Wednesday, January 30, 2013

پـاشـا - جمال ابڙو


پـاشـا
جمال ابڙو
روز صبح سان گُگهوءَ جو ڀَوائتو آواز لهرون هڻندو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. گَري ۽ تيل ھاڻي فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو ھو. سڄو ڏينھن ھڏ ھڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو ڪنڊن ۾ ڪِريا پيا ھوندا ھئا. ننڊ ئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ ھئي! گُگهوءَ جو بي وقتو۽ بي ھودو حڪم کين اڌ ننڊ مان اٿاريندو ھو. اکيون مھٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا ھئا. بس ڄڻ ته ڪُئا ٻِرن مان نڪتا. اوندھه، پوسلو ۽ ٿڌ- ڪُرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گھٽيءَ مان گڙڪندا ايندا ھئا. پيا ھڪ ٻئي جي مٿان ڊھندا ۽ ٿاٻڙندا ھئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀِتيون لاپرواھيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون ھونديون هيون. مزور ويندا ھئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن ھيٺيان پئي چِڪ چِڪ ڪندي ھئي. گوڙ ۽ شور ويندو ھو وڌندو ڦِٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا ھوندا ھئا. لوھي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو ھو زور وٺندو. دونھي جا ڪڪر اٿندا وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇائنجي ويندا ھئا.

پِشـُو پـاشـا - جمال ابڙو


پِشـُو پـاشـا
جمال ابڙو
رياست جي عدالت عاليه جون شوخ ۽ ڪرڙيون ڀتيون، شھر کان پري ٽڪريءَ جي ڀرسان اڏول ٿيون بيٺيون ھيون. عمارت جون ڊگھيون پٿريليون ڀتيون، ويڪرا چپٿرا منارا ۽ وڏا شاھي در، ٺھرائيندڙ جي ارادن ۽ منصوبن جو پورو پورو نقشو چٽي رھيا ھئا. ٽڪريءَ جي اوچائي، عمارت جي بي رخي ۽ وچ واري پوٺي جي رکائي ڄڻ ته پاڻ ۾ ٻٽ ٿي، ڄاڻي واڻي ھن انصاف جي گھر کي عام بستيءَ کان ڇني ڌار ڪري رھيون ھيون. ويتر ڪارو لوھي ڪڙن وارو غير ملڪي جهنگلو ڄڻ ته مڪون الاري دڙڪا ڏيئي رھيو ھو.

لاري - جمال ابڙو


لاري
جمال ابڙو
شل نه ڪنھن کي لاريءَ جو سفر پلئه پوي. ھڪ گرمي، ٻيو گُهٽ! مٿان وري ماڻھن جي پيھه پيھان! دانھون پئي پيون. او لاريءَ وارا! يار ھَل ساھه ٿو نڪري!“ ماڻھوءَ مٿان ماڻھو، پگھر پئي وھيو. لاريءَ جي ڇت تي به ماڻھو ھئا. صوبيدار صاحب اڃا ڪو نه آيو ھو. خدا خدا ڪري ھـُو  صاحب تشريف فرما ٿيو ۽ ماڻھن جي پيٽ ۾ ساھه پيو. لاري ھلي. ڪجھه ھوا لڳي، لوڏن تي ڪجھه خلاصائي به ٿي. باقي مٽيءَ جا به ڪڪر ھئا. ناسون ئي ڀرجي ويون.

Sunday, January 27, 2013

خـمـيـسـي جـو ڪـوٽ - جمال ابڙو


خـمـيـسـي جـو ڪـوٽ
جمال ابڙو
مان تن ڏينھن نماز پڙھندو ھوس. تھه سيارو ھوندو ھو، ھنڌ ۾ ويٺي ئي سئيٽر پائيندو ھوس. مٿان مفلر، ڪوٽ ۽ اوور ڪوٽ. ٺِڪر جي ڪونئري کي اڌ تائين ڪلر لڳو پيو ھوندو ھو. پاڻي اھڙو جو اصل پارو، ٿڌيءَ ھوا جا سوسٽ بدن کي ڄڻ ته چيريندا ٿي ويا. ڪُٻڙو ٿي، ڏڪندو ٿڙڪندو، مسجد ڏي ويندو ھوس. ھيترين تڪليفن کان پوءِ خدا کي البت پنھنجو ڪري سمجھندو ھوس. ڀائيندو ھئس ته بي نمازي ڪھڙا نه بيڪار آھن. در کولي ٻاھر نڪرندو ھوس ته ٿڌ جو طوفان منھنجو فخر زوريءَ مون کان کسي ويندو ھو. زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٿڌ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه ھوندو ھو.

مـھـربـانـي - جمال ابڙو


مـھـربـانـي
جمال ابڙو
هڪ ڏينھن شام جو اسين چار يار ٺاڪ ڦاڪ ڪري، ٺھي ٺُڪي ڪاليج مان ٿيندا، ايلفيءَ ۾ گهمڻ وياسون. ڪارا چشما، ڪاريون پتلونون. اڇا بوٽ ۽ شينھن گهوڙي واريون قميصون، وارن جا موڙ مٿي تي لُڏندا پئي آيا. ڪنھن کي به مَٽ ثاني ڪو نه ٿي سمجهيوسين. ڊاڙا ٺڪاءَ هڻندا، آئي وئي تي ٽوڪون ڪندا، ٽھه ٽھه ڪندا ٿي وياسون. زمين تي پير ئي نه ٿي ٽڪيو. ڌرتي کي ڌوڏيندي، آسمان تائين پهچندي اچي ايلفيءَ ۾ ٺڪاءُ ڪيوسين.

ٿڳڙ - ڪلاڌر متوا

ٿڳڙ
ڪلاڌر متوا
ڄيٺ، آکاڙ ۽ هاڻي ته ساوڻ به پورو ٿيڻ تي آهي. بڊي جو ته ڪو ڀروسو ئي نه هوندو آهي. وسي ته وسي، نه ته نه به وسي. ها اگر گيلو ٿئي ته ٻي ڳالهه آهي!
آڪاس ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ بادلن کي ڏسي، هن کي ڪنهن اڻڄاتل ڊپ ويڙهي ورتو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ نراس ٿي ويو. هن بي چئنيءَ وچان، ڪنهن مهل بادلن ڏانهن نهاريو ته ڪنهن مهل سڪل بٺ ٿيل ڌرتيءَ ڏي.

دردن جي وير آلڙ - سامي ميمڻ


دردن جي وير آلڙ
سامي ميمڻ
ڪنڌيءَ کان ڪيترا ئي ميل پري، سمنڊ جي ٻيٽ تي ٽڙيل پکڙيل ڪچين جهڳين مان هڪ ڪکائين جهڳيءَ مان سڏڪن جا آواز ڪکن کي چيريندا، سامونڊي فضائن ۾ گم ٿي رهيا هئا. ڪي گهڙيون، روڄ راڙو ٿيو ۽ پوءِ آهون، داهون ۽ سڏڪا ايئن سانت ۾ تبديل ٿي ويا، جيئن سمنڊ جون ڇوليون وڏي گوڙ ۽ دهمان کانپوءِ، آهستي آهستي پاڻيءَ ۾ گم ٿي وينديون آهن. هو، ڀـِنل اکين ۽ وکريل وارن سان، پنهنجي جهڳيءَ مان ٻاهر نڪتو ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ سندن سڄو هوڙو مهاڻن ۽ مڇيءَ سميت، ويرن جي ور چڙهي ٻڏي ويو هجي. ڄڻ لاڳيتي پندرهن ڏينهن جي مسلسل محنت کانپوءِ به کيس ايترو لاڙو ٿيو آهي جو سندن دل ٽٽل ۽ چيلهه چٻي ٿيل هجي. هو ٻيٽ جي واريءَ مان آهستي آهستي پير سوريندو، ٻيٽ جي ڪنڌيءَ ڏانهن ايئن وڌي رهيو هو، ڄڻ سندس پير اڄ ڳرا ٿي پيا هجن يا هو ڌٻڻ ۾ ڦاسي، ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي. نه ته ٻيٽ جي واريءَ سان هن جي ياري ۾ ايتري پراڻي ۽ پڪي آهي جو هو جڏهن هوڙو مڇيءَ سان ڀري، پنهنجي سنگتين سان گڏ موٽندو هو ته خوشيءَ مان ٽپا ڏيندو، سينڍيون هڻندو، مورڙو ڳائيندو پيو ايندو هو.