰۰ رپيه فور سيٽرس ۽ رڪشائن کي ڪرايو ڏنو ۽ گهر پهچندي پهچندي سج به لهي ويو! عام طور هو ۲۵۰ رپيا خرچ ڪري سڀ ڪم ڪار سولائي سان اڪلائي، خير خيريت سان واپس موٽي ايندو رهيو آهي پر...
ٽنڊوڄام ٽول ٽيڪس تي بي عزتو ٿيڻ کان بچڻ لاءِ هن کي نه رڳو خرچ وڌيڪ ڪرڻو پئجي ويو، نه رڳو وقت وڌيڪ رلڻو پيو، نه رڳو ڪپڙا ميرا ڪري موٽڻو پيو پر...
سندس قميص جي پاسي وارو کيسو فضول ڪاغذن سميت غائب هو. موبائيل جي خبر ئي نه رهيس، ڪٿي وساري آيو يا ڪو کسڪائي ويس! چڱو جو گهران ٿي اچڻ ڪري پير ۾ چپل پيل هئس نه ته بوٽ ڏيکاري ها، جنهن کي صاف ڪري پالش ڪرڻ تي جيڪا اڌ ڪلاڪ محنت ڪيائين، سندس چواڻي موجب بوٽ جي اهڙي حالت ٿي اٿس، ڄڻ ته هو سڪيءَ جا هر واهي گهر پهتو هو...
اڄ شام هو گهڻيون خبرون ڪري ها، پر سامهون ايندي، مهمان ڏسي موڪلايائين. موڪلائيندي موڪلائيندي ٻڌائيندو ويو ته تر جا سڀ سماجي، سياسي وڏيرا ٽيڪس نه ڏيندا آهن، سندن ماڻهو پنهنجي پڳدارن جا نالا کڻي نڪري ويندا آهن... هن جي دل وڃڻ تي نه پئي چيو، پر مهمان کي وقت ڏيڻ وارو وڙ آهيس، ان ڪري ويندي ويندي، ڳالهيون اڌ ۾ ڇڏي، چوندو ويو: چڱو پيرائتا احوال پوءِ ڪبا....



No comments:

Post a Comment