Monday, April 4, 2016

ڇيلو ۽ بگهڙ - محمد اسماعيل

ڇيلو ۽ بگهڙ
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
محمد اسماعيل
هڪ هڪ ڇيلو، درياء جي ڪناري تي پاڻي پي رهيو هو، ته ايتري ۾ هڪ بگهڙ اُتي اچي نڪتو.
”هن درياء جو پاڻي منهنجو آهي.“ بگهڙ چيو.
”تو پيئڻ جي همت ڪيئن  ڪئي؟“
”درياء جو پاڻي، ته جبلن تان اچي ٿو، تنهنجو وري ڪيئن ٿيو؟“ ڇيلي وراڻيو.
”بس، آءُ جو چوان ٿو، ته منهنجو آهي.“ بگهڙ اُڪڙجندي چيو.
”هاڻي آءُ توکي کائڻ کان سواءِ اصل نه ڇڏيندس.“
بگهڙ ايترو چئي، پڇ لوڏيندو هليو ويو.

Thursday, February 4, 2016

نذرانو - عڪاس بلوچ

نذرانو
عڪاس بلوچ
امتحانن کانپوءِ فريش ٿيڻ لاءِ ڪجھ ڏينهن سنڌ جي ٻهراڙي ۾ گذارڻ سٺو لڳندو آهي ۽ ان لاءِ مان هر سال چاچا عنايت وارن جي ڳوٺ ڏانهن رخ ڪندو آهيان، موسم به نه ايتري سرد نه گرم ۽ ڪڻڪ جي لاباري جي سيزن ۾ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻا ۽ انهن جون ڪچهريون دل کي وڻنديون اٿم.

Saturday, December 5, 2015

پنجوءَ جي عيد - مٺل جسڪاڻي


پنجوءَ جي عيد

مٺل جسڪاڻي

پنجوءَ سان پراڻا واسطا اٿم. سدائين پاڻ ئي اچي مٿي ۾ لڳندو اٿم. ڪلهه مليو، چئي: ”عيد لاءِ ورتل ڪپڙن جي سلائي جا پئسا درزي کي ڏئي، ڪپڙن جي ٿيلهي کڻي، دڪان مان نڪري روانو پئي ٿيس، ته دروازي تي بيهي درزي وڏي اخلاق سان آهستگي ۾ چيو: سائين دل ۾ نه ڪجو، اوهان جا ڪپڙا، ڀل ۾ پنجوءَ پهلوان جي ماپ تي سبي ڇڏيا اٿم.“ منھن ۾ سونڊ وجھي ڏٺومانس ته اڳتي چوڻ لڳو؛ ”پنجو! اهو تو وارو نالي ڀائي! جنهن زندگيءَ ۾ هڪ به ملهه نه ماري آ! سڏائي وري پهلوان ٿو! ان پنجوءَ جي ماپ تي تنهنجا ڪپڙا سبي ڇڏيا اٿم. اڃا به پئي چيائين؛ اوهان جو خير آهي، مڙئي ٿورا خلاصا بيهندا! باقي رهيو پنجو پهلوان! اهو عيد پراڻن ڪپڙن ۾ گذاري. پوءِ ڀلي پيو مون کي ڳوليندو وتي! آئون هتان لڏيو پيو وڃان! گهر ناٺي ٿيڻ جي شرط تي مائي ملي اٿم! ساهرن ۾ رهندس. دڪان به اتي کوليندس.“

Thursday, December 3, 2015

ڪير ٿو ڪنھن لاءِ مري- آدرش

ڪير ٿو ڪنھن لاءِ مري
هندوستان جي راجا جي ڪهاڻي
آدرش
هندوستان تي هڪ راجا راڄ ڪندو هو. هن جو نالو ”ڀرتري هري“ هو. هو هڪ سخي، ديا وان ۽ هڏڏوکي مڙس هو.
راجا جي وني ڏاڍي سهڻي هوندي هئي. اهڙي ڄڻ وڄ هجي. راجا هن جو بدن ڏسي ٺرندو هو. راڻيءَ جو بدن به نرم ۽ گرم هوندو هو. ڀرتري هري هن ڏانهن پيو نهاريندو رهندو هو ۽ ڍاپندو ئي نه هو. هن جي اندر جي اُڃ نه لهندي هئي.

ٻه-وڙھائو چغل خور- آدرش

ٻه-وڙھائو چغل خور
پنجاب جي لوڪ ڪهاڻي
آدرش
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ چغلخور رهندو هو. هن کي چغلي هڻڻ کانسواءِ آرام ئي نه ايندو هو. ان عادت کي ڇڏڻ جا هن گهڻا ئي حيلا هَلايا پر نه ڇڏي سگهيو. ان عادت ڪري هن کي چڱي ڀلي نوڪريءَ مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو. هن جيڪا ٿوري گهڻي جيڪا موڙي بچائي رکي هئي سا به کائي کپائي ويو ته بک مرڻ لڳو. هن گهڻن کي ايلاز منٿون ڪيون کيس نوڪريءَ تي بيهاريو وڃي، پر هن جي افعالن ڪري هر هنڌان کُتو جواب مليس. هن پوءِ ڳوٺ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.

Thursday, November 19, 2015

مايا پراڇت - منظور ڪلھوڙو

مايا پراڇت
منظور ڪلھوڙو


“بابا اچي ويو....، با با اچي ويو. با با....”
ٻيو درجو پڙهندڙ ننڍڙو شيراز، پنهنجي والد کي ڏسندي گهر جي اڱڻ ۾ خوشيءَ وچان رڙيون ڪندي، نچندي ڪڏندي، اچي کيس ٽنگن ۾ ڀاڪر پائي چنبڙي پيو. شيراز جي رڙين تي سڀئي گهر ڀاتي ڪمرن، ورانڊي ۽ مٿين فلور کان هيٺ لهي اڱڻ ۾ اچي لعل ڏني سان ڀاڪر پائي لڙڪ هاري ويٺا.

Monday, October 26, 2015

ڇوڏو -نجم عباسي

ڇوڏو
ڪهاڻي
نجم عباسي
ڳوٺ جي ويجهو پهچي چڪو هوس. سج پهاڙن پٺيان غائب ٿي ويو هو. مان ٿڪل ٽٽل، مٿي تي ڪتابن جي بُجڪي، ڪانچ جا ور مٿي کنيل، جُتي ۽ گوڏن تائين ڄنگهون ڌڌڙ سان ڀريل، گهر جلدي پهچڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم ڀريندو ٿي آيس. اوچتو ياد اچي ويم ته پوڙهيءَ عارب-ماءُ جي شيءِ اڄ به وسري ويئي آهي. ڏاڍو ارمان ٿيم. ارمان ان ڪري ٿيم، جو هن وٽان چوکي خرچي ملڻي هئي.