ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو جنم
نصير سومرو
(احساس شاعراڻي انداز ۾ ڳالهائي ٿو. ڪڏهن اڪيلائي
۾ ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. ڪڏهن ناقداڻي نموني ڪهاڻيءَ جي ساڳيءَ طرح تسلسل ۾ هجڻ تي ويچاري
ٿو. ڪڏهن خود ڪهاڻيڪار بڻجي ان ڏٺل غارين ۾ گهڙي پنهنجي شروعات جا نشان ڳولي ٿو. ڪڏهن،
ميلي ۾ هلا گلا ڪندي تنهائي کان ڇوٽڪارو وٺي ٿو. ڪڏهن ٻين سان گڏجي، ڪڏهن اڪيلو مشڪري
ڪري ٿو. هڪ ڪردار ۾ گهڻا ڪردار سمايل آهن.)
وڪيل: هجوم ۾ گم ٿي ويلن مان انسان کي ڳوليندو
آهيان. هو گم ٿي ويو آهي. گمشدگي جو اشتهار هر شخص جي نرڙ تي چنبڙيل آهي.