Monday, February 4, 2013

مٺيءَ ڀر ممتا ماءُ - نامديو تارا چنداڻي


مٺيءَ ڀر ممتا ماءُ
نامديو تارا چنداڻي
هوش جا ترنگ موٽڻ تي شرير وري ياد پوي ٿو. درد کي به هوش اچي ٿو وڃي ڄڻ. درد ايترو جو جيئڻ تي افسوس ٿيڻ لڳي. موت مٺو لڳي. وري ٻار جي ياد پويس ٿي. هن کي ٻڌڻ ۾ آيو؛ پٽ ڄائو آهي. ڀڻ ڀڻ ڪن تي پيئي هئي. هڪ پل درد بي هوش ٿي وڃي ڄڻ. هوءَ من ۾ ٿورو سرهي ٿئي ٿي. خبر ناھه ڇا ٿي رهيو آهي. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. لفظ هن جي ڪن تي پيا. هن سامت جو ساھه کنيو. وري هوش جا ترنگ گم ٿيڻ لڳا. وري مدهوشي. مدهوشيءَ کان بي هوشي! لنبي خاموشي! ڪو به آواز نه! ڀڻڪو به نه! هوءَ پوري طرح بي خبر آهي ته هن تي گهڻا دفعا رت چاڙهيو ويو آهي، ته هن جو ٻار به ٺيڪ ٺاڪ نه آهي ته هوءَ خود به ٺيڪ ٺاڪ نه آهي ته کيس وڏي علاج لاءِ ايمبولنس ۾ پري وڃڻو آهي. ته هوءَ خود به آءِ سي يو ۾ آهي، ته هن جو تازو ڄاول ٻار به آءِ سي يو ۾آهي.

Thursday, January 31, 2013

لاٽ - جمال ابڙو

لاٽ
جمال ابڙو
اکين مان وھندڙ نشو، ڪارا ھڙٻاٽيون لِڱ، ڦڏيون ٽَنگون، چِٻو مـُنھن ۽ گُهڻون آواز، بڇان وٺيو وڃي. ھيءَ ڪاري ٺوٺ جھڙي زندگي، توبه!
جڏھن انھي ساڳيءَ دونھاٽيل ۽ ڪاراٽيل انسان جي ڀونگيءَ اڳيان روز شام جو، ٽن مارنگن وچ ۾ باهه جي لاٽ ڏسبي ھئي ته ائين محسوس ڪبو ھو، ڄڻ نج زندگيءَ جي لاٽ جرڪي اٿي. ان زندگيءَ جي لاٽ کي جرڪائڻ لاءِ ھـُن ڇا ڇا نه ڪيو ھو.

مـاءُ جـي جھـولِـي - جمال ابڙو

مـاءُ جـي جھـولِـي
جمال ابڙو
اسين مڙوئي پراڻين خيالن وارا آھيون. بيگم صاحب ته نون سالن جي عمر کان پڙدو ڪيو ۽ در کان ٻاھر گھٽيءَ ۾ ڪانه نڪتي. سنڌي وچولي طبقي جي ڪلچر ۾ رچيل. اخلاقيات کي آسماني مذھبي درجو. مجال جو ڪو ھان! ڇا؟ يا ڇو؟ چوي. جيءُ! ۽ حاضر! پئي پوندي. حجاب اھڙو جو زبان بند اکيون ھيٺ. شاديءَ کان پوءِ سڄو سارو مھينو خود مون کي اکيون کولي ڪو نه ڏٺائين.

فـرشـتـو - جمال ابڙو

فـرشـتـو
جمال ابڙو
مان اسلام آباد ۾ ھئس. ھونئن ته ھر جِيو جنتر، پسون پکڻ، اسلام آباد ۾ آھي ئي، پر مان اسلام آباد ويو ھئس ۽ اسلام آباد ھوٽل ۾ رھيل ھئس. ٿڌو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو، رنگين ٽي وي، ڦولدار پڙدا، فون، گھنٽيءَ تي چانھه حاضر. ٽيئي وقت مفت مانيون. سٺا سھڻا دوست. آرام ئي آرام. ڪم ڪو به نه، سواءِ تقريرون ٻڌڻ جي.
ليٽئي پيٽئي، اوچتو منھنجي طبيعت غير ٿي وئي لوڇ پوڇ اندر ۾ آنڌ مانڌ، دل تي بار، بوجهه، مونجهه ۽ ڦٿڪو. ساهه ٿي نڪتو. ڀرپو ناشاد، جو ھاڻي ليٽي پيٽي نفيس شيخ ٿي پيو آھي، کي فون ڪيم. پنھنجي سٻاجھي ساليءَ سان گڏ ڊوڙندو آيو. گھٻرائجي ويو. مڙس مڇڏو آھي سو ھڪدم وريو. چي؛ ”ڏاھي کي وٺيون ٿو اچان!“ اسين ماڻھو ڊاڪٽر کي ڏاھو چئون.

سِـيـنـڌ - جمال ابڙو

سِـيـنـڌ
جمال ابڙو
کپري شھر جي سرڪاري اسپتال جي لاش-گھر ٻاھران، مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽيءَ سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگو لاش اگھاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي ھئي. ھٿ رونڊڙا، پير ڦٽل. اکيون حيرت، حسرت ۽ ھيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي، سدوري، سُگهڙ، ڪونئرو ڪُسڻي. پيار جي راھه ۾ ھڪ ٻي قرباني. ڪُسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين. ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين، پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي آيا، آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي

Wednesday, January 30, 2013

پـاشـا - جمال ابڙو


پـاشـا
جمال ابڙو
روز صبح سان گُگهوءَ جو ڀَوائتو آواز لهرون هڻندو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. گَري ۽ تيل ھاڻي فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو ھو. سڄو ڏينھن ھڏ ھڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو ڪنڊن ۾ ڪِريا پيا ھوندا ھئا. ننڊ ئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ ھئي! گُگهوءَ جو بي وقتو۽ بي ھودو حڪم کين اڌ ننڊ مان اٿاريندو ھو. اکيون مھٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا ھئا. بس ڄڻ ته ڪُئا ٻِرن مان نڪتا. اوندھه، پوسلو ۽ ٿڌ- ڪُرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گھٽيءَ مان گڙڪندا ايندا ھئا. پيا ھڪ ٻئي جي مٿان ڊھندا ۽ ٿاٻڙندا ھئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀِتيون لاپرواھيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون ھونديون هيون. مزور ويندا ھئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن ھيٺيان پئي چِڪ چِڪ ڪندي ھئي. گوڙ ۽ شور ويندو ھو وڌندو ڦِٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا ھوندا ھئا. لوھي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو ھو زور وٺندو. دونھي جا ڪڪر اٿندا وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇائنجي ويندا ھئا.

پِشـُو پـاشـا - جمال ابڙو


پِشـُو پـاشـا
جمال ابڙو
رياست جي عدالت عاليه جون شوخ ۽ ڪرڙيون ڀتيون، شھر کان پري ٽڪريءَ جي ڀرسان اڏول ٿيون بيٺيون ھيون. عمارت جون ڊگھيون پٿريليون ڀتيون، ويڪرا چپٿرا منارا ۽ وڏا شاھي در، ٺھرائيندڙ جي ارادن ۽ منصوبن جو پورو پورو نقشو چٽي رھيا ھئا. ٽڪريءَ جي اوچائي، عمارت جي بي رخي ۽ وچ واري پوٺي جي رکائي ڄڻ ته پاڻ ۾ ٻٽ ٿي، ڄاڻي واڻي ھن انصاف جي گھر کي عام بستيءَ کان ڇني ڌار ڪري رھيون ھيون. ويتر ڪارو لوھي ڪڙن وارو غير ملڪي جهنگلو ڄڻ ته مڪون الاري دڙڪا ڏيئي رھيو ھو.