پـاشـا
جمال ابڙو
روز صبح سان گُگهوءَ جو ڀَوائتو آواز لهرون هڻندو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. گَري ۽ تيل
ھاڻي فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو ھو. سڄو ڏينھن ھڏ ھڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو ڪنڊن ۾ ڪِريا پيا ھوندا
ھئا. ننڊ ئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ ھئي! گُگهوءَ جو بي وقتو۽ بي
ھودو حڪم کين اڌ ننڊ مان اٿاريندو ھو. اکيون
مھٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا ھئا. بس ڄڻ ته ڪُئا ٻِرن مان نڪتا. اوندھه، پوسلو ۽ ٿڌ- ڪُرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا،
گھٽيءَ مان گڙڪندا ايندا ھئا. پيا ھڪ ٻئي
جي مٿان ڊھندا ۽ ٿاٻڙندا ھئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀِتيون لاپرواھيءَ سان جبل
بڻيون بيٺيون ھونديون هيون. مزور ويندا
ھئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن ھيٺيان پئي
چِڪ چِڪ ڪندي ھئي. گوڙ ۽ شور ويندو ھو وڌندو ڦِٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا ھوندا ھئا. لوھي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو ھو زور وٺندو. دونھي جا ڪڪر اٿندا وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇائنجي ويندا ھئا.





