Wednesday, November 16, 2011
جڏهن بـُت ئي چوي ڪافر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو
اڌوري تصوير - انيس انصاري
ڀڙوو ڀيڻسان - محمد علي مھر
ڀڙوو ڀيڻسان!
محمد علي مھر
عباس ڀائي پارڪ ۾ ٻاراڻي ريل
گاڏيءَ جي جهنگلي وٽ ٺھيل، سيمينٽ جي دِڪيءَ تي ويھندي، هُن پنھنجي کيسي ۾ هٿ هڻي،
اندر پيل ٽيھن روپين جي موجودگيءَ جي پڪ ڪئي.
سٺ روپئين زينب مارڪيٽ مان ورتل،
ڪاٽن جي نقلي Levis واري شرٽ،
پگهر ۾ شم ٿي وئي هئس ۽ ساڍا ٽي سال اڳ ورتل جينز به سٿرن وٽان ڪجهه آلي لڳي رهي
هئس. اها جينز، سندس سٺن ڏينھن جي يادگار هئي ۽ يونيورسٽي جي فائنل ييئر ۾ آل
پاڪستان ٽوئر مھل ورتي هئائين. تڏهن جي دستور موجب، اها جينز ٿوري ٽائيٽ ورتي هئائين
پر هاڻي اها کيس چڱي لوز ٿي چڪي هئي.
تـخـم تـاثـيـر - محمد علي مھر
تـخـم
تـاثـيـر
محمد علي مھر
خميسي حقي جو هڪڙو وڏو ڪش هڻڻ کان پوءِ،
نـڙيءَ مان خرڙاٽ ڪري، زور سان کانگهارو ڪڍي اڇلايو. کانگهارو پيل مـُوڙي کي لڳو ۽
اتي ئي چنبڙي پيو. پريان ڀت تي ويٺل ڪُڪِڙ، کانگهاري کي ڏسي، خوشيءَ مان ڪڙ ڪڙ جا
آواز ڪڍيا ۽ زُون ڪري اچي کانگهاري کي لڳي.
خميسي هٿ جي پٺيءَ سان پنھنجي وڏين اڇين مڇن کي چنبڙي پيل کانگهاري جي
باقيات کي صاف ڪندي، ربن کي چيو؛ ”ٻيلي! ڊوهي اٿئي رب جي! ڪوڙ ته ڪونه ٿو هڻين!“
ربن جي منھن تي فخريه مُرڪ تري آهي، چيائينس؛ ”توسان ڪوڙ هڻندس!“
رنجش ئي سھي - محمد علي مھر
رنجش ئي
سھي
محمد علي مھر
سرءَ جي پڇاڙيءَ واريون ڪجهه
شامون، نھايت ئي واهيات هونديون آهن. انھن شامن ۾ نه گهڻي گرمي محسوس ٿيندي آهي ۽
نه ئي وري ٿـڌ جو احساس جسم مان سيڪڙاٽ ڪڍرائيندو آهي. چوڏس ڪوهيڙو ڇانئجي ويندو
آهي ۽ دونھون مٿي وڃڻ جي بجاءِ، هيٺ ڌرتيءَ تي لھي ايندو آهي. عجيب بيزار ڪرڻ واري
مند آهي.
انھن ڏينھن ۾ پکي پکڻ سوير-ڀرو
ئي وڃي پنھنجا آکيرا وسائيندا آهن ۽ مون جھڙا بي ماڳ مسافر حياتيءَ مان بيزار ٿي
پنھنجي ٻرن مان ٻاهر، آزاد فضا ۾ نڪري ايندا آهن ۽ آڪاش ۾ اڏامندڙ بادلن وانگر
ڀٽڪڻ لڳندا آهن.
هيءُ قصو به اهڙيءَ هڪ شام جو
آهي.
هيـپـي نـيـو يـيـئـر - محمد علي مھر
هيـپـي
نـيـو يـيـئـر
محمد علي مھر
ڪوٽـڙي بيراج واري پل جي وچ تي
پھچي، هُن پنھنجي چمڙي جي جيڪٽ لاهي فوٽ پاٿ تي اڇلي ۽ قميص جا بٽڻ کولي ڇڏيائين.
وڌي اچي ريلنگ جي ڀرسان بيٺو.
سياري جي رات چانڊوڪيءَ ۾ چلڪي
رهي هئي. هوا جي هڪڙي ٿڌي جهوٽي، هن جي وارن ۾ ڪتڪائي ڪئي ۽ سندس قميص ۾ هوا ڀرجڻ
جي ڪري ڦڙڦڙاهٽ ٿي. کيس سيءَ جي ڪري ڏڪڻي محسوس ٿي. تنھن هوندي به هن پنھنجا هٿ،
برف جھڙي ٿڌي ريلنگ تي کوڙي ڇڏيا ۽ اڳتي ڏانھن جهڪي بيھي رهيو. درياءَ ۾ ٽپو ڏيڻ
کان اڳي وارا چند لمحا، چڱيءَ طرح انجواءِ ڪرڻ چاهيائين پئي. سوچيائين؛ ”ڪجهه
گهڙين کان پوءِ جڏهن منھنجو روح ڪائنات جي گھراين ۾ گم ٿي ويندو ته پوءِ مان ڪجهه
محسوس ڪري سگهندس، الائي نه ...... مان ڪري سگهان يا نه .... هوءَ ته محسوس ضرور
ڪندي!“






