نڪ ڀڳل مورتي
مختصر ڪهاڻي
عيسيٰ ميمڻ
شاموءَ
پنهنجي زندگيءَ جا ايڪويهه سال، مُهين جي دڙي تي ملازمت ڪندي گذاريا هئا. مُهين جي
دڙي جي زبون حال وانگر هن جي قسمت به کنڊرن جيان هئي. ڪڏهن به هن سک جو ساهه نه
کنيو هو. پگهار ايتري به نه هئس جو مهيني ماسي گوشت مڇيءَ جو ذائقو چکي سگهي. گهر
۽ ٻارن جون هن سان هر وقت شڪايتون رهڻ لڳيون هيون. پر هو چاهيندي به افسوس کان
سواءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيو. ڇاڪاڻ ته، ايمانداري هن جي رڳ رڳ ۾ شامل هئي. جنهن
ڪري هن ڪڏهن به چور رستي ذريعي پئسا حاصل ڪرڻ حرام پئي سمجهيو. ور نه ته هن پنهنجي
اڳيان، دڙي تي ڪيترن ئي نون ڀرتي ٿيل ملازمن کي امير ٿيندي ڏٺو هو.




