Thursday, December 3, 2015

ڪير ٿو ڪنھن لاءِ مري- آدرش

ڪير ٿو ڪنھن لاءِ مري
هندوستان جي راجا جي ڪهاڻي
آدرش
هندوستان تي هڪ راجا راڄ ڪندو هو. هن جو نالو ”ڀرتري هري“ هو. هو هڪ سخي، ديا وان ۽ هڏڏوکي مڙس هو.
راجا جي وني ڏاڍي سهڻي هوندي هئي. اهڙي ڄڻ وڄ هجي. راجا هن جو بدن ڏسي ٺرندو هو. راڻيءَ جو بدن به نرم ۽ گرم هوندو هو. ڀرتري هري هن ڏانهن پيو نهاريندو رهندو هو ۽ ڍاپندو ئي نه هو. هن جي اندر جي اُڃ نه لهندي هئي.


هڪ ڏينهن راجا پنهنجي راڻيءَ کي ڏسندي سوچڻ لڳو ته ڇا اهڙو ڏينهن به ايندو جو هي ڪنول ڪومائجي ويندو. چنڊ جهڙي منهن ۾ گُهنج پئجي ويندا؟ اهو سوچي هو هڪ اوتار ڏانهن ويو. وڃي هن سان پنهنجا ويچار ونڊيائين. اوتار مرڪيو. پنهنجي جهوپڙيءَ اندر وڃي، هڪ صوف کڻي آيو. هن کي صوف ڏيندي چيائين: ”راجا سائين! هانءُ نه لاھِ، هي صوف پنهنجي راڻي کي کارائيندين ته کائڻ سان هن جو حسن لازوال ٿي ويندو. سدائين جوان رهندي.“
راجا ڏاڍو سرهو ٿيو. محل ۾ اچي، صوف راڻيءَ کي ڏئي، کيس سربستي ڳالهه ٻڌايائين. راڻي خوشيءَ مان صوف وٺي، لڪائي رکي ڇڏيو.
راڻيءَ جا قرب جا ناتا هڪ ڌوٻيءَ سان هيا. ڌوٻيءَ سان سمهندي هن جو لڱ لڱ ٺري پوندو هو. هن سوچيو اهو صوف مان ڌوٻيءَ کي ڏيندم ته جيئن هو سدا جوان رهي ۽ منهنجي ڪراڙپ تائين پيو رڳ رڳ ٺاري.
رات جو ڌوٻي آيو روح رهاڻ ڪرڻ کانپوءِ، راڻيءَ هن کي لڪائي رکيل صوف ڪڍي ڏنو ۽ حوال ڏنائينس، ڌوٻي خوش ٿي، صوف پنهنجي قميص جي گيدي ۾ وجهي، کڻي هليو ويو.
ڌوٻي وري هڪ رنڊيءَ تي فدا هو. جيڪا هن لاءِ خوشيءَ جا پل آڻيندي هئي. هن لاءِ ڪو جنت جو ٽڪرو هئي. ڌوٻي سوچيو يار! مان صوف کائي ڇا ڪندم. پنهنجي معشوقڙيءَ کي ڇو نه ڏيان ته اُها وڃي سدا جوان رهي ته مان ٻڍاپي تائين هن مان مزا ماڻيان. ڌوٻي صوف وڃي ان کي ڏنو ۽ صوف جي حقيقت ٻڌايائينس.
ڌوٻي صوف ڏئي هلي ويو. رنڊيءَ پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو ته منهنجي ڪهڙي زندگي آهي؟ منهنجو جسم گناهن جي ٽوڪري آهي. مان صوف کاڌم ۽ سدا جوان رهيم ته ڪهڙو ڪم جو؟ ماڻهو پيا منهنجو جسم لوئيندا ۽ اڃا گناهن ۾ واڌ ٿيندي ويندي، سو ڇو نه اهو صوف پنهنجي ملڪ جي راجا سائينءَ کي ڏئي اچان، جيڪو ڏاڍو نيڪدل، شريف، دياوان ۽ سُهڻو سلڇڻو آهي ۽ هن جي جوان رهڻ سان ملڪ جي لکين ماڻهن لاءِ ڀلو آهي.
هن ان گهڙيءَ اُهو صوف پنهنجي پوتيءَ جي پلوَ ۾ ٻڌو ۽ راجا جي درٻار ۾ اچي، ادب سان کيس ڏنائين.
راجا ڀرتري هري سُٽ کي سلجهائي، سڄي ڳالهه کي پروڙي ورتو ته اکيون آليون ٿي ويس. راجا پنهنجو تخت تاج، راڄ ڀاڳ ڇڏي، دنيا تياڳي، ان مهل ئي جهنگ منهن ڪيو.


No comments:

Post a Comment