ٽيڊي باشا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
نڪ
ڊگھو، منھن اڀو، وار ھِپي ڪٽ.
بت ۾ سنھو جھڙو تلھڙ،
اکيون وڏيون ۽ ويڪريون. وات کان بس ئي نه. هر وقت يافتو پيو لڳندس. جڏھن ڏس، تڏھن جھوٽا کائيندو پيو ھلندو.
ڪڏھن به ساڳيو فئشن
نه. ڪڏھن ڪگڙو ته ڪڏھن ڪھڙو. ڪڏھن ته ڪيترن ئي فئشنن
جو لباس زيب تن. قلندري ڪنٺو ڳچيءَ ۾، چمڪيلو ڪنگڻ ٻانھن ۾. آڱرين ۾ اٺ-ست منڊيون. استنجا ڪيئن ڪندو
ھوندو؟ ڪندو به ھوندو يا نه، اھا ڪنھن کي به خبر نه.