اندرا شبنم جي ڪھاڻين جي
نفسيات ۽ عورت-زاد نظريي وارو جُهڪاءُ
(تنقيد)
خليق ٻگهيو

ڪھاڻي ڇا آھي؟ اُن بابت ڪا حتمي
راءِ ته ڪڏھن نٿي ڏَئي سگهجي. ڪھاڻي اتهاس به آھي ته استقبال به آھي. ڪھاڻي سماج ۾
واقع ٿئي ٿي ۽ ڪھاڻي افسانوي رنگت ۾ رنڱجي تخليق پڻ ٿئي ٿي. ڪھاڻي سماج مان ڦُٽي ٿي
۽ ڪھاڻي خود سماج پڻ جنمي ٿي. ڪھاڻي شعوري آبياريءَ جو ماخذ به آھي ته ڪھاڻي
حياتيءَ جي نئين ترتيب، نئين نظم، نئين ضابطي جو پڌرنامو به آھي. ڪھاڻي حالَ جي
آرسي به هوندي آھي ته ساڳئي وقت، جبريت مان ڇوٽڪاري جا محرڪ بخشيندي پڻ هوندي آھي.
اولهه جو مفڪر H. E. Bates ڪھاڻيءَ بابت چئي ٿو ته؛ ”ڪا اھڙي
وصف يا پيمانو نه آھي، جيڪو ڪھاڻيءَ جي ساخت تاثر ۽ حُسن جو مڪمل معيار طئه ڪري
سگهي. جهڙيءَ طرح آسمان سِرُن جو ٺهيل ڪونهي، اِھڙيءَ طرح ڪھاڻي به سانچن ۽ فريمن
جو ٺھيل مجموعو نه آھي. “ منھنجي خيال موجب، ڪھاڻيون شفاف آئينا آھن، جن جي آر پار
زندگيءَ جا ڪئين منظرَ پَسي سگهجن ٿا، جَن منظرن ۾ زندگي ڪِٿي ٿَڪل آھي ته ڪِٿي
زندگي مُتحرڪ ۽ توانا آھي، ڪِٿي ڏُکن جو سج لهي ئي نٿو ته ڪِٿي سڀ ڪجهه هُوندي به ڪروڌ
جا جهنگ آھن. ڪِٿي بُک، موت جو محرڪ آھي ته ڪِٿي ٺٺ-ٺاھ ۽ زندگي مذاق بڻيل آھي. پکي-پکڻ،
ماڻهو مرون، جيت سڀ ساھوارا زندگيءُ جو ڳرُ آھن. آرٽسٽڪ نگاھَ، اُنهن جي جيوت ۾
نزاڪتون ڳولي لهي ٿي. فضائن جي ورلاپَن جو سماع صرف حساس-دليون ئي ڪري سگهن ٿيون، جيڪي
دليون ڪھاڻيڪار هجن. دلين جي اُونهائين مان صرف هڪ مُصور روح، درد تي مرهم رکي
سگهي ٿو، جيڪو تحرير-پنڌ جو پانڌي هجي. لاشعورَ جي نٽھڻ-اُس جي شدت هڪ سچي تخليقڪار
جي حساسيت کان ڏُور نه هوندي آھي. ننڍپڻ ۽ جوڀن ۾ رُوح تي آيل رھنڊن، زخمن ۽ چاھتن
جي جوڳ-سنجوڳ توڙي پيريءَ ۾ کاڌل ڌِڪن جي عذابن کي هڪ سچيت ڪھاڻيڪار جي اک ئي چڱي
طرح پروڙي سگهي ٿي.