ڳوڙهن جي ريکا
نسيم ٿيٻو
ادا ويٺي کٽ تي ماني کاڌي. سندس نيرن ۾ چانورن جي پليٽ هئي، ٻه گرم گرم
اُڦراٽا ۽ تريل ڀينڊيون، ٻه انب؛ جي وٽي ۾ ڀڳل هئا. زرد زرد انبن مٿان برف جا ٽڪر پيل
هئا ۽ هڪ پليٽ ۾ تريل مڇي به پئي هئي. ادا ٿرماس مان پاڻي اوتڻ لڳو. ڏهن ٻارهن سالن
جي ننڍڙي انور ويٺي ادا مٿان جهلي هلائي. جهلي هلائيندي انور سڄو ئي پئي لڏيو، ڇو ته
جهلي سندس وت کان گهڻو ڳوري هئي. گهر ۾ چپ لڳي پئي هئي. رکي رکي نم منجهان ڪانوَ جي
ڪان..... ڪان ٿي آئي ۽ گهڻو پري کان سونٽيءَ جي سٽڪي جو آواز ٿي آيو.




