Sunday, March 24, 2013

ڳوڙهن جي ريکا - نسيم ٿيٻو


ڳوڙهن جي ريکا
نسيم ٿيٻو
ادا ويٺي کٽ تي ماني کاڌي. سندس نيرن ۾ چانورن جي پليٽ هئي، ٻه گرم گرم اُڦراٽا ۽ تريل ڀينڊيون، ٻه انب؛ جي وٽي ۾ ڀڳل هئا. زرد زرد انبن مٿان برف جا ٽڪر پيل هئا ۽ هڪ پليٽ ۾ تريل مڇي به پئي هئي. ادا ٿرماس مان پاڻي اوتڻ لڳو. ڏهن ٻارهن سالن جي ننڍڙي انور ويٺي ادا مٿان جهلي هلائي. جهلي هلائيندي انور سڄو ئي پئي لڏيو، ڇو ته جهلي سندس وت کان گهڻو ڳوري هئي. گهر ۾ چپ لڳي پئي هئي. رکي رکي نم منجهان ڪانوَ جي ڪان..... ڪان ٿي آئي ۽ گهڻو پري کان سونٽيءَ جي سٽڪي جو آواز ٿي آيو.

ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين - نسيم ٿيٻو


ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين
نسيم ٿيٻو
پنجون پيرڊ ختم ٿيو ته مان پنهنجي ڪلاس جي ڇوڪرين سان گڏ هيٺ لٿس، ڇو ته هينئر اسان جو زولاجيءَ جو پريڪٽيڪل هو. منهنجي هٿ ۾ ڊائسيڪشن باڪس ۽ زولاجيءَ جو جنرل هو. ورانڊي مان لنگهندي، منهنجي نظر وڃي هڪ قيديءَ تي پئي، جيڪو لان جي ٻئي پاسي ڪنڌ نوايو، پٿرن کي ڀوري، مٽي پئي ڪيائين. سندس ڀرسان ٻيا قيدي به بيٺل هئا، جن کي به ٻنهي پيرن ۾ زنجير پيل هئا. اسان سڀني جي لنگهڻ تي قيدين منهن مٿي ڪري ڏٺو. سندن چپن تي زخميل مرڪ هئي ۽ اکين ۾ اُداسيءَ سان  گڏ طنز به هئي. هي وري پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويا ۽ مان به اچي ليبارٽريءَ ۾ پڳس. منهنجي دل الائي ڇو اُداس ۽ ويران ٿي ويئي. سوچيم ٿي ته مزدور جيل ۾ به سخت ٿڪائيندڙ پورهيو ٿو ڪري. پر وڏا ماڻهو قتل ڪري به اچي جيل ۾ بي ڪلاس، ريڊيو، اخبار ۽ ٻيون آسائشون ٿا ماڻين. کين زندگيءَ جون ساڳيون سهولتون ٿيون ميسر ڪيون وڃن. معنيٰ طبقاتي ويڇا جيل اندر به قائم آهن.
ها ته مون ڳالهه ٿي ڪئي ان قيديءَ جي، جيڪو مون کي ڪجهه ڄاتل سڃاتل پئي لڳو. ٿورو ذهن تي زور ڏنم ته ياد آيم. هو ته اسان جي پنهنجي ڳوٺ جو هاري هو، جنهن کي ڳوٺ جا ماڻهو ڪامريڊ سوڍا ڪري سڏيندا هئا.

Monday, February 4, 2013

مٺيءَ ڀر ممتا ماءُ - نامديو تارا چنداڻي


مٺيءَ ڀر ممتا ماءُ
نامديو تارا چنداڻي
هوش جا ترنگ موٽڻ تي شرير وري ياد پوي ٿو. درد کي به هوش اچي ٿو وڃي ڄڻ. درد ايترو جو جيئڻ تي افسوس ٿيڻ لڳي. موت مٺو لڳي. وري ٻار جي ياد پويس ٿي. هن کي ٻڌڻ ۾ آيو؛ پٽ ڄائو آهي. ڀڻ ڀڻ ڪن تي پيئي هئي. هڪ پل درد بي هوش ٿي وڃي ڄڻ. هوءَ من ۾ ٿورو سرهي ٿئي ٿي. خبر ناھه ڇا ٿي رهيو آهي. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. لفظ هن جي ڪن تي پيا. هن سامت جو ساھه کنيو. وري هوش جا ترنگ گم ٿيڻ لڳا. وري مدهوشي. مدهوشيءَ کان بي هوشي! لنبي خاموشي! ڪو به آواز نه! ڀڻڪو به نه! هوءَ پوري طرح بي خبر آهي ته هن تي گهڻا دفعا رت چاڙهيو ويو آهي، ته هن جو ٻار به ٺيڪ ٺاڪ نه آهي ته هوءَ خود به ٺيڪ ٺاڪ نه آهي ته کيس وڏي علاج لاءِ ايمبولنس ۾ پري وڃڻو آهي. ته هوءَ خود به آءِ سي يو ۾ آهي، ته هن جو تازو ڄاول ٻار به آءِ سي يو ۾آهي.

Thursday, January 31, 2013

لاٽ - جمال ابڙو

لاٽ
جمال ابڙو
اکين مان وھندڙ نشو، ڪارا ھڙٻاٽيون لِڱ، ڦڏيون ٽَنگون، چِٻو مـُنھن ۽ گُهڻون آواز، بڇان وٺيو وڃي. ھيءَ ڪاري ٺوٺ جھڙي زندگي، توبه!
جڏھن انھي ساڳيءَ دونھاٽيل ۽ ڪاراٽيل انسان جي ڀونگيءَ اڳيان روز شام جو، ٽن مارنگن وچ ۾ باهه جي لاٽ ڏسبي ھئي ته ائين محسوس ڪبو ھو، ڄڻ نج زندگيءَ جي لاٽ جرڪي اٿي. ان زندگيءَ جي لاٽ کي جرڪائڻ لاءِ ھـُن ڇا ڇا نه ڪيو ھو.

مـاءُ جـي جھـولِـي - جمال ابڙو

مـاءُ جـي جھـولِـي
جمال ابڙو
اسين مڙوئي پراڻين خيالن وارا آھيون. بيگم صاحب ته نون سالن جي عمر کان پڙدو ڪيو ۽ در کان ٻاھر گھٽيءَ ۾ ڪانه نڪتي. سنڌي وچولي طبقي جي ڪلچر ۾ رچيل. اخلاقيات کي آسماني مذھبي درجو. مجال جو ڪو ھان! ڇا؟ يا ڇو؟ چوي. جيءُ! ۽ حاضر! پئي پوندي. حجاب اھڙو جو زبان بند اکيون ھيٺ. شاديءَ کان پوءِ سڄو سارو مھينو خود مون کي اکيون کولي ڪو نه ڏٺائين.

فـرشـتـو - جمال ابڙو

فـرشـتـو
جمال ابڙو
مان اسلام آباد ۾ ھئس. ھونئن ته ھر جِيو جنتر، پسون پکڻ، اسلام آباد ۾ آھي ئي، پر مان اسلام آباد ويو ھئس ۽ اسلام آباد ھوٽل ۾ رھيل ھئس. ٿڌو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو، رنگين ٽي وي، ڦولدار پڙدا، فون، گھنٽيءَ تي چانھه حاضر. ٽيئي وقت مفت مانيون. سٺا سھڻا دوست. آرام ئي آرام. ڪم ڪو به نه، سواءِ تقريرون ٻڌڻ جي.
ليٽئي پيٽئي، اوچتو منھنجي طبيعت غير ٿي وئي لوڇ پوڇ اندر ۾ آنڌ مانڌ، دل تي بار، بوجهه، مونجهه ۽ ڦٿڪو. ساهه ٿي نڪتو. ڀرپو ناشاد، جو ھاڻي ليٽي پيٽي نفيس شيخ ٿي پيو آھي، کي فون ڪيم. پنھنجي سٻاجھي ساليءَ سان گڏ ڊوڙندو آيو. گھٻرائجي ويو. مڙس مڇڏو آھي سو ھڪدم وريو. چي؛ ”ڏاھي کي وٺيون ٿو اچان!“ اسين ماڻھو ڊاڪٽر کي ڏاھو چئون.

سِـيـنـڌ - جمال ابڙو

سِـيـنـڌ
جمال ابڙو
کپري شھر جي سرڪاري اسپتال جي لاش-گھر ٻاھران، مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽيءَ سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگو لاش اگھاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي ھئي. ھٿ رونڊڙا، پير ڦٽل. اکيون حيرت، حسرت ۽ ھيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي، سدوري، سُگهڙ، ڪونئرو ڪُسڻي. پيار جي راھه ۾ ھڪ ٻي قرباني. ڪُسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين. ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين، پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي آيا، آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي