Friday, January 24, 2025

ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا - تبصرو - منظور ڪوھيار

بيدل مسرور بدوي ۽ سندس "ڦاٽل ڪهاڻين جا پرزا"

تبصرو

منظور ڪوھيار



محترم بيدل مسرور بدوي جيڪو اٺ سال مون کان عمر ۾ وڏو آهي. نه صرف عمر جي حوالي سان، پر علمي ادبي ۽ فني حوالي سان به برگزيدگان ۾ شمار آهي . منهنجي حيثيت سندس آڏو رشندگان (عقيدتمندن) واري آهي. هو هڪ ئي وقت فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار،ڪالم نگار، محقق، راڳي، ڪمپوزر، پي ٽي وي پروڊيوسر آهي. ان کانسواء به گھڻو ڪجھ هوندو. هر انسان پنهنجي ذات ۾ وڏو ڳجھ آهي. هن مون کي ويجھڙ ۾ ٿيندڙ سنڌ لٽريچر فيسٽوئل ڪراچي ۾ پنهنجي ناول تي ڳالهائڻ لاء چيو هيو ته مون معذرت ڪري ڇڏي هئي. ڇو ته مان هڪ ڪراچي ۽ ٻيو حيدرآباد۾ ٿيندڙ ادبي فيسٽوئلس ۾ ماڊريٽر صاحبائن جو ڪهڪائل هيس جن پروگرامن جي شروعات ۾ مون سميت اسپيڪرس کي حڪم ڪيو ته اوهان ميان مٺو ٿي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرايو. ان وقت مون دل برداشته ٿي سوچيو هيو ته جڏهن اهڙا ٻرڙ به نه وسن ته اک وڃڻ جا پار... بس اهو ڏينهن هي ڏينهن. ڀلئي واڻئي گانء کاڌي.

Wednesday, January 22, 2025

راھَ مٽاءِ - فرانز ڪافڪا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

راھَ مٽاءِ

ننڍڙي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: فرانز ڪافڪا

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي ڪُئي چيو؛ ”ھاءِ افسوس! ھيءَ دنيا، ڏھاڙي وڃي ٿي گھٽبي. 

اڳي ايڏي ته وڏي ھوندي ھئي جو لڳاتار ڊوڙندو ھيس پيو ته کُٽندي ئي نه ھئي. اڳتي وڌندي، مون کي ڀؤ پئي ٿيو. جڏھن مون پنھنجي ساڄي ۽ کاٻي، ڀتيون ڏٺيون ته مون کي اڻ لکي خوشي محسوس ٿيڻ لڳي. اھي ڀتيون مون سان ساڻ ھلندي ھلندي سوڙھيون ٿي ويون ۽ مان پڇڙيءَ تائين پڄي ويس. اھا ٽپندي ئي، مان پاڻ لاءِ تيار ڦندي ۾ وڃي ڦاٿس.

ٻلي، اھو چوندي، کيس ڳڙڪائي وئي؛ ”تو کي فقط، پنھنجي راھ مٽائڻ گھرجي ھا.“


(محسن عليءَ جي اردو ترجمي تان کنيل)

 

Monday, January 6, 2025

ڪاٻاڙ - ننڍڙي ڪھاڻي - عابد مظھر

ڪاٻاڙ

ننڍڙي ڪھاڻي

عابد مظھر



ھو ھر ھفتي صدر ڪراچي ۾ پراڻن ڪتابن جي ڪاٻاڙ مان پراڻا ڪتاب خريد ڪرڻ ويندو ھو. ڪيترائي ڀيرا کيس وڏن وڏن اديبن جا، ڪن دوستن کي سوکڙي ڏنل اھم ڪتاب ملي ويندا ھئا، اھي اڌ بھا ۾ خريد ڪري، خوش به ٿيندو ھو. اھڙا ڪتاب خريدڻ وقت، پريشان ٿي سوچيندو بہ ھو ته، اسان جي اديبن جي دوستن کي به شابس ھجي، پنھنجي اديب دوستن جي ڪتابن جو قدر ايترو اٿن. 

بختاور مکيءَ جي ناول جو جائزو ۽ اڀياس

بختاور مکيءَ جي ناول جو جائزو

ناول جو اڀياس

اڪبر لغاري



هِي ناول ان دور جو قصو آهي، جڏهن انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مکي ٻيلو، اتي صدين کان رهندڙ ماڻهن، جانورن، پکين ۽ جيت جڻين جي آماجگاهه ۽ آسائش سان گڏ، هزارين خاندانن ۽ انهن جي چوپائي مال جي گذران جو ذريعو هو. هتي رهندڙ ماڻهن جي ثقافتي زندگيءَ جو بنياد ۽ محور سندن مال متاع تي هو. جيڪڏهن مينهيون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون خوش ته انهن تي گذران ڪندڙ ماڻهو به خوش. مکي ٻيلي ۾ مال لاءِ گاھ پٺي سان گڏ، ڳوٺاڻن جي اجهي اڏڻ لاءِ ڪاٺ ۽ ڪک پن سان گڏ، ٻيو به گھڻو ڪجھ هو.

ڳوٺاڻن جي سادي زندگي، جنهن ۾ سڪون ۽ باهمي احترام سان گڏ، جھيڙا جھٽا، چوريون چڪاريون ۽ انهن جون ڇيڙيون نبيريون به هيون، جيڪي زرعي ۽ مالوند سماج جون حصو هونديون آهن. سڀ ڪجھ ٺيڪ هلي رهيو هو پر جڏهن ڌاڙيلن جو آزار وڌيو ته انگريزن، مکي ٻيلي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

Wednesday, January 1, 2025

مائيڪل اينجلو - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

مائيڪل اينجلو

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو


فلورينس کان آئي، مائيڪل اينجلو کي وري پنج سال ٿي ويا ھيا. روم کان دل کٽي ٿيڻ لڳي ھيس. 

”روم ۾ ڪو چھرو ئي ڪو نه ٿو ھٿ اچي. چھري تي ڪو ڪردار ئي نه ٿو نظر اچي. مڙئي ھڪجھڙا ٿا لڳن پيا.“ ھن پوپ جولئس کي ٻڌايو ھيو.

”منھنجي چھري تي تو کي ڇا ٿو نظر اچي؟“ جولئس پڇيو ھيس؛ ”ھڪ ٻرندڙ ميڻ بتي!“

جولئس ٿوري وقفي کان پوءِ مرڪيو. اينجلو جي اُگرين ڳالھين ٻڌڻ جو ھو ھيراڪ ھيو. ”ھا! مون کي ڄاڻ آھي ته تون چوڻ ڇا ٿو چاھين. ھزارين ميڻ بتين ۾ ھڪ ٻرندڙ ميڻ بتي، جنھن کي ماڻھو پوڄا جي وقت گرجا جي آلٽر تي ٻاري ڇڏيندا آھن.“

اينجلو ماٺ ئي رھيو...