Thursday, January 31, 2013

فـرشـتـو - جمال ابڙو

فـرشـتـو
جمال ابڙو
مان اسلام آباد ۾ ھئس. ھونئن ته ھر جِيو جنتر، پسون پکڻ، اسلام آباد ۾ آھي ئي، پر مان اسلام آباد ويو ھئس ۽ اسلام آباد ھوٽل ۾ رھيل ھئس. ٿڌو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو، رنگين ٽي وي، ڦولدار پڙدا، فون، گھنٽيءَ تي چانھه حاضر. ٽيئي وقت مفت مانيون. سٺا سھڻا دوست. آرام ئي آرام. ڪم ڪو به نه، سواءِ تقريرون ٻڌڻ جي.
ليٽئي پيٽئي، اوچتو منھنجي طبيعت غير ٿي وئي لوڇ پوڇ اندر ۾ آنڌ مانڌ، دل تي بار، بوجهه، مونجهه ۽ ڦٿڪو. ساهه ٿي نڪتو. ڀرپو ناشاد، جو ھاڻي ليٽي پيٽي نفيس شيخ ٿي پيو آھي، کي فون ڪيم. پنھنجي سٻاجھي ساليءَ سان گڏ ڊوڙندو آيو. گھٻرائجي ويو. مڙس مڇڏو آھي سو ھڪدم وريو. چي؛ ”ڏاھي کي وٺيون ٿو اچان!“ اسين ماڻھو ڊاڪٽر کي ڏاھو چئون.

گھڙي دير ۾ آيو. چئي؛ ”قاسمي صاحب اچي ٿو!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ننڍي ھوندي تاريخ جي ڪتابن ۾ محمد بن قاسم جي تصوير ڏٺي ھئم. اگھاڙي ترار ھٿ ۾، لوھو ٽوپ، گھوڙي تي سوار جنھن جون ٻئي ٽنگون مٿي ھوا ۾. ائين ڪندي ھـُو صاحب اچي ويو. ڏاڍو پيارو ماڻھو. نديم ٿي چيائون يا نادم. پر نادم وڌيڪ ٿي لڳو. چڱي طرح سان ڏٺائين حال احوال ٻُڌائين. چيائين؛ ”ادبي دٻاءُ وڌي ويو آھي!“  
چيم" ”ڊاڪٽر صاحب توھان جو مطلب آھي ته خون جو دٻاءُ وڌيل آھي. پر مان ته سالن کان خون جي گھٽ دٻاءُ جو شڪار رھيو آھيان، بس خاموش چپ ئي چپ آھيان!“ مِٺي مرڪ سان چيائين، ”خون جو دٻاءُ نه، ادبي دٻاءُ وڌيل آھي!“
مون کي اطمينان نه ٿيو. چيم؛ ”اھو، وري ڪو نئون ايڊس جھڙو مرض نڪتو آھي ڇا؟“ 
”نه نه، پاڪستان ۾ ھيءَ بيماري اڄڪلھه عام آھي!“ ڪجهه ترسي چيائين؛ ”ان جو علاج آھي، لکو نه ٿا ته ڳالھايو، خوب ڳالھايو، زور زور سان ڳالھايو!“  
چيم؛ ”مان تقريرباز ناھيان!“ گنڀير ٿي اٿي کڙو ٿيو ۽ ويو ھليو. ويندي ويندي پرڀوءَ کي چيائين؛ ”پاڻھي ڦاٽندو!“ پرڀوءُ جو منھن سُسي ويو. چيائين؛ ”اسلام آباد جو وڏو ڊاڪٽر ٿو آڻيان!“
ٿوري دير ۾ شور متو ته وڏو ڊاڪٽر اچي ويو. ھڪ وڏو جگادري قسم جو ڊاڪٽر اندر آيو. نھن کان چوٽيءَ تائين اڇو جبو، جھڙو فرشتو، کلندو مشڪندو آيو. اچڻ سان ڳراٽڙي پاتائين. مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪيائين. آٿت اطمينان ڏنائين ته خير خيريت آھي چوڌاري امن امان، مٺ محبت ۽ موسم خوشگوار آھي. چيائين؛ ”اٿو کِلو ڳالھايو، ھتي ھر ڪا آزادي آھي، ھر حاجت پوري ٿيندي آھي!“ 
مون سيني ۽ گلي تي ھٿ ڦيرايا ۽ مٿي جي وارن کي ڇِڪي ڪيفيت بيان ڪئي. چيائين، ”سٺو گھر، موٽر ڪار، وظيفو وغيره ميسر ٿي سگھي ٿو!“ چيم؛ ”الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آھي!“
”ڪھڙا ڪتاب پڙھندا آھيو؟“
”تاريخ، ادب، فلسفو، سياست . . . “
”گندا ڪتاب ساڙي ڇڏيو. قرآن پڙھو!“.
”ڪيئي دفعا معنيٰ سان ۽ باتفسير پڙھيو اٿم!“
”الله الله ڪيو، نماز پڙھو!“
”پنج ئي وقت باقاعدگيءَ سان پڙھندو آھيان، بلڪ شب خيز آھيان!“
”حج تي موڪلي سگھجي ٿو!“
”ڪيو اٿم!“
”سير ڪيو ... سوات، ڪاغان، زيارت وڃو!“
”ھندوستان پاڪستان بلڪ ٻاھريان ملڪ به گھمي ڏٺا اٿم، روس به ويو آھيان!“
ڊاڪٽر صاحب جو موڊ خراب ٿي ويو. چيائين؛ ”وڏي ڪا گڙ ٻڙ آھي، چڱيءَ طرح معائنو ڪرڻو پوندو!“ ائين چئي ٻئي ھٿ مٿي کنيائين. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ھٿ نه پر چنبا ھئس ۽ ھيٺيان وردي پيل ھيس. مون کان زور سان چيخ نڪتي؛ ”عزرائيل!“

No comments:

Post a Comment