Thursday, January 10, 2013

بـدتـمـيز - جمال ابڙو


بـدتـمـيز
جمال ابڙو
مان مئجسٽريٽ آھيان. پئسي وارو آھيان، مڇيءَ ماني وارو ۽ ڪجهه ھلنديءَ پڄينديءَ وارو.  منھنجي ڪِڪڙي  بيمار ٿي پيئي. سج پئي لٿو، ڀڄندو ڊاڪٽر ڏي ويس.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪمائيءَ جي سيزن، موسم ھئي، کُٿو نه ٿي پڳو. نرڙ ۾ گُهنج، چِڙيو چِڙيو ٿي ويو. مريض پڇ پڇ تي، ھي دڙڪن تي. مون کي ڏسي مشڪيو، اچو سائين!. دلداري ڏيئي چيائين؛ اجھو ٿا ھلون! تڪڙ ڪا نه ھئي، ويھي رھيس. چيومانس؛ ڀلي ڪم اُڪلائي وٺ!“

ھڪ ڍڳي گاڏي چِيڪٽ ڪري اچي بيٺي. پلال جي تيلن تي، کٿل ۽ گريءَ رليءَ ۾ بيمار ٻيڻو ٿيو پيو ھو. جوڻس ٽيڪ ڏيئي وٺي آيس. اڌڙوٽ عمر جو، کڏون پئجي ويون هئس.
اتر پئي لڳو پر ھن جي قميص کي ٻِيڙا ڪو نه ھئا. ماس ڪوريل پاسيريون، مٿان انساني ’چمڙو‘... سيءَ جو بچاءُ... الله سائينءَ جي عنايت  جو کليل اظھار.
ڏاڍي لوڇ پوڇ ھئس، زبان تارونءَ سان پئي لڳس، ڊاڪٽر صاحب باھه!“ ڊاڪٽر به ڏانھنس ڪجهه ڌيان ڏنو. ”سوڍا پيءُ! مائيءَ مڙس ڏانھن ڏٺو، مڙس زال ڏانھن. گھڻو ئي ڪجهه ان گهڙيءَ ۾ نظرن سان ڳالھايائون. مائيءَ کي جيئن نه ڪو سخاوت جو غلبو اچي وڃي، ڊاڪٽر، مٺي سوڍا پئي؟ ڊاڪٽر ھو ڪم ۾ رُڌل، چيائين؛ ھائو! مائيءَ پنھنجي وڏي گَگهي جي ننڍڙي کيسي مان ٻه ٽي آنا ڪڍي تريءَ ۾ جھليا.
مائيءَ جي ڪڇ تي، بيمار جي ولي عھد، خالي چولڙي ۾، ھونگڙون ڏيندي، پيشاب ڪري ڏنو. ڦينگون ٿي ويون. ٻار به رنو، ڊاڪٽر به خفي ٿيو.  مائيءَ  ٻاھر وڃي چولو نپوڙيو... مٺي سوڍا رھجي ويئي. ڪنھن نه ورجائي.
مريض ڪُنڊ  ۾ ڊٺو پيو ھو. اڻڀي ڏاڙھي، اڻڀا وار، اکيون پيٺل، وحشت ڀريل منھن جي روءِ دونھاٽيل. ڄڻ ته حياتيءَ ھٿ  پير  ھڻي دنگ ڪيو ھو.  موت جي ھڏائين پڃري جا ٿڌا چنبا ڄڻ  ته وڌندا، وڏا ٿيندا، ھن جي ڪمزور جسم کي وڪوڙيندا، نپوڙيندا ٿي ويا... سندس ننڍڙو پٽ  ريڙھيون پائيندو، سڌو اچي ٿي نڪ کان جھليائينس. ماڻس کڻي ٿي  پري  ڪيس.
ڊاڪٽر سندس پيٽ کي لُئاڙيندي چيو؛ ڇا ٿيو آھي؟ 
”ڏھون ڏينھن ٿيو آ، ھنيانءَ ۾ چڪ ...“  چپ چٻاڙيندي، مٺ ڀڪوڙيندي، انتھائي ايذاءَ جو اظھار ڪندي، مريض چيو؛ اھڙي ڪا دوا ڏي، ھنيانءُ ٺري پوي!
”سُئي ھڻان، سُئي ھڻان؟. ڊاڪٽر واپاري انداز ۾ چيو؛ ”چار روپيا لڳندا.
بيمار ۽ سندس زال وري ھڪ ٻئي کي ڏٺو. ٻئي چپ رھيا. ڊاڪٽر کي جواب ملي ويو.
نسخو لکڻ شروع ڪيائين، عينڪ جي مٿان نھاريندي پڇيائين؛ ”گھڻن ڏينھن جي دوا کپي، ستن ڏينھن جي ڪيان؟ ڊاڪٽر، گَگهي واري ننڍڙي کيسي جي ٻاڙائي چڱيءَ طرح تاڙي ويو ھو.
”چئن ڏينھن جي ڪرينس! مريض پاڻ چيو. ڊاڪٽر نسخي تي ڪجهه لکيو ۽ ڪمپائونڊر ڏانھن اماڻيائين.
مائيءَ دوا ورتي، پيسا ڳڻي، وري ڳڻيائين. کليل ھٿ کڻي ڪمپائونڊر ڏانھن ڪيائين. ذري گھٽ ھڙئي پئسا ميڙي ويس. مائيءَ جي منھن تي اعتراض، پوءِ منٿ ۽ آخر ۾ روئڻ جھڙا اھڃاڻ اچي ويا. سئي نه لڳي ته به ...  ...
”ڊاڪٽر، کائي ڇا؟ 
”کير، ڪشمش، نارنگيءَ جي رس.
مائي ويچاري چپ ٿي ويئي؛ ”ڊاڪٽر ڀَت کائي!
ڊاڪٽر باھه ٿي ويو؛ ”جيڪي وڻيس سو کائي. توھان نه مڙندؤ، مري ته مري پر ڀَت ضرور کائو!
مائيءَ مڙس کي ٽيڪ ڏني؛ سَـھڪندو، ڪِنجهندو وڃي پلال تي ڪريو. سئي ڪا نه لڳي، ۽ کائڻ لاءِ ڪنگڻيءَ جا داڻا پاڻيءَ ۾ ٽچڪندا نظر آيا.
گاڏي چِيڪٽ ڪندي رواني ٿي. مٺيءَ سوڍا ۽ نارنگيءَ جي رس کان پري. مائيءَ جو سرتاج، ابھم جو پيءُ، ھن ننڍڙي  نظام شمسيءَ جو مرڪز، اوندھه ۾ غائب ٿيندو ويو.
ڊاڪٽر مون سان گڏجي ھليو. ننڍڙيءَ کي تپاسيائين، اڌ منو ڪلاڪ ويٺو. سُئي ھنيائين، دوائون ڏنائين، دوائون لکيائين ۽ پوءِ ٻاھر نڪتو.
مان ساڻس گڏجي ٽانگي تائين آيس، ڏھين روپين جو نوٽ کڻي ھٿ ۾ ڏنومانس. کِلي واپس ڪيائين؛ ”واھه صاحب، مان اھڙو بدتميز آھيان!  
ٽانگو روانو ٿي ويو. ڦيٿا ڦِرندا ويا، سنبن جي ٽاپ ٽاپ، ٽانگي جي کڙکڙ ۽ ...بيل گاڏيءَ جا چِيڪٽ ملي ھڪ ٿي ويا ... بدتميز ...  بدتميز ...  بدتميز  ...

No comments:

Post a Comment