Thursday, December 3, 2015

ٻه-وڙھائو چغل خور- آدرش

ٻه-وڙھائو چغل خور
پنجاب جي لوڪ ڪهاڻي
آدرش
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ چغلخور رهندو هو. هن کي چغلي هڻڻ کانسواءِ آرام ئي نه ايندو هو. ان عادت کي ڇڏڻ جا هن گهڻا ئي حيلا هَلايا پر نه ڇڏي سگهيو. ان عادت ڪري هن کي چڱي ڀلي نوڪريءَ مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو. هن جيڪا ٿوري گهڻي جيڪا موڙي بچائي رکي هئي سا به کائي کپائي ويو ته بک مرڻ لڳو. هن گهڻن کي ايلاز منٿون ڪيون کيس نوڪريءَ تي بيهاريو وڃي، پر هن جي افعالن ڪري هر هنڌان کُتو جواب مليس. هن پوءِ ڳوٺ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.


هن ڪجهه ضرورت جو سامان کنيو ۽ سفر تي روانو ٿي ويو. هلندي هلندي، هڪ ڳوٺ ۾ اچي پڳو. اهو ڳوٺ هن لاءِ نئون هو. کيس ڪو به سڃاڻيندڙ ڪو نه هو، سو هن کي اُميد هئي ته هتي نوڪري ملي ويندس. سو هي هڪ هاريءَ وٽ ويو ۽ کيس چيائين ته ”مون کي پاڻ وٽ بيهار!
هن پڇيس: ”تون ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“
چغل خور وراڻيس: ”مون کي ٻنيءَ جو سڄو ڪم ايندو آهي.“
اتفاق سان اُهو هاري اڪيلو هو ۽ ٻنيءَ جي ڪم ڪار ۾ ساڻس ڪو هٿ ونڊائڻ وارو ڪو ڪو نه هو. هن کي نوڪر جي ضرورت به هئي سو هن سوچيو ته هن کي ئي رکڻ گهرجي. هي ضرورت مند به آهي ۽ منهنجي ڪم جو بارُ به هلڪو ٿي پوندو. اهو سوچي هن چغل خور کان پڇيو ته؛ ”مان تو کي پاڻ وٽ بيهاريان ته پگهار گهڻي وٺندين؟“
ان ڳالهه تي چغل جواب ۾ چيس: ”ڪجهه به نه. مان ٽڪو به نه وٺندس.“
هاري هن جي اها ڳالهه ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو ۽ چيائينس: ”ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“
چغل خور وراڻيس: ”تون مون کي رڳو ماني ۽ لٽو ڪپڙو ڏجانءِ ۽ هڪ ڳالهه جي اجازت ڏيندين ته اهو ئي مون لاءِ کوڙ آهي.“
”ڪهڙي ڳالهه جي اجازت؟“
”ڇڙو ان ڳالهه جي ته مان ڇهن مهينن کان پوءِ رڳو هڪ چغلي هڻندم.“
چغل خور جي اها ڳالهه هئي ته عجيب پر هاريءَ سوچيو؛ ”مفت ۾ نوڪر ٿو ملي. ڇڙو ماني لٽي ۾ مهانگو ناهي. ڇهن مهينن کان پوءِ ڪا چغلي ٿو هڻي ته منهنجو ڇا وڃي؟ مون کي ڪهڙو گهاٽو رسائيندو؟ مون وٽ ڪهڙا وري وڏا راز آهن جن کي هي ظاهر ڪندو.“
”ٺيڪ آهي. مون کي تنهنجي شرط منظور آهي.“
***
چغل خور نوڪر بڻجي ويو. ڪم به ڪرڻ لڳو. هن جي ئي گهر ۾ رهڻ لڳو. روزانو صبح جو سوير هن سان گڏجي ٻنيءَ ڏانهن ويندو هو. ڏاندن کي گاھ ڏئي، هر ڪاهيندو ۽ هر ڪم ۾ هاريءَ سان هٿ ونڊائيندو هو.
ڏينهن گذرندا ويا. هاريءَ کان هن جي چُغليءَ جي ڳالهه ئي وسري وئي هئي. چغل خور کي ڇهه مهينا هن وٽ بيٺي گذري چڪا هيا ۽ پنهنجي عادت تي وڌيڪ جبر ڪرڻ هن جي وس ۾ نه هو، تنھنڪري چيائين هاڻي ڇا به ٿي پئي، هاريءَ جي چغلي ضرور هڻبي ڇو ته هاڻي هن سان ٿيل ڳالهه موجب حق ٿو بڻجي.
***
هڪ ڏينهن هاري معمول موجب ٻنيءَ تي ويل هو ۽ گهر ۾ هن جي زال اڪيلي هئي. اهو ڏسي، چغل خور هن ڏانهن ويو ۽ وڏو همدرد بڻجي کيس چوڻ لڳو: ”ادي! تون بُرو نه ڀانئين ته هڪڙي ڳالهه چوانءِ!؟“
”ڀلي چئه ادا! ان ۾ بُرو ڀانئڻ جي ڪهڙِ ڳالهه آهي!“
چغل خور وڌيڪ همدردي جتائڻ لاءِ چوڻ لڳو: ”ان ۾ ادي! تنهنجي ئي ڀلائي آهي.“
اهو ٻڌي هاريءَ جي زال کي شڪ ٿيو. دل ۾ چيائين ڪا نه ڪا خاص ڳالهه آهي. اهو ويچار آڻي، چوڻ لڳيس: ”ادا! تون ضرور ٻڌاءِ. ڇا ڳالهه آهي؟“
جواب ۾ چيائينس: ”اصل ۾ تو واري مڙس کي ڪوڙھ جي بيماري ٿي پئي آهي. هن اهو مرض تو کان به لڪايو آهي.“
هاريءَ جي زال وئسُري ۾ پئجي وئي. هن دل ۾ سوچيو؛ نوڪر صحيح ڳالهه ٿو ڪري. ڀلا هن کي ڪوڙ هڻڻ جي ڪهڙي پئي آهي، سو هن تڪڙ مان پڇيس: ”پر مون کي ان جي ڪل ڪيئن پوندي؟“
”ان ۾ ڪهڙي ڏکيائپ آهي.“ هن پوءِ کيس سمجهايو ته: ”جنهن ماڻهوءَ کي ڪوڙھ ٿيندي آهي ته ان جو جسم لوڻياٺو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن تون ان ڳالهه کي آزمائڻ چاهين ٿي ته هن کي ڪوڙھ آهي يا نه، هن جي جسم کي ٿورو چمڙي چٽي ذائقو ڏسي سگهين ٿي.
مائي کي چغل جي اها رٿ وڻي. هن سوچيو هاڻي ڪوڙ سچ جي خبر پئجي ويندي، سو چوڻ لڳس: ”چڱو! صبحاڻي جڏهن مان کيس ماني ڏيڻ ايندم ته هن جي جسم کي ضرور چکي ڏسندم.“
چغل خور هاريءَ جي زال جا ڪن ڀري سڌو ٻنيءَ ڏانهن آيو. اُتي هاري اڳواٽ ئي ڪم ڪار ۾ لڳو پيو هو. انهن ڏهاڙن ۾، فصل تيار ٿي چڪو هو، جنهن ڪارڻ هاري ٻن ڏينهن کان گهر ڪو نه ويو هو. چغل خور هن وٽ آيو ۽ ڏاڍي رازداريءَ مان چوڻ لڳس: ”تون هتي ٻنيءَ ۾ ڪم ۾ لڳو پيو آن ۽ هوڏي تو واري زال چري ٿي پئي آهي.“
هاري حيران ٿي ويو ۽ عجب مان پڇيائين: ”اهي ٻول پيو ٻولين، نڀاڳا؟“
”مان سچ ٿو چوانءِ. هوءَ ماڻهن کي چڪ وجهڻ لاءِ ڊوڙي پئي.“
هاري ڪم ڪار ڇڏي سوچ ۾ پئجي ويو. هن سوچيو هي صحيح چوندو هوندو. هن کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪهڙي لوڙ پئي آهي. چغل خور جڏهن هاريءَ کي ٻڏتر ۾ ڏٺو ته چوڻ لڳس: ”تو کي منهنجي ڳالهه تي پت نه ٿي اچي ته صبحاڻي جڏهن هوءَ ماني کڻي اچي، ان مهل ڏسجانءِ.“
هاريءَ چيس: ”هائو! اهو ٺيڪ آهي. اڄ رات مون کي ٻنين ۾ ئي رهڻو آهي. صبحاڻي جڏهن هوءَ آئي ته ڏسي وٺندم.“
چغل خور ڄاڻي ويو ته هاري هن جي وڪڙ ۾ اچي ويو آهي ته سڌو هن جي سالن ڏانهن ويو. اُنهن وٽ پهچي کين چوڻ لڳو : ”واھ ڙي واھ ادا! توهان هتي مزي سان ويٺا آهيو ۽ هوڏانهن توهان جو ڀيڻويو روزانو توهان جي ڀيڻ کي مارڪٽ ڏئي، اڌ مئو ٿو ڪري ڇڏي. ايئن ٿو ماريس جو بيان کان ٻاهر آهي.“
هاريءَ جي سالن چغل خور جي ڳالهه ٻڌي، پريشان ٿي ويا. هنن کيس چيو: ”پر اسان سان ته ڀيڻ ڪڏهن اها ڳالهه سَلي ئي ناهي.“
چغل خور چوڻ لڳن: ”هوءَ ويچاري شرم کنئون اوهان کي نه ٿي ٻڌائي. ٻنيءَ ۾ به سڀ جي سامهون هن کي بي عزتو ڪندو آهي.“
”پر تنهنجي ان ڳالهه تي اسان يقين ڪيئن ڪيون؟“
”جيڪڏهن توهان جي من ۾ اهو آهي ته مان ڪوڙ ٿو هڻان ته صبحاڻي منجهند جو جڏهن توهان جي ڀيڻ ماني کڻي ٻنيءَ ڏانهن وڃي ته توهان پاڻ اکين سان ڏسجو ته ڪيئن نه هو کيس ماري ٿو.“
اهو ٻڌي، اُهي ڪاوڙ ۾ اچي ويا سو چوڻ لڳس: ”ٺيڪ آهي. صبحاڻي اسان ٻنيءَ ۾ اچي، لڪي ڪري پنهجي اکين سان ڏسنداسون.“
اتان پوءِ چغل خور سڌو هاريءَ جي ڀائرن ڏانهن ويو ۽ کين چوڻ لڳو : ”ادا! واھ جو ٺهيا آهيو. توهان هڪ ماءُ جا پيٽ ڄاوا آهيو. پوءِ به پنهنجي ڀاءُ جي مدد نه ٿا ڪيو.
”ڇا ٿيو آهي؟ تون اهو ڇا پيو چوين؟ اسان ڪنهن جي مدد نه ٿا ڪيون؟“
”توهان جو ڀاءُ مصيبتن ۾ آهي. هن جا سالا هر ٽئين چوٿين ڏهاڙي اچي ڪري، ڪٽڪو ٿا ڏئي وڃنس ۽ توهان کي ڪو پتو ئي ناهي!“
هاريءَ جا ڀائر اها ڳالهه ٻڌي پريشان ٿي ويا ۽ چوڻ لڳس : ” پر اسان جي ڀاءُ ته ڪڏهن اهو ٻڌايو ئي ناهي.“
”اهو ويچارو ڇا ٻڌائيندو؟ پنهنجي شرافت ڪري ڪجهه نه ٿو ٻڌائي ۽ خاموشيءَ سان سور سهي وڃي ٿو!
”اسان کي تنهنجي ان ڳالهه تي پت نه ٿي اچي.“
”ادا پت نه ٿي اچيوَ ته صبحاڻي منجهند جو ٻنيءَ تي اچي ڪري، پنهنجي اکين سان ڏسجو ته سندس سالا ڪيئن ٿا کيس ڪُٽن.“
اهو ٻڌي، هاريءَ جا ڀائر ڪاوڙ مان مُٺيون ڀيڪوڙي، چوڻ لڳا: ”ٺيڪ آهي. صبحاڻي اچي ڏسنداسون ته اُهي اسانجي ڀاءُ کي هٿ ته لائي ڏيکارن. اسان اڃا جيئرا ويٺا هون.“
اهڙي طرح چغل خور سڀني سان اهي ڳالهيون ڪري، موٽي اچي پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ويو، جو ڪنهن کي ڀڻڪ ئي نه پئي ته هو ڪاڏي ويو هو ۽ ڇا ڪري آيو؟
***
ٻئي ڏهاڙي، منجهند جو هاريءَ جي گهر واري، ماني کڻي، ٻنيءَ تي آئي ته هاريءَ هن ڏانهن چور نظرن سان ڏٺو. هو وڏي ڌيان سان هن جي هر چرپر جو جائزو وٺي رهيو هو، جو هن جي من ۾ ڊپ هو ته ڪٿي چري هئڻ ڪري، کيس چڪ نه پائي. اهڙي نموني هو، هن جي ويجهو اچڻ کان ڪترائي رهيو هو. ٻئي پاسي هن جي زال ان ڪوشش ۾ هئي ته هوءَ هن جي ڀڪ ۾ وڃي، هن کي چکي ڏسي ته لوڻياٺو آهي يا نه؟ جيئن ئي هوءَ ڏُڌَ وارو لوٽو ۽ مانين واري پنڊي کيس ڏيڻ لاءِ ٿورو هن جي ويجهو آئي ۽ هاري جيئن ئي هٿ وڌايو ته هن هڪ دم جهپڙ ڏئي، ٻانهن کي پڪڙيو ۽ چکڻ لاءِ ڄڀ ڪڍي، مُنهن اڳتي وڌايو ته هاري ٽپ ڏئي، پري ٿي بيٺو. هن کي يقين ٿي ويو ته هن جي زال سچ پچ چري ٿي پئي آهي ۽ چڪ پائڻ شروع ڪيا اٿائين.
هاريءَ کي نوڪر جي ڳالهه سچي لڳي رهي هئي. هوڏي هن جي زال جڏهن اهو ڏٺو ته هن جو مڙس جسم چکڻ نه ٿو ڏئي ته نوڪر جي ڳالهه هن جي دل سان لڳي ته واقعي ئي هاريءَ کي ڪوڙھ ٿي آهي ۽ نوڪر ڪوڙ نه ڳالهايو آهي.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر مڙس جي ٻانهن پڪڙڻ جي ڪئي ته هاريءَ ٿڏي تي ئي هڪ پير مان جوتو لاهي، کيس ڪٽڻ شروع ڪيو. جيئن ئي هن جوتا هڻڻ شروع ڪيا ته ويجهو ئي ٻنيءَ ۾ لڪل هن جا سالا ٻاهر نڪري آيا. واقعي ئي نوڪر سچو هو. هن جي اکين اڳيان ڀيڻ کي مار ملي رهي هئي. سو رڙيون ڪندا اڳتي وڌيا ۽ ڀيڻوئي کي ڪٽڻ لڳا.
”اڄ ڏسون ٿا، ڪيئن اسان جي ڀيڻ کي ٿو مارين!“
هنن جي اڳتي وڌڻ سان، ٻني جي پاسي لڪل هاريءَ جي ڀائرن به اهو لقاءُ ڏٺو ته ٻيلي! نوڪر ته سچ ٻڌائي ويو هو سو هنن به هاريءَ جي سالن کي للڪاريو؛ ”اڄ ڏسي ٿا وٺون ته توهان ڪيئن اسان جي ڀاءُ کي ٿا ماريو.“
ان کانپوءِ سڀ ئي هڪ ٻئي ڪي ڪٽڻ لڳا. هڪ ٻئي کي لٺيون هڻي، هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙي ڇڏيائون. نيٺ ڀرپاسي جي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ همراھ ڀڄندا آيا. کين ڇڏايائون. جڏهن هنن جي ڪاوڙ ڍري ٿي ته هنن کان پڇيائون ته؛ ”توهان جهيڙو ڇا تي مچايو؟“
ان تي سڀني پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ته هيئن نوڪر اسان وٽ آيو ۽ هيئن هيئن چئي ويو. جڏهن سڀني پنهنجي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ته پروڙ پئجي وين ته اهو سڄو مانڊاڻ چغل خور جو مچايل آهي. سڀ ئي ان جي ڳولا ۾ نڪتا پر هو ته پنهنجو وارو وڄائي، ڳوٺ کي ئي ڇڏي ويو هو.


No comments:

Post a Comment