Sunday, November 25, 2012

اَڇي ڌرتي - رياضت ٻرڙو


اَڇي ڌرتي
رياضت ٻرڙو
رات جا نوَ ڪو اهڙو وقت ناهي، جو هروڀرو زال مڙس کي دير سان گهر اچڻ تي رهڙ ڪڍي يا ماءُ پنهنجي ڪنواري نوجوان پُٽڙي کي نرڙ تي پيار مان مِٺي ڏئي وقت سان گهر اچڻ جو تاڪيد ڪري، پر احمد ايئن ڀائيندو آهي ڄڻ رات جو نائين وڳي تائين گهر پهچڻ، سندس ٻارن پاران ڏيهاڙي جاري ٿيندڙ اهڙو حڪم آهي جنهن کي شايد موت به ٽاري نه سگهندو، توڙي جو ان حڪم نامي تي احمد جي رضامنديءَ جون ٻه صحيحون به ٿيل آهن. تنهنڪري جيئن ئي واچ جون سُيون ساڍي اٺين وڳي کان اڳتي چُرڻ لڳنديون آهن، احمد کي به گهر پهچڻ جو خيال ٿيڻ لڳندو آهي، پر اڄ اتفاق اهڙو ٿيو جو احمد دوستن ۾ گهيرجي ويو ۽ جڏهن هُو پاڻ ڇڏائي گهر پهتو ته نوَ لڳي پنجٽيهه منٽ ٿيا هئا. هن هورڙيان پنهنجيءَ زال کان ڌيءُ بابت پڇيو، ته هُن ٻڌايس، ’تنهنجو انتظار پئي ڪري.‘
’۽ فاضل؟‘ احمد وري زال کان پڇيو.
’اُهو ننڊ پيو آ.‘

سنڌوءَ ۾ پاڻي- اياز علي رند

سنڌوءَ ۾ پاڻي
اياز علي رند
ڪوٽڙي بئراج واري پل تان گذرندي نگاهون المنظر هوٽل جي ڇت تي ئي ٽڪيل رهيون. سوچون ذهن تي گھر ڪرڻ لڳيون ۽ چهري تي ماضي جي يادن اداسي جا تھ چاڙهڻ شروع ڪري ڏنا. المنظر هوٽل جي ڇت تي هو مون سان آخري ڀيرو ملڻ آ ئي هئي. اسان ٻئي ڇت جي ڇيڙي تي لڳل لوهي گرل وٽ ڪافي دير تا ئين خاموش بيٺا رهياسين.

جائز يا ناجائز - اياز علي رند

جائز يا ناجائز
اياز علي رند
آچر جو ڏينهن هو ۽ هاسٽل جي ڪمري ۾ مان گهري ننڊا ۾ ستل هوس جو ونگ مان گذرندي ڪنهن روم جي دروازي کي زوردار لت هڻي ڪڍي ۽ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. اکيون مهٽي ڏٺم ڪمري جي دري جي سيرن مان سج جا ڪرڻا زبردستي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ پاسي واري کٽ تي ستل الطاف ننڊ ۾ مسڪرائي رهيو هو شايد کيس خواب ۾ اسڪالرشپ ملي وئي هوندي ڇوجوجاڳندي ته هو هميشه اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن جيترا پنا اسڪالرشپ لاءِ درخواستون لکي لکي ضايع ڪيا آهن ايترا هن يونيورسٽي جي چئن سالن دوران نوٽس ٺاهڻ ۾ به استعمال نه ڪيا هوندا. الطاف جي چهري تان مسڪراهٽ اچانڪ غائب ٿي وئي ۽ هو ننڊ ۾ ڳالهائڻ لڳو کيس نه رڳو ننڊ ۾ ڳالهائڻ جي پر هلڻ ۽ وڙهڻ جي به عادت آهي. هو خواب ڏسندي ڏسندي اٿي پوندو آهي ۽ هاسٽل جي ونگن، پارڪ ۽ ڇت وغيره جا چڪر هڻندو آهي ۽ صبح جو کيس ڪجھ به ياد ناهي هوندو. جيڪڏهن هو خواب ۾ ڪنهن سان جھيڙو ڪندي ڪندي اٿي پوي ته جيڪو به هٿ اچيس تنهن کي ڏاڍو بڇڙو ڪري وجھندو آهي، ان کان اڳ جو هو اٿي پوي مان ٽپ ڏيئي کٽ تان لهي پيس ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري آيس. کاٻي پاسي چند وکن تي ڪنٽين هئي مان بنا بريڪ ڏانهس هلڻ لڳس. ڪنٽين جون بئنچون تقريبن خالي ۽ ڊگھيون ٽيبلون ڇوڪرن سان ڀريون پيون هيون. محبت (چانهه وارو) هنڍو چلهي تي چاڙهيو بيٺو هو ۽ چلهي سان لڳو لڳ ماربل سان ڍڪيل دڪي تي سرور اخبار جي صفحن ۾ گم هو. ڪنٽين ۾ داخل ٿيندي شاهد جي ٽهڪن جي آواز تي ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺم جيڪو قادر جي وارن تي هٿ ڦيري کيس تنگ ڪري رهيو هو ۽ قادر کيس چيلهه ۾ آڱر هڻندو ڊڪائيندو پئي آيو. مان ترين جي زور تي ماربل سان ڍڪيل دڪي تي چڙهي سرور جي سامهون ويهي رهيس هن مون ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ پنهنجي مسڪراهٽ سان منهنجو استقبال ڪيو ۽ وري اخبار ۾ گم ٿي ويو. محبت عادت موجب پاڻي جو دٻو ۽ ساسر تي ٻه ڪيڪ رکي منهنجي آڏو رکيا.

چاليھ روپيا. - مٺل جسڪاڻي

چاليھ روپيا....
مٺل جسڪاڻي
اڄ شام هو غيرمعمولي طور وڌيڪ ٿڪل ۽ طبيعت ۾ چڙچڙو پئي لڳو، ان ڪري منهن نه پوڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم، پر ڪيئن ٿي نٽائي سگهيس!؟
مون کي پنهنجو ۽ هن کي سندس، سک سور سلڻ لاءِ ٻيو ڪو سجهي ئي نه ٿو، ان ڪري روز شام جو هڪ ٻئي کي ڳولي لهڻ اڻ ٽر هوندو آهي. جنهن ڏينهن پاڻ ۾ نه ملندا آهيون، ان ڏينهن اسان ٻنهي جي گهرن ۾ ٻڙڌڪ متل هوندو آهي.

ڪارتوس - شوڪت لوهار

ڪارتوس
شوڪت لوهار
هوٽل تي چانهه پيئندي پهريون دوست ”جيڪڏهن هٽلر نه ڄمي ها ته شايد هندستان مان انگريز نه وڃن ها“ ٻيو دوست ”اهو وري ڪيئن؟“
پهريون دوست اِهو ائين ته هو جيڪڏهن انگلستان تي ڪاهه نه ڪري ها ته انگريز بوکلائپ جو شڪار ڪونه ٿين ها ۽ نتيجي ۾ هنن جا اڄ سوڌو هٿ قابض هجن ها.
”نه ائين ڪونهي“
”ائين آهي“
”هٽلر سڀ کان وڏو قومپرست هو“
”ها ها ها“
”کلين ڇو ٿو؟“

نسيم نسيم کرل کرل - ارشاد ميمڻ

نسيم نسيم کرل کرل
ارشاد ميمڻ
ڪجهه مهينا اڳ انگريزي رسالي هيرالڊ جي سنڌي صحافي موسيٰ ڪليم مُڙسي  ڏيکاري. هيڏانهن هوڏانهن ڪري، ڪجهه دوستن جي مدد سان ڪچي جي علائقي وڃي رسيو. وچولي ۽ اُتر سنڌ ۾ رڻ ٻاريندڙ ڌاڙيل نذرو ناريجي جو انٽرويو ڪري آيو. پنجابي يا پناهگير ماڻهوءَ کي ته ڌپو ڪونه پوي ها، هن همراهه ٻي خبر به آندي. نذرو، ربوءَ جو پٽ آهي. ان شخص جو تُخم جنهن هٿان سنڌ جي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار نسيم کرل جو موت ٿيو. ليکڪ ڪا دير نذروءَ جي تصوير آڏو رکي سندس پيءُ جو  مُهانڊو ڳوليندو رهيو. يونيورسٽيءَ پُهتل ربو ناريجو ۽ منجهس وحشت جا نسيم جهڙي يگاني تخليقڪار جي قتل جو سبب ٿي. راويءَ هڪڙو ڪم اڃا ڪيو. ڪمپيوٽر تي کرل ڪٽنب جي نعيم صاحب جو فوٽو ڪڍي ويچار ۾ رهيو. ڄاڻايل وڏيرو پيپلز پارٽي ءَ جو ايم پي اي آهي ۽ تازو ئي مڪاني ادارن جي تڪراري بل کي اسيمبلي مان ڪميڻائپ سان پاس ڪرائڻ ۾ چُست حصو ورتائين. سندس اکين، نڪ، چپ ۽ باقي نقش ۾ نسيم جي معصوميت  تلاش ڪرڻ اجايو لڳو. برابر، هر انسان پنهنجا ڪرَمَ ڍوئي. تڏهن پڻ، هن جي ذات جو پاڇو آسپاس آتمائن مٿان ضرور پوي ٿو. ايئن نه هجي ته نذروءَ سان گڏ بابهنس ربوءَ جو نانءُ لکڻ جي ڪليم کي ڪهڙي ضرورت هئي يا وطن جي سودي مهل جناب نعيم کرل جي هوڙ يائپ جو ارمان ڇاڪاڻ.

Friday, November 23, 2012

بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ”اوجاڳن جو سوڳ“ جو...



بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ” اوجاڳن جو سوڳ “ جو مهاڳ ادب زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي محمد صديق منگيو سعادت حسين منٽو چواڻي، ته ...