Thursday, April 25, 2024

تخليقي سفر ۽ ٻهڙو ڪتو - منظور ڪوھيار

تخليقي سفر ۽ ٻهڙو ڪتو

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪجھ ڏينهن اڳ، تخليقي ادب لکڻ جو موڊ ٿيو. پر ڳليءَ جو هڪ آواره ٻهڙو، ڏني نه وتي، در ٻاهران بيهي ڀونڪڻ لڳو. جنهن بليخم ڪري وڌو. لکڻ ۾ رخنو پئي پيو.

ڪالھ شام جو ڪکو خان کان فون تي ان جو علاج پڇيم. ٻڌايائين ته: ”جڏهن به اهو ٻهڙو ڀونڪڻ شروع ڪري ته چوندو ڪرينس ته: ’ڀونڪ ڪتا، ڀونڪ! تو کي صاحب ڏنو شوق!‘ ته پاڻهين بس ڪري ويندو!“

Friday, April 19, 2024

پنهنجو گهر - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

پنهنجو گهر

مختصر ڪهاڻي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



”ڀاڄائي! ايتري بچت ڇو ٿي ڪرين؟ هاڻي ته تنهنجا ٻچا به اچي جوان ٿيا آهن، پاڻيهي روزگار کي لڳندا ته گهر گهاٽ به ٺاهي وٺندا. ادي سليمان جي ايتري ڪمائي ڪانهي، گهر ته وڏا خرچ ٿا کائين پُٽ ڪُلها ڀرائيندس تڏهن پنهنجي ڇت به ٿي ويندي، توهان ته هڻي پنهنجي گهر ٺاهڻ جي لاءِ پئسا جوڙي جوڙي خود کي سُڪائي ڇڏيو آهي. نه سٺو کائو پيئو ٿا نه اوڍيو پهريو ٿا، نه ئي ڪٿي اچو وڃو. ڪو ضروري خرچ به نٿا ڪريو ته به گهر ڪونه ٺاهي سگهيا آهيو. هاڻي پاڻ کي گهڻو نه ٿڪايو.“

ساريندي ھوندي - مٺل جسڪاڻي

ساريندي ھوندي!

مختصر ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



موبائيل فون جو ته تصور ئي ڪو نه ھو. ڪمپيوٽر به ڪنھن جي خواب خيال ۾ نه ھو. ٽيليفون به چند وڏن آفيسرن جي آفيس ۾ ھوندي ھئي. جنھن وسيلي صاحب جي ماتحت عملي کي صرف چند عالم آشڪار اھم اطلاع موڪلي سگهبا ھئا.

انھن ڏينھن ۾ فاروق جي عمر ڪا پنجويھه سال ھوندي. سندس مائٽن ۾ ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ ۾ رشتا طئه ٿي وڃڻ باوجود، فاروق ڪنوارو رھجي ويو ھو. ماسٽرس مڪمل ڪري، آفيسر مقرر ٿيو ھو.

ڪرسيءَ کي لڳل خاص قسم جو ٿنڀڻ - منظور ڪوھيار

ڪرسيءَ کي لڳل خاص قسم جو ٿنڀڻ

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



اڄ شام جو پارڪ ۾، ڪکو خان سان جاگنگ ٽرئڪ تي پنج رائونڊ هڻي، ڀرسان واري هڪ بئنچ تي ٿي ويٺم. سهڪندي پڇيومانس؛ ”ڪجھ ڏينهن اڳ رٽائرڊ ٿيل هڪ ڪاموري جو بيان پڙهيم ته: ’انتظامي ڪرسي تي ويهڻ دؤران مون چاهيو پئي ته تعليمي، ثقافتي ۽ معاشرتي انقلاب آڻجي، پر وقت جي ظالم حڪمرانن نه ڪرڻ ڏنو.‘ جي اها ڳالھ هئي ته پوءِ انقلابي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل ڪرسيءَ کي لت هڻي پريميچوئر رٽائرمينٽ ڇو نه ورتائين؟“

Wednesday, April 10, 2024

عيد مبارڪ - منظور ڪوھيار

عيد مبارڪ

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



عيد نماز کانپوءِ گھڙي نه گذري ته گھر جي ڪال بيل وڳي. نڪري ڏٺم ته ڪکو خان هيو. ٻٽا ٻک هڻي چيائين؛ ”عيد مبارڪ!“

وراڻيم؛ ”خير مبارڪ!“

”جلدي ڪر، سيون کاراءِ! وري ٻين هنڌن تي به وڃڻو آهي.“

Monday, April 1, 2024

آھيون ته وڏي جيل ۾ - منظور ڪوھيار

آھيون ته وڏي جيل ۾. . .

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



ٽي هفتا اڳ منهنجي وڏي پٽ بالاچ حسين ٻڌايو ته: پندرھن ڏينهن لاءِ هو ڏکڻ آمريڪي ملڪ ڪولمبيا گھمڻ ٿو وڃي.

”يورپ (جرمني) کان آمريڪي کنڊ ڏانهن سفر؟“ مان حيرت کائيندي چيومانس: ”ان کان ته آمريڪا يا ڪئناڊا جو چڪر هڻي هان. ڪولمبيا ۾ ڇا رکيو آھي؟“

ماسترياڻيءَ جو مھمان - اِزابيل آلندي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ماسترياڻيءَ جو مھمان

چليءَ جي مختصر ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: اِزابيل آلندي

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ماسترياڻي انيس، ’دي پرل آف دي اوريئينٽ‘ منجھ گھڙي، جيڪو ان وقت صفا سُڃَ لڳو پيو ھيو. سڌي ڪائونٽر تي پھتي، جتي رياض حلابي، چِٽن گلن واري ڪپڙي جا ٿانَّ ويڙھي رھيو ھيو. ماسترياڻيءَ کيس ٻڌايو ته پاڻ مھمان سراءِ ۾ ھڪڙي مھمان جي منڍي لاھي آئي آھي. واپاريءَ پنھنجو اڇو رومال ڪڍيو ۽ وڏي رڙ سان پنھنجي وات تي ويڙھي ڇڏيائين...

”ڇا چيئي انيس؟“

”اھو، جيڪو تو ٻڌو، ترڪ!“

”ڇا؟ اھو مري ويو؟“

”يقينًا.“