Sunday, November 15, 2026

ارڙهين ڪهاڻي جي اداسي - تحقيقي تنقيدي اڀياس - ناشاد شوڪت شنباڻي

”ارڙهين ڪهاڻي جي اداسي“ ڪتاب جو تحقيقي تنقيدي اڀياس

ڪهاڻيڪار: منور سراج

​نقاد: ناشاد شوڪت شنباڻي



​انساني وجود سان سلهاڙيل ڪيترائي اهڙا وجود آهن، جن جي ڪا نہ ڪا ڪهاڻي ضرور هوندي آهي. هڪ وجود جو ٻئي وجود سان ڳنڍجڻ، ڇڄڻ، کلڻ یا روئڻ، وڙهڻ، پرچڻ يعني هن سموري ڪائنات ۾ هر وجود پنهنجي اندر ڪا نہ ڪا ڪهاڻي سمائي ويٺو آهي. مون ته ايتري قدر به محسوس ڪيو آهي ته جيستائين ڪهاڻيءَ ۾ وجودي غم جون جهلڪيون، اڏامندڙ مرڪون، ٽهڪ ۽ اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جون لارون شامل ناهن، تيستائين اها پنهنجو سچو وجود ڌاري ئي نٿي سگهي. ڪهاڻيءَ جو وجود رڳو ٽيڪنيڪي ترتيبي جو نالو ناهي. جيتري قدر ان ۾ فني ٽيڪنيڪ جي ضرورت آهي، اوتري ئي ان ۾ نئين خيالن، لفظن ۽ جملن تخليقي مٺاس به لازمي آهي.

​سائين منور سراج جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ڪهاڻيءَ بابت منهنجو خيال آهي ته ڪهاڻيءَ لاءِ جيتري قدر پلاٽ ۽ فني خوبين جو هجڻ ضروري آهي، اوتري ئي ان ۾ موضوع ۽ ڳالهين جي نرالائپ به لازمي آهي.


​چيو ويندو آهي ته ”فڪشن جو هڪ مقصد پڙهندڙ جي اندر جي موسم تبديل ڪرڻ به آهي.“ هن ڳالهه سان آئون سئو سيڪڙو متفق ان ڪري به آهيان جو ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين منهنجي اندر جي موسم به تبديل ڪري ڇڏي آهي. مون اهي ڪهاڻيون هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهڻ بجاءِ مختلف وقتن تي پڙهيون آهن، پر هر ڀيري هنن منهنجي من جي فضا ۽ ماحول کي بدلائي ڇڏيو.

​منور سراج جون ڪجهه ڪهاڻيون پڙهندي منجهائي وجهن ٿيون، جن تي يقينن اڳتي هلي لکبو، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي جيڪڏهن پڙهندڙ جي جذبن کي جاڳائڻ بدران، ان ۾ اهڙيون شيون پيش ڪري جيڪي ناممڪن هجن ته پوءِ يقينن اتي پڙهندڙ جي جذبن کي ڌڪ رسي ٿو. منور سراج تمام سٺو ڪهاڻيڪار آهي پر سڀئي ڪهاڻيون مڪمل سموريون، ڪجهه ڪهاڻين کان سواءِ انهن ۾ تنقيد جي گنجائش آهي..منور سراج جون ڪهاڻيون

​۱. پرئين پاسي بيٺل شخص

​ڪهاڻيءَ ۾ رڳو احساساتي سگهه شامل ڪرڻ سان اها جيئري نٿي سگهي. جيسين ان ۾ حقيقت نگاري شامل نہ هجي، تيسين ڪهاڻي پڙهندڙ جي وجود جي گهرائين تائين نٿي لهي سگهي. جيڪڏهن ڪهاڻيءَ جا ڪردار اصل زندگيءَ جيان جيئرا ۽ جاڳندا محسوس نہ ٿين، ته اها ڪهاڻي بڻجي ئي نٿي سگهي.

​”ارڙهين ڪهاڻي جي اداسي“ ڪتاب ۾ شامل پهرين ڪهاڻي، جنهن ۾ هڪ عرضي نويس پنهنجي آڱرين جي پورهئي سان سماجي درد وائکو ڪري ٿو، جڏهن ان جي پنهنجي ڪهاڻي به ساڳي ئي متن ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ته حيرت مان دنگ رهجي وڃجي ٿو. يعني ڪهاڻيءَ اندر ڪهاڻي (Frame Story / Story within a Story) شامل ڪرڻ به هڪ ترڪيب ۽ ڪمال جو فن آهي.

​مان چوان ٿو، ڪا ڳالهه آهي ضرور! پرئين پاسي بيٺل شخص جي انهن جملن تان جڙيل ڏاڍي بي ساختہ ۽ خوبصورت ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ماحولياتي حقيقت ۽ زندگيءَ جي وارڌاتن جو اهڙو روپ چٽيل آهي، جيڪو اهو احساس ڏياري ٿو ته ڪهاڻي واقعي زندگيءَ جو پڙاڏو آهي. ان سان گڏ ڪهاڻيءَ ۾ جملن ۽ لفظن جي چونڊ پڻ پڙهندڙ جي روح ۾ لهي وڃي ٿي. هر ڪهاڻيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته لفظن جي مناسب چونڊ ئي ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ اثرائتو، جاندار ۽ مضبوط بڻائي ٿي.

​۲. سمنڊ موٽي ٿو وڃي:

​ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن به ڪردار جو نالو کڻڻ ضروري ناهي هوندو، خاص طور تي تڏهن جڏهن نالو ان جي وجود تي پورو نه بيهندو هجي. جيڪڏهن هڪ عورت ۽ مرد گفتگو ڪري رهيا هجن، يا ڪا پرسرار محبت جي ڪهاڻي ذهن نشين ٿئي، ته ان کي نالي جي جڪڙ ۾ ٻڌڻ بجاءِ بي نام ئي لکي سگهجي ٿو جيئن هن ڪهاڻيءَ جي عورتاڻي ڪردار جو ڪو نالو ناهي.

​هيءَ ڪهاڻي يونيورسٽيءَ جي هڪ پيار ڪٿا آهي، جيڪا ڪلاس ۾ تعارفي (Introduction) مرحلي کان شروع ٿئي ٿي. محبت ڪندڙ مرداڻو ڪردار ڪهاڻيڪار آهي. اڄڪلهه ڪهاڻين ۾ اهو عام جام ٿي ويو آهي ته عورت کان وڌيڪ مرد جي ڪردار کي شاعر، ڪهاڻيڪار يا وري فلسفيءَ طور ڳنڍيل ڏيکاريو ويندو آهي، جنهن جي ڪري ورجاءُ جو گهڻو خدشو ذهن ۾ محسوس ٿئي ٿو.

​۳. ڪاشف لطيف ڪهاڻي ڪڏهن لکندو؟

​هيءَ ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ هڪ احساساتي ڊائري جو ڊگهو احساس رکي ٿي يا آتم ڪٿائيءَ جو هڪ پاسو. ڊائري ۽ آتم ڪٿا سان ملندڙ جلندڙ احساس آهي، پر ٿي سگهي ٿو ان ڳالهه ۾ مان غلط به هجان، پر مون کي ائين لڳي ٿو.

​(تنهن هوندي به، هيءَ تحرير پنهنجي داخلي جذبن جي بيان ۾ ڏاڍي شفاف آهي، جيڪا فڪشن جي حدن کي آتم ڪٿا سان ملايو ڇڏي.)

​۴. انام جي ڪهاڻي جو نالو.

​ڪهاڻيءَ ۾ شروعاتي جملن کي اقتباس يا حوالي جي صورت ۾ بيان ڪرڻ (جيڪو فڪشن جي هڪ جديد ترڪيب آهي) ڏاڍو ڪمال جو تجربو آهي.

​مثال طور: ”طبيعت ۾ مزو نہ اٿس، سستي، ٿڪاوٽ ۽ بيزاري به ته ڪاوڙ به... ساڄو هٿ نرڙ تي رکي پڪ ٿو ڪري: ها! بلڪل بخار آهي...“

​هي اهو ڪمال آهي جيڪو پڙهندڙ جي ڌيان کي جڪڙي وٺي ٿو ۽ کيس اها ڪهاڻي مڪمل پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿو. منهنجي نظر ۾ ڪهاڻيءَ جي سڀ کان اهم خوبي پڙهندڙ کي مطمئن ڪرڻ ۽ ان جو وقت حاصل ڪرڻ آهي. جوانيءَ ۾ ڪتابن ۾ گم ٿي ويل هڪ شخص جي هيءَ ڪهاڻي هن موجوده دور تي بلڪل پوري بيهي ٿي. ڪتابن جا اُٺ لکي ۽ پڙهي به جيڪڏهن ان جي واهر نہ ٿئي ۽ اهو اڪيلائي يا لاچاري محسوس ڪري، ته ان شخص جي اها ڪرڀناڪ ڪيفيت ”انام جي ڪهاڻي جو نالو“ پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿي. سائين منور لڪيل چهرن کي وائکو ڪرڻ جو ڪمال ڪهاڻيءَ ۾ ڀلي نموني اپنايو آهي.

​۵. سمنڊ، ڪليوپيٽرا ۽ ڪووڊ-۱۹

​ڪهاڻيءَ جو اصل حسن اهو هوندو آهي ته اها پڙهندڙ سان سڌي ريت گفتگو ڪري، ان جي من ۾ لهي وڃي ۽ پڙهڻ کان پوءِ ڪو اڻکٽ ٿڌن ساهن ڀرڻ جي نشاني ڇڏي وڃي. پر هتي علامتي پيچيدگيءَ ۽ ابهام سبب هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙ کي اثر منتقل ڪرڻ بجاءِ بيزاريءَ جي احساس ڏانهن وٺي وڃي ٿي. يقينن جڏهن لکڻي پڙهندڙ سان پنهنجو رشتو قائم نه ڪري سگهي ۽ ان جو مقصد سمجهه ۾ نہ اچي، ته اها فني طور پنهنجو اثر وڃائي وهندي آهي. ڪهاڻيءَ جو ڊگهه پڻو بيزاريءَ ڪري پڙهندڙ کي متاثر ڪري ٿو.

​۶. ڪاتيءَ جي چهنب

​هيءَ ڪهاڻي بنيادي طور ٽن مرڪزي ڪردارن جي گرد گھمي ٿي: بيمار ماستر نور محمد، سندس اهو دوست جنهن کان هو علاج لاءِ پئسا اڌارا گهري ٿو، ۽ دوست جي گھرواري جيڪا لون جي آسري پنهنجي اندر سوين خواب ۽ حسرتون لڪائي ويٺي آهي. هو زال کي لون جو به ٻڌائي ٿو ۽ ماستر نور محمد جي پريشانيءَ جو به، پر شايد عورتن کي پنهنجون حسرتون ۽ خواهشون سڀ کان وڌيڪ پياريون هونديون آهن.

​دوست اڃا ماستر نورمحمد کي لون ڏيڻ جي سوچ ۾ ئي هوندو آهي ته پريان فون تان ماستر بدران سندس پٽ جو سُڏڪندڙ آواز اُڀري ٿو:

​— هيلو چاچا...

— جي... ڪجهه پل خاموشي، جي بابا چئه...

سُڏڪي جو آواز... آواز جي وچ ۾ لفظ، لفظن جي وچ ۾ خال، خال ۾ لڙڪندڙ پاڇولا... چاچا... بابا... روئڻ جو آواز، فون بند.

ڀاسيس گهڻي دير کان ڪک تي رکيل ڪاتيءَ جي چهنب زور سان ڪک ۾ گهڙي وئي اٿس!

​ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڪهاڻيءَ جي ڏکدائڪ فضا سبب رڳو ان جا ڪردار ئي ناهن تڙپندا، بلڪه ان کي پڙهندڙ به پنهنجي من ۾ تڪليف ۽ زخم محسوس ڪندو آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪ تمام زبردست ۽ اڻڇهيل موضوع تي لکيل اثرائتي ۽ وڻندڙ ڪهاڻي آهي.

​۷. چنڊ سان رٺل ڇوڪري

​ڪهاڻي ٺيڪ آهي، پر ان کان وڌيڪ ڪهاڻيءَ ۾ شامل ڪي ڪي جملا وڌيڪ ڪمال محسوس ٿين ٿا. رومانوي ڪهاڻي پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ ته آهي، جو ان ۾ ٻن وجودن جي المناڪ وڇوڙي جو منظر چٽيل آهي، پر ڪهاڻيءَ جو طويل پڻو ڪجهه مايوس ڪري ٿو. اصل ۾ طويل پڻو پڙهندڙ کي مايوس نه ڪندو آهي، پر ان ۾ شامل موضوع ۽ تجسس جي گهٽتائي ئي شايد بوريت جو سبب هوندو آهي، جيڪا هن ڪهاڻيءَ کي متاثر ڪري ٿي.

​۸. ڪهاڻيءَ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل ڪردار.

​هيءَ ڪهاڻي ٺيڪ آهي، شروعات کان وٺي آخر تائين ڪهاڻيءَ جو تسلسل نه ٿو ٽٽي، سٺي ڪهاڻي آهي.

​۹. پر مان ته شيفرڊ نڪولس نه آهيان

دنيا جي موجوده جنگي صورتحال ۽ زوال تي مبني هيءَ ڪهاڻي ڳوڙهن، شور، رت جي هوليءَ ۽ بي معنيٰ نمائش خلاف هڪ بااثر ۽ اڻٽر آواز آهي. جنگيون ۽ جهيڙا ڪنهن به قومي يا ملڪي مسئلي جو حل ناهن هوندا. جنگ مان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان صرف موجوده دور کي نه، بلڪه ايندڙ ستن نسلن کي بک ۽ بدحاليءَ جي اونداهين ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن. اسان وٽ تحفي ۽ بچاءُ جي نالي تي صرف ظاهري ڏيکاءُ موجود آهي. هٿرادو افواهون ڦهلائي ۽ خوف و هراس پکيڙي، ان جي پٺيان اڻڄاڻ عوام کي الائي ڪيترو لوڙايو وڃي ٿو. ڀلي ڪهاڻي آهي.

​۱۰. کٽيل شرط جو ڏک

​هن ڪهاڻيءَ ۾ رشتن جي هڪ طرفي ڏک، اڪيلائي ۽ محبت جي ملاوٽ واري غمگين احساس آهي. شهر ۾ رهندڙ ڀاءُ کي ڳوٺان ڪو به صلاح يا گهرپائي نٿو ڪري. جڏهن ته ان جي برعڪس، جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو يا ڀائر شهر ايندا آهن ته هفتن جا هفتا رهي پنهنجي محبت ۽ سڪ پوري ڪري ويندا آهن. هتي رشتن ۾ بچيل نالي ماتر توجهه ۽ محبت جي عڪاسي وڏي بارڪ بينيءَ سان ڪئي وئي آهي. پر موضوع ٿورو ڪمزور ان ڪري آهي جو ​ثقافتي لحاظ کان اسان وٽ اهو دستور رهيو آهي ته مائٽ ته ڇا، پر ڪو پرائي جڳهه جو ماڻهو به جڏهن پري کان مهمان ٿي ايندو آهي ته ان کي ڳوٺ يا شهر ۾ چڪر هڻڻ ۽ ٽڪڻ جي آڇ ضرور ڪئي ويندي آهي. هن ڳالهه کي نظرانداز نه ڪرڻ گهربو..پوءِ به ڪهاڻي ٺيڪ آهي

​۱۱. ايئن نه ٿيڻ گهرجي.

​خواجه سرا (کدڙا) اسان جي سماج جو هڪ اهم حصو آهن، پر اڳواٽ قائم ڪيل تعصبن ۽ ناقص فڪر جي ڪري انهن کي هميشه منفي نظر سان ۽ هڪ بري ڪردار طور ڏٺو وڃي ٿو. هيءَ ڪهاڻي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ تلخ واقعن ۽ حقيقتن جي درست عڪاسي ڪري ٿي. چاچي خيربخش جهڙا دوغلا ۽ منافق ڪردار اسان جي چوڌاري هلي ڦري رهيا آهن.

​البته، الماس واري واقعي مان ٿوري منجهائيندڙ صورتحال پئدا ٿئي ٿي. الماس (خواجه سرا) جو ميلي ۾ اچانڪ فوت ٿيڻ واري ڳالهه پڙهندڙ کي حيرت ۾ وجهي ٿي، ڇو ته علمي يا مشاهدي جي لحاظ کان واقعا اهڙي طريقي سان ۽ ايڏي جلدي اثرانداز ناهن ٿيندا.

​۱۲ الهندي تاري جي گمشدگي.

​

ڪهاڻيءَ جو بنيادي موضوع ۽ فڪر بيحد ڀلو آهي، پر جن ڪردارن تي ڪهاڻيءَ جو ڍانچو بيھاريو ويو آهي، اهي فني توڙي نفسياتي طور ڪمزور آهن. اهي ڪردار نه صرف پنهنجي بي ساختگي وڃائي ويٺا آهن، پر پڙهندڙ جي ذهن ۾ به گهڻا سوال ۽ شڪايتون ڇڏين ٿا.

​ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ مراد ۽ ميران جو هڪ ٻئي سان ساهه کان به وڌيڪ پيار ڏيکاريو ويو آهي، پر شاديءَ کان پوءِ بغير ڪنهن جواز يا سبب جي مراد جو ميران کان پاسيرو (ڪنارا ڪش) ٿي وڃڻ منطقي ۽ نفسياتي لحاظ کان ناممڪن ۽ غير فطري لڳي ٿو. داستان ۾ ڪردارن جي ترقي، جهيڙي يا داخلي ٽڪراءُ (Conflict) جو تمام گهڻو ڏڪار آهي، جنهن جي ڪري تحرير جي پڄاڻيءَ تي ڪهاڻيءَ جي فڪري توڙي بنيادي ساخت جي کوٽ چٽائيءَ سان سامهون اچي ٿي.

​۱۳. راڄٻائي

​سنڌي ادب جي خزاني ۾ شامل ڪهاڻيون ڀلي ڪيتريون به هجن، پر انهن ۾ ڪهاڻي راڄٻائي کي بنا ڌڙڪ شامل ڪري سگهجي ٿو. ٻوليءَ کان وٺي، ڳوٺاڻي منظرنگاري ۽ ڪردارن جي پڄاڻيءَ تائين، ڪهاڻي نرالي بيٺي آهي. ملهار جيڪو پهلوان، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، سيٽ ڏاتر جو سامان بارڊر کان اوتري پرتي کڻي ويندڙ، جڏهن اوچتو هڪ ڏينهن راڄٻائيءَ سان اکيون ملائي ويهي ٿو. وعدا، وچن، پيار، پر جڏهن هڪ ڏينهن کيس کڻڻ جو پڪو واعدو ڪري موٽندو آهي ته بارڊر تي خاردار تارون لڳي وڃن ٿيون، پوءِ ته ملهار ڪٿي رهيو ۽ راڄٻائي ڪٿي رهي... ڪهاڻيءَ جي شروعات کان وٺي، آخر تائين پڙهندڙ کي جڪڙي رکي ٿي. ڀلي ڪهاڻي آهي.

​۱۴. ايڪيوريم جي اڌ مئل مڇي

​ساڌنا ۽ آفاق جي اجڙيل پيار جي سٺي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مذهب جي ديوار ٻنهي کي ملڻ نه ٿي ڏي. آفاق جو ورجايل جملو: مان توکي وڃائڻ نه ٿو چاهيان، ساڌنا پر شايد مذهبن جي فرق هڻي وڃي هنڌ ڪندو. ڪهاڻي ٺيڪ آهي، ان مذهبي ورڇ واري موضوع تي جام ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. ان موضوع تي هلندي هي به ڪهاڻي سٺي ۽ ٺيڪ آهي

​۱۵. خالي ٿيڻ جي خوشي

​خالي ٿيڻ جي خوشي ڀلي ڪهاڻي آهي. اسان وٽ ڪو ماڻهو ٻڌل ڳالهه جيستائين ٻئي تائين ناهي پهچائيندو، سندس پيٽ ڦاٽڻ لڳندو آهي. عورتون هڪ ڳالهه ٻئي گهر تائين نه پهچائن ڄڻ ته سڪرات ۾ هجن. ڳالهه پوري ٿيڻ کان پوءِ خالي ٿيڻ جي خوشي ڇا هوندي آهي، انهن کان ئي معلوم ڪري سگهجي ٿو. هن ڪهاڻيءَ کي سائين منور سراج جي ڀلين ڪهاڻين ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

​۱۶. ناٽڪ کان ٻاهر

​فريحا جي رحمان سان هڪ طرفي محبت تي آڌاريل ڪهاڻي، جيڪا آخر ۾ وري صرف ناٽڪ جي ڪردار طور ظاهر ٿئي ٿي، پڙهندڙ منجهي ٿو پوي. ليکڪ ڪهاڻيءَ کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ پڄاڻي ڀلي طرف وٺي ويو آهي، پر وچ وارو حصو جنهن ۾ مختلف ورجاءُ ڪيو ويو آهي رحمان ڏي پارسل موڪلڻ يا اسٽيج تي ناٽڪ جا ڊائلاگ مايوس ڪن ٿا. باقي ڪهاڻيءَ تي محنت ڏاڍي ڀلي ڪيل آهي.

​۱۷. جڏهن تون موٽي ايندين

​سامونڊي زندگيءَ تي لکيل ڏاڍي نرالي ڪهاڻي آهي. سامونڊي ڪنڌيءَ تي ڄار کڻي پيٽ گذر لاءِ مڇين جي ڪڍ لڳندڙ مهاڻن جي پيڙائتي درد جي ڪٿا جنهن نموني سان لکي وئي آهي، ان کي داد ڏجي ٿو. سامونڊي زندگي گذارڻ ڪيترن ئي ڏکين ڪمن مان هڪ آهي. روشنين کان ڪوهين پري، لالٽين جي روشنيءَ تي گذاريندڙ، ڪڏهن مڇي لڳي ته واھ نه ته بکيو ئي سمهڻو پوي ٿو. سامونڊي موضوع تي ڪهاڻيون گهٽ لکجن ٿيون، مگر هيءَ ڪهاڻي سائين منور سراج جي بهترين ڪهاڻي آهي.

​۱۸. ارڙهين ڪهاڻيءَ جي اداسي

​ڪتاب ۾ شامل آخري ڪهاڻي سائين منور سراج جي مٿي ذڪر ڪيل ڪهاڻي راڄٻائي جيان، سنڌي ادب جي ڪهاڻيءَ واري خزاني ۾ شامل ڪرڻ جهڙي آهي. ڪهاڻيءَ جي شروعات کان ئي معصوم سڪندر جي زندگي، کان وٺي آخر تائين واري زندگي حادثن واقعن، جيڪي فرض ڪرڻ جي عادت ڪري ڀوڳي ٿو. هي ڪيفيت ذهني عادت ، جنهن ۾ انسان پنهنجي ذهن ۾ ئي خود بخود بريون صورتحالون يا تباهيون فرض ڪندو آهي (جيئن: فرض ڪر مان مري وڃان، فرض ڪر امان بابا مري وڃن، يا فرض ڪر مان انڌو ٿي وڃان) ڀلي ڪهاڻي آهي. سائين منور سراج کي مون پهريون ڀيرو پڙهيو آهي، ۽ سندس ڪهاڻيون مون کي وڻيون آهن. ڪتاب بنا مهاڳ جي شامل آهي، جڏهن ته نصير ڪنڀر ۽ سردار ٻرڙو جا ويچار شامل آهن. ڪتاب وديا پبليڪشن حيدرآباد پاڻ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۵ نومبر ۲۰۲۶ع)

No comments:

Post a Comment