ڀُڻُ ڀُڻُ
مختصر ڪهاڻي
ممتاز لوهار
”عادتون عضوو
هونديون آھن، ان ڪري پاڻ کي عجيب ناهن لڳنديون. ٻيا محسوس ڪرائيندا آھن.“ پنهل چپن
۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو هلندو رهيو. ”سڀ چوندا آھن ته مان پنهنجي مُنهن اڪيلو چپن ۾ ڪجھ ڳالهائيندو
رهندو آھيان. کڏ ۾ وڃي پَون. جيئن وڻين تيئن سمجهن. ڀلا گهر جون ڳالهيون رڙيون ڪري
سڀني کي ٻڌايان ڇا؟“




