”ڪجھ به ساڳيو ناهي“ ناول جو
جائزو
اڪبر لغاري
ويران
ٿيل شھر، اڌ ڊٺل تاريخي قلعي، پراڻي ڦٽل ۽ سنسان ريلوي اسٽيشن جو تصور ايندي ئي دل
تي اداسي ڇانئجي وڃي ٿي، پر اهڙا منظر رومانويت پسند فردن لاءِ ڪشش رکندا آهن. ريل
گاڏي ۽ ريلوي اسٽيشن پوري دنيا جي ادب ۾ ملڻ، وڇڙڻ، اداسي، ماضي وغيره جو استعارو
بنجي ويا آهن. ڪيئي ڪھاڻين، ناولن ۽ فلمن ۾ ريلوي اسٽيشن جي استعاري کي خوب
استعمال ڪيو ويو آهي.
هيءَ
ڪھاڻي به ان دور ۾ شروع ٿئي ٿي، جڏهن هڪ ننڍڙي شھر جي ننڍڙي ريلوي اسٽيشن آباد
هئي، پليٽفارم تي چانھن ۽ ميون جا اسٽال هئا، جتي هڪ ئي وقت ڪن ماڻهن جي اکين ۾
ڳوڙها ته ڪن جي اکين ۾ خوشي جي چمڪ هوندي هئي. سڏڪا ۽ ٽھڪ هڪ ئي ڪاٺ جي پراڻي بينچ
تي گڏ ويٺل نظر ايندا هئا. ان سان گڏ ئي هڪ سنهڙو پيچرو ريلوي ڪوارٽر ڏانھن ويندو
هو، جتي هڪ ڀڳل ٽٽل ڪوارٽر ۾ زيبا، سندس ڀيڻ بلقيس، انهن جا ڀائر ۽ ماءُ پيءُ
رهندا هئا. پيءُ نوراحمد پليٽ فار تي چانھن جو کوکو هلائيندو هو ته ساڳي وقت ننڍڙي
مسجد ۾ پيش امام به هو.
ان ئي
شھر ۾ هن ڪھاڻيءَ جو مک ڪردار به رهندو هو، جيڪو ڪنھن دڪان تي ڪم ڪندو هو. حالات
ان ڪردار کي ڪنھن بھاني سان ڪوارٽر تي وٺي آيا ۽ هو زيبا جي وڏين اکين جو اسير ٿي
ويو.
پر
ترسو! ڇا واقعي هو اکين جو اسير ٿي ويو هو يا ان جي پٺيان ڪا ٻي ڳالهه هئي؟ جديد
نفسيات چوي ٿي ته ماڻهو کي خود به خبر نه هوندي آهي ته سندس ظاهر ظھور مقصد جي
پويان ڪو ٻيو مقصد به لڪل هوندو آهي.
هن
ناول جي مک ڪردار جو ڪو نالو ناهي ڏنل، تنھنڪري سھولت خاطر پاڻ سندس نالو فرض ڪري
ٿا وٺون انور. انور پنھنجي رشتيدارن ۾ ڪنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي، پر ان
ڇوڪري وضعدار طريقي سان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته هوءُ وڌيڪ پڙهڻ چاهي ٿي ۽ پوءِ
نوڪري ڪرڻ چاهيندي. انور جي انا سخت زخمي ٿي پئي، جنھن کي مرھم جي ضرورت هئي. هن
کي اهو ثابت ڪرڻو هو ته هيءُ رد ڪرڻ جي لائق نه هو بلڪ هيءُ ته ٻين کي گهربل به
آهي.
انور،
زيبا جي سادي سودي پيءُ سان دوستي ڪري ورتي ته جيئن ڪوارٽر تي اچ وڃ جو جواز قائم
رهي. هيءُ انهن جي ڪم ايندو رهيو، پر زيبا ڪڏهن به سندس همٿ افزائي نه ڪئي. بلڪ
ڪڏهن سندن ڪا خاص ڳالهه ٻولهه به نه ٿي. ڇو ته سندن ملاقات هميشه ماءُ يا پيءُ جي
موجودگي ۾ ٿيندي هئي.
هڪ
ڏينھن هو ڪوارٽر خالي ڪري گهڻو پري پنھنجي ڳوٺ هليا ويا. انور کي ته اهو موقعو به
نه ملي سگهيو ته هو پنھنجي محبت جو اظھار ڪري سگهي. انهن جي وڃڻ کان پوءِ کيس
احساس ٿيو ته شروع ۾ ته کيس به محبت نه هئي ۽ صرف نفسياتي غرض هو ليڪن پوءِ هن جي
دل گواهي ڏني ته هو زيبا جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪو هو.
هڪ
زمانو گذري ويو. ٻنهي جي شادي ٿي وئي، اولاد جوان ٿي ويو. ٻيھر فون تي رابطو بحال
ٿيو ۽ محبت جو ستل جذبو جاڳي پيو. زيبا به هن سان محبت ڪندي هئي، پر ٻئي ڪڏهن به
محبت جو اظھار نه ڪري سگهيا هئا.
بظاهر
هي هڪ سادي ڪھاڻي آهي پر مصنف هن ۾ ڪمال جو تجسس رکيو آهي. شروع کان آخر تائين،
ناول مان هٿ ڪڍڻ تي دل نٿي چاهي. ڊڪشن ۾ نفاست ۽ نزاڪت ايتري آهي جو مصنف جي ذهانت
کي داد ڏيڻو ٿو پوي. ڪھاڻي جي اڻت ۾ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ڏاهپ جي نُڪتن کي ڏاڍي
مھارت سان ٽاڪيو ويو آهي. ڪردارن جا نالا جيڪڏهن سنڌي مان ڦيرائي روسي زبان جا
رکجن ته هي روسي ناول لڳندو.
نفسياتي جائزو:
انور
جي انا مجروح ٿي ٿئي ۽ هو اهو زخم ڀرڻ لاءِ زيبا کي پنھنجو ڪرڻ ٿو چاهي. هي هڪ
نازڪ نُڪتو آهي. اسان جي معاشري ۾ هن جھڙا ڪيئي ڪردار هوندا آهن، جيڪي پنھنجي انا
جي زخم جو سور سھي نه سگهندا آهن ۽ هو محبت، نيڪي، دوستي وغيره جو ڍونگ ڪندا آهن.
هو
پنھنجي مائٽياڻي تائين زيبا واري ڳالهه پھچائي، هن جي دل ۾ حسد جاڳائڻ ٿو چاهي يا
ٻين لفظن ۾ کيس ذهني تڪليف ڏئي، بدلو وٺڻ ٿو چاهي. بدلي جي خواهش هميشه عذاب کڻي
ايندي آهي.
مغربي
معاشرن ۾ اها ڪا خاص ڳالهه آهي ئي ڪانہ، پر اسان جي معاشري ۾ اهو،” نام نھاد عزت“
جو مسئلو آهي. رشتي کان انڪار ٿيڻ تي مائٽن مٽن ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون. انور زيبا کي
پنھنجو بنائڻ جي ڪوشش ان ڪري به ڪري ٿو ته جيئن معاشري ۾ پنھنجي عزت بحال ڪري سگهي.
انور
جي انا جو زخم صرف وقت ڀري ٿو، پر ان دوران سندس دل ۾ زيبا لاءِ محبت جو سلو ڦٽي
پوي ٿو، جنھن کي دل اندر سانڍي خاموشيءَ سان ان کي تاتيندو رهي ٿو. يعني سندس
شخصيت غرض مند مان ڦري بي غرض ٿي پوي ٿي. سندس ميٽامورفوسز ٿي وڃي ٿي.
محبت جو افلاطوني تصور:
بنيادي
طور محبت جا ٻه تصور آهن. هڪ افلاطوني ٻيو فرائيڊين. فرائيڊ جي مطابق، مخالف جنس
سان محبت جي پويان جنسي جذبو ڪارفرما هوندو آهي. اصل جذبو اهو ئي هوندو آهي جنھن
کي محبت، پيار، عشق وغيره جا نفيس ويس ڍڪايا ويندا آهن. جڏهن ته افلاطوني محبت ۾
جنسي جذبي کان انڪار ڪونهي پر ان جي حيثيت اولين نه آهي. بلڪ ڪن حالتن ۾ نه هجڻ
برابر آهي. هڪ نسل جيترو زمانو گذري وڃي ٿو، پر زيبا ۽ انور جي دل ۾ هڪٻئي لاءِ
محبت، عزت ۽ باهمي احترام سلامت رهي ٿو.
زيبا
جي طرفان هڪ آڇ اچي ٿي. حالانڪ اها آڇ انور جي دل وٽان هئي، تڏهن به انور ان لاءِ
شرط رکي ٿو. زيبا شرط نٿي قبول ڪري ۽ سندن تعلقات سرد مھري جو شڪار ٿي وڃن ٿا. انا
ٻيھر ڪنڌ کڻي ٿي. محبت ۾ شرط نه هوندا آهن، شرط ته ڪاروبار ۾ هوندا آهن.
آخرڪارمحبت کٽي وڃي ٿي ۽ شرط ختم ٿي وڃن ٿا. بي شرط ۽ بي غرض ئي افلاطوني محبت آهي.
بخت موچي جو ڪردار:
هي
ڪردار ڪھاڻيءَ ۾ ائين اچي ٿو جيئن ڪو کڙندڙ تارو اچانڪ نمودار ٿئي ۽ فورن گم ٿي
وڃي، پر ڪجهه لمحن لاءِ هر شئي کي منور ڪري وڃي. هي هڪ پيادو ڪردار آهي جنھن جو
صرف هڪ ڪم ئي نظر اچي ٿو، پر اهو انتھائي اهم آهي. بخت موچي فوٽ پاٿ تي ويھي جوتا
پالش ڪري ٿو ۽ ڦاٽل بوٽ ڳنڍي ٿو پر هو هڪ ذهين نوجوان آهي. ڪھاڻين جي آرڪيٽائيپ ۾
اهو ڪردار ڪنھن ڏاهي پوڙهي ماڻهو(Wise old man) جو هوندو آهي، پر بخت نوجوان آهي. بوٽ پالش ڪندڙ ماڻهو اسان جي معاشري ۾
حاشيي تي رهندڙ (Marginalized) ماڻهو هوندا آهن، جن کي انسان جي نظر سان ڏسڻ جي بجاءِ بس غير اهم پرزو
سمجهيو ويندو آهي. اسان جن ماڻهن کان سالن تائين بوٽ پالش ڪرائيندا آهيون يا گھرن،
آفيسن جي صفائي ڪرائندا آهيون، اڪثر انهن جي نالي جي به خبر نه هوندي آهي اسان کي.
اهي معاشري جا نظر نه ايندڙ فرد(Invisible Individuals)
هوندا آهن پر انهن وٽ ڏاهپ هوندي آهي. ڇو ته هو شين کي اسان
جي اک سان نه ڏسندا آهن. اسان شين کي پنھنجي نظر سان ڏسي پنھنجي معني ڏيندا آهيون.
معاشري جي بظاهر ڪنھن غير اهم نظر ايندڙ فرد کي جيڪڏهن ادب ۾ ئي سھي، اهميت ملي ٿي
ته اها خوش آئند ڳالهه آهي.
هتي
انور هڪ اعليٰ انسان جي روپ ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو بخت سان دوستانه تعلقات رکي ٿو. نه
صرف ايترو پر سندس ڏاهپ جو معترف به آهي. بخت هڪ جملو چوي ٿو جيڪو انور هميشه لاءِ
پنھنجيءَ دل ۾ سانڍي رکي ٿو:
”دنيا جو
ڏکيي کان ڏکيو ڪم ٻي جي جاءِ تي پاڻ کي رکي سوچڻ آهي.“
هي
جملو ڪو نئون ته ناهي، پر بخت موچي جي واتان سٺو لڳي ٿو. ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ به
انهيءَ جملي کي ڪم آڻيندي، انور پنھنجي انا تان هٿ کڻي وڃي ٿو ۽ پنھنجو پاڻ کي،
پنھنجي اولاد ۽ زيبا جي جاءِ تي رکي سوچي ٿو.
منھنجيءٓ
نظر ۾ ته هن ڪھاڻيءَ جو وڏو سبق ئي اهو آهي ته پنھنجي پاڻ کي ٻين جي جاءِ تي رکي
سوچجي.
هڪ
ڳالهه ٿوري هضم ڪرڻ ڏکي ٿي لڳي ته زيبا ۽ بلقيس جو پيءُ مذهبي ماڻهو آهي، پيش امام
آهي، انور انهن لاءِ ڌاريو ماڻهو آهي. ٺيڪ آهي ته هو انهن جي ڪم اچي ٿو، پر ان
هوندي به هي انهن جي گهر ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ڇوڪريون کانئس پردو نٿيون ڪن. نه صرف
ايترو پر زيبا، پنھنجي پاڙيسري ضمير سان گڏ، هن جي موٽر سائيڪل تي ويھي ڪم ڪار سان
هلي ويندي آهي. مذهبي هجڻ سان گڏ، نور احمد جو پس منظر نيم قبائلي به آهي.
انور
ڪليم جو هيءُ ناول، سنڌي ناولن ۾ سٺو اضافو آهي.
تحقيقي
جرنل سارنگا ۾ ڇپيل


No comments:
Post a Comment