Sunday, February 20, 2022

نينو ڪهاڻي - رزاق سهتو

نينو ڪهاڻي

(فلئش فڪشن)

رزاق سهتو



هو ڏاڍو پريشان هئا. سندن منهن تان مرڪ موڪلايل هئي. اکيون اوجاڳن ڪري دُکيون پئي. ذهنن ۾ بس هڪ ئي جملو پئي هريو ته؛ “ڪيئن به ڪري زمين حاصل ڪرڻي آهي. ماڻهن کي ڇا ڪنداسين. اهي ٻيا ڄمي پوندا يا آباد ٿي ويندا.”


اهو ڪم ايڏو آسان ڪو نه هئو. شام جا پاڇا لڙيا ته وري اچي؛ ڳالهه ٻولهه واري ميز تي گڏ ٿيا. سندن ٽيبل تي ولايتي شراب ورهائجي ويو. گلاس لڳائجي ويا. هي اسلامي جمهور جا باشندا هئا پر مٿن نڪي اسلامي نڪي ملڪي قانون لاڳو هئو. ڇڙواڳ جانورن جيان جتي دل چاهين منهن هڻي سگھن پيا. ڪير به ڪنهن سان ڪو نه پيو ڳالهائي. رڳو گلاس ۽ بوتل مان نڪرندڙ شراب جو آواز هئو. هنن جو مقصد هڪڙو ئي هئو. ڪيئن به ڪري زمين خالي ڪرائڻي آهي. سمورا حربا هلائي دنگ ڪيائون. ڌرتي ڌڻين پير پوئتي نه ڪيا.

ويڪائو مال، ناڻي تي وڪاڻو، جن کي هنن خريد ڪيو. پوءِ به کين مقصد حاصل ڪو نه ٿيو. پاڻ ملڪ جا وفادار ڪو نه هئا پر ظاهرن سرحدن جا محافظ ۽ اسلام جا علمبردار ۽ حڪمران هئا۔ مٿن ڪو آڱر کڻندو هئو ته کيس غدار ۽ ڪافر چئي سندس وجود، ڌرتيءَ تان مٽائي ڇڏيندا هئا. اهو ڊرامون ڪيترن ئي سالن کان پئي هليو. کاڌي کرار کٽي وين. کائي کائي نيٺ وطن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيائون. آخر سڄو خطو پٽي تي ڏئي ڇڏيائون. وطن جي رهواسين کي ڪن تي ٻاٻور به پوڻ ڪو نه ڏنائون. بس سندن سوچ جو محرڪ هڪ جاءِ تي اٽڪيو پيو هئو ته ڪيئن به ڪري مهراڻ جي موجن تي پلجندڙ ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين کسڪائجي. شراب جون اڌ تائين بوتلون خالي ٿي ويون. هڪ ٻئي جي منهن ڏانهن ڏسندا رهيا. ڪا تجويز، ڪا راءِ ڪو نه آئي. رات، ڌرتيءَ تي لهي آئي. مانيءَ جو وقت وري آيو. گڏجي کاڌي جي ميز تي آيا. ڪرسين تي ويهي رهيا. کاڌو، ٽيبل تي لڳڻ شروع ٿي ويو. ڍءُ ڪري رات جي ماني کاڌائون. خاموشي ـــ خاموشي ــ کاڌي جي ميز تان بچيل کاڌو ۽ ٿانءَ کنيا ويا. سندن ذهنن ۾ شراب جو سرور هئو. اندر ۾ آڳ پئي ٻري.

سندن اڳواڻي ڪندڙ چيو؛ “اسان کي ڏاڍو ڏکيو ٽاسڪ مليو آهي. جنهن خطي جي زمين تي قبضو ڪرڻو آهي، تن جي تاريخ هزارن سالن جي آهي. هنن کي ماريو ويو آهي ته ڌرتيءَ مان وري جنم وٺي ورن ٿا. هنن کي اسان جا ابا انگريز وردي وارا ڪو نه پهچي سگهيا ته پاڻ ڪهڙي باغ جي موري آهيون.”

هڪ سينئير ڳالهايو؛ “ڇا انهن کي ڇڏي ڏجي! اسان پنهنجي مشن تان پوئتي ڪيئن هٽنداسين.”

اڳواڻ جواب ڏنو؛ “هڪڙو ئي رستو آهي؛ خطي کي ماڻهن کان آجو ڪيو وڃي. اسان کي ماڻهو نٿا کپن، زمين ٿي کپي. اهو ئي اسان کي حڪم آهي.”

 

(فيسبڪ جي پيج ’سنڌي ڪھاڻي ڪارنر‘ تان ۱۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

2 comments: