Sunday, October 5, 2014

ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو جنم - نصير سومرو

ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻين جو جنم
نصير سومرو
(احساس شاعراڻي انداز ۾ ڳالهائي ٿو. ڪڏهن اڪيلائي ۾ ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. ڪڏهن ناقداڻي نموني ڪهاڻيءَ جي ساڳيءَ طرح تسلسل ۾ هجڻ تي ويچاري ٿو. ڪڏهن خود ڪهاڻيڪار بڻجي ان ڏٺل غارين ۾ گهڙي پنهنجي شروعات جا نشان ڳولي ٿو. ڪڏهن، ميلي ۾ هلا گلا ڪندي تنهائي کان ڇوٽڪارو وٺي ٿو. ڪڏهن ٻين سان گڏجي، ڪڏهن اڪيلو مشڪري ڪري ٿو. هڪ ڪردار ۾ گهڻا ڪردار سمايل آهن.)
وڪيل: هجوم ۾ گم ٿي ويلن مان انسان کي ڳوليندو آهيان. هو گم ٿي ويو آهي. گمشدگي جو اشتهار هر شخص جي نرڙ تي چنبڙيل آهي.


نقاد: توهان جي اندر موجود ”ڪروڌي“ کي تلاش آهي اهڙي شخص جي، جنهن سان پڻ ساڳي ويڌن لاڳو هجي. جنس، جنس ڏانهن ورندي آهي.
وڪيل: ڳالهائڻ واري جيوڙي کي ٻڌڻ وارا گهرجن. گهر ۾ ڪهاڻي بابت ڳالهائي نٿو سگهي. وڪيل وڪيلن سان بار ۾ ڪچهري ڪندا آهن. هو پنهنجن ڪيسن جي پيروي ڪندي حج صاحب جي آڏو تقرير ڪري ٿو. هن کي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ جي في ملندي آهي. اڃا ڳالهيون گهڻيون پيٽ ۾ آنڊن جيان ويڙهيل آهن. انسان جي ڳولا اٿم ته ساڻس ڳالهايان. انسان ئي منهنجون ڳالهيون سمجهي سگهي ٿو. هجوم سان منهنجو واسطو ڪونهي. هجوم ۾ وڃي پاڻ کي مارائڻ، کلون ڪرائڻ ۽ تهمتون لڳرائڻ جو شوق لاحق ڪونهي. انسان ٻه ملي ٻارهن جي حاصلات ڏئي سگهن ٿا. خلق يا انبوهه کي ڳاڻيٽي ۽ انسان کي معيار جي تارازي ۾ توريو.
(ڪهاڻيون لکندڙ هوٽل ۾ گهڙي ٿو. هو ڪچهري ۾ شريڪ ٿئي ٿو. هو ڪهاڻيڪار جي ڇاپ اڃا ڪمائي نه سگهيو آهي. آهي يا ناهي ڪهاڻيڪار چئبو.)
ڪهاڻيڪار: توهان پنهنجون ڳالهيون جاري رکو.
نقاد: اسلام آباد ۾ هلندڙ آزادي مارچ ۽ انقلاب مارچ کي ارڙهون ڏينهن پورو ٿئي پيو. معاملا گدڙ جي ڪهاڻيءَ وانگر انگور منهه ۾ لڙڪندي ڏسجن پيا پر انهن تائين نه پهچڻ ڪري کٽا چيا وڃن ٿا. سنڌ انهن ڌرڻن کان الڳ ٿلڳ بيٺي آهي.
وڪيل: ڪهاڻيڪار آيو آهي. هن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻو پوندو. اسلام آباد ۾ هلندڙ تماشي کي ورهاڱي جي غير فطري ڪهاڻيءَ سان ملائي ڏسندا ته سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندو. ٻه ڌريون آهن. هڪ ڌر عوام جي نالي ۾ آئيني راڄ جي طرفدار آهي، ٻي لانگ بوٽ سان چيڀاٽڻ جي تاڙ ۾ آهي ۽ سنڌي اڻ ڌريا آهن. ڌر بڻجو ته سڃاتا وڃو. ماٺ جو ڀانڊارو ڀڃڻو پوندو.
نقاد: ڪهاڻيڪار کان ٻڌون. ڌرڻي جي ڪهاڻيءَ بابت ڇا ٿو چوي.
ڪهاڻيڪار: مون کي ڪجهه چوڻو ڪونهي.
نقاد: ڇو؟
وڪيل: هو لکندو آهي ڇپرائيندو آهي. ڪهاڻيءَ تي ڳالهائيندو ڪونهي. ماٺ رهندو آهي.
نقاد: ماٺ جو ڀانڊارو نٿو ڀڃي ته ڇو ٿو لکي؟
وڪيل: توهان کيس لکڻ کان جهلي نٿا سگهو. لکڻ به ڳالهائڻ آهي. ڳالهائڻ رڳو زبان وارو ڪونهي. قلم ڳالهائيندو ڪونهي ڇا؟ ها! ڇا ٿو لکي، ڪنهن جي ڪاڻ ٿو لکي. ان بابت اعتراض يا سوال اٿاري سگهو ٿا. هي پرهندڙ جو حق آهي. پڙهندڙن جو ڳاڻيٽي ڪيترو آهي، جيڪي فيڊبيڪ ڏين. منهنجي خيال ۾ ليکڪ، ڇو نه ڪهاڻيڪار هجي، هجوم کان الڳ ٿي زندگي گذاريندڙ شخص آهي. ”انسان“ نٿو چوان جو انسان هجڻ جو محض حياتيات سان واسطو ڪونهي. هو سماج ۾ زندهه آهي ته ان جو ثبوت ڪردار جي ذريعي ڏيندو آهي. معاملات جي نبيري مهل هو پنهنجي سڃاڻپ ڪيئن ٿو ڪرائي؟ هجوم سان گڏ آهي يا هجوم کان ٻاهر بيٺو آهي. بيٺو آهي ته ڪهڙو ڪردار ٿو نڀائي. هن جي ڪردار جي ڪاڪ جي اڏاوت نظريي، فڪر يا تضاد جي سڃاڻپ واري پيڙهه تي ڪيل آهي يا کيس بشارت خواب ذريعي ملي ته اٿ! دما دم مست قلندر جي گهڙي اچي وئي اٿئي. عمران خان ۽ طاهرالقادري جي انقلاب کي مهم جوئي چئبو، جو ان جي پيڙهه ڪانهي مان وڪيل آهيان. چئي سگهان ٿو ته اسيمبلي جي فلور تي چيل وزيراعظم نواز شريف جو بيان سچو آهي. هن کي حلف کڻايو ويو آهي ۽ عمران خان حلف کڻي، حلف جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. کيس اسيمبليءَ جي اندر دمادم مست قلندر ڪرڻي هئي، جا نه ڪيائين. هو ڪهڙو اهل ٿو ثابت ٿئي؟
(حالتن ڪر موڙيا... سرڪاري ٽيليويزن جي نشريات منقطع ٿي وئي. اسلام آباد ۾ ڌرڻي مان ڪن مڇريل ڪارڪنن ٽيليويزن سينٽر جي بلڊنگ تي چڙهائي ڪئي. فوج بلڊنگ جو قبضو ڇڏرايو. آرٽس ڪائونسل ۾ اديبن جي گڏجاڻي، گڏجاڻي کان اڳ ۽ پڄاڻيءَ کان پوءِ لڙي رات تائين ڪچهري)
نقاد: اسم پڙهندين؟
شاعر: نه
نقاد: غزل ٻڌ
رڳو دهمان ۽ دڙڪا!
ڪريو ڪي وس ۽ واڪا.

رکو پيا موهه ماڳن ۾،
ڪريو پيا پنڌ کان پاسا.

ٽٽي پيا کيپ اکڙين جا،
ڏنا جو عشق اوجاڳا.

ٿا ارڏا آڱرين ڳڻجن،
جهڪن پيا هر ڳليءَ  ڳاٽا.
غزل ڪيئن هو؟
شاعر: غزل ڪهڙي شاعر، يا شاعرا جو آهي. خبر ڪانهيم. هن کي وزن جي تور ۽ لفظن جي چونڊ ۾ سوچڻ گهرجي ها. چئن بندن مان ٽن ۾ لفظ ”پيا“ ڪتب آندو اٿائين. جيئن هن بند ۾ ڏسجي ٿو:
رکو پيا موهه ماڳن ۾،
ڪريو پيا پنڌ کان پاسا.
مصرع ثاني ”ڪيو ٿا پنڌ کان پاسا“ هجي ها ته وزن ”مفاعيلن، مفاعيلن“ جي گهرج به پوري ٿئي ها ۽ سلاست ۽ فصاحت ۾ به اضافو ٿئي ها ”رکو پيا موهه ماڳن ۾“ معنوي سٽا ڪانهي. واٽون گهڻيون ٿينديون آهن پر ماڳ هڪ ٿيندو آهي. هينءَ چئجي، ”تمّنا ماڳ جي دل ۾“ ته ڪهڙو حرج هو؟ شعر جون ٻئي سٽون پڙهڻ سان شعر ڀرپور لڳندو.
تمّنا ماڳ جي دل ۾،
ڪيو ٿا پنڌ کان پاسا.
(سنگت جي گڏجاڻي پڄاڻي کي پهتي. هاڻ اديب ۽ ادب دوست گهڻ پاسائين ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن.)
نقاد: هي شعر ٻڌ.
ڌرتيءَ جا پوڄاري آهيون،
پاڻ سڀئي ڏوهاري آهيون.
شاعر: واهه هي شعر آهي. ادل سومري جي شاعري پڙهڻ سان زندگيءَ جي سچائين جا پار پتا ملن ٿا. ڇند ۾ چيل هن شعر ۾ لفظن جي چونڊ ۽ قافين جي برجستي نڀاءَ جي شاهدي ملي رهي آهي. ماهوار ناٽڪ ۾ ادل سومري بابت مضمون ۽ شعر پڙهيا اٿو.
سيڪريٽري: اڄوڪي گڏجاڻي ۾ پڙهيل مقالا ڇپائبا. ڪهاڻي کي جيئارڻو آهي.
ڪهاڻيڪار: ڪهاڻي زندهه آهي.
سيڪريٽري: ”ڪهاڻي مري چڪي آهي“ چيو ويندو آهي. ڪهاڻي ڪانفرنس ڪرائڻ ۽ چونڊ ڪهاڻين کي انعام ڏيڻ جهڙين سرگرمين جو ڪريڊٽ انيس انصاري اڪيڊمي ڪراچي کي ڏبو. انيس انصاري پاڻ ڪهاڻيڪار هو. هن پنهنجي اولاد جي ڀلوڙ تربيت ڪئي. اسحاق انصاري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. اخلاق انصاري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. هنن جو گهراڻو اديبن تي ٻڌل شاندار مثال آهي. هن سال جي آخر تائين ڪهاڻي صديءَ جي حوالي سان تقريبون مختلف شهرن ۾ رٿيون ويون آهن. اڪيڊميءَ طرفان تيرهين آگسٽ 2004 واري روزاني ڪاوش ۾ ڪهاڻي صديءَ جون تقريبون منعقد ڪرڻ بابت پريس پڌرائي ڇپي هئي.
(شام جي مهل... چانهه پيئڻ لاءِ قالين وڇايل صندلن تي ويٺل گراهڪ... مينهن جي ڦڙ ڦڙ افواهن جي ور چڙهيل حالتون...)
ماستر: وزير اعظم نواز شريف، جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. فوج اچي ئي اچي.
دوست (ماستر جو): حالتن ۾ جٽاءَ ڪونهي. بندوق جي طاقت کي مڃيو ويو آهي، ووٽ جي طاقت ڌانڌلين ۽ غنڊاگردي جي ڪري عددن جي ڳڻپ تائين کٽڻ ۽ هارائڻ جي رچايل راند سمجهي ويندي آهي.
ماستر: شعور ڪونهي. ماڻهن کي سکيا ڏني وڃي. آدم ڳڻپ ڇاهي. گهر ڳڻپ ڇاهي.  ووٽ ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ جا اثرات ڪهڙا پوندا آهن.
دوست: هي رياست غير فطرتي وحدت آهي. هت ڪجهه به ممڪن آهي. انقلاب (نام نهاد تبديلي) جو اسڪرپٽ لکندڙن ڏانهن آڱريون کڄي چڪيون آهن. جاويد هاشمي جا انڪشاف ڇرڪائيندڙ ۽ ڌنڌلين حالتن کي وائکو ڪندڙ آهن. هي ڏڦيڙ آهي.
ماستر: ڏڦيڙ (Chaos)  ته آهي، رياست جي رٽ ۽ سياستدانن جي وِٽ (Wit) پنهنجو اثر وڃائي چڪيون آهن. گهرو وزير چوڌري نثار جو اعتراف ته ”پوليس چيو نٿي مڃي“ سراسر ناڪامي آهي. هاڻ حڪومت ۾ رهڻ جو جواز ڪهڙو آهي؟
(سياسي ڪارڪن ساڻن ڪچهري ۾ گڏجي ٿو)
دوست (بيئري کي): اڙي ڇورا هڪ ڪٽ (چانهه جو اڌ ڪوپ) کڻي اچ.
بيئرو: حاضر سائين. هي ڪٽ، ٻيو حڪم؟
دوست: بس.
بيئرو: سرڪار، مان ڇورو ڇنو ناهيان. هيءَ بيئراگري منهنجي روزي آهي. مان به انسان آهيان. اڙي نه به چئو ها تڏهن به اچان ها. منهنجي ته ذميداري آهي. ڀوتار، مرضيءَ جا مالڪ آهيو.
دوست: اڙي هل چهڙا!
ڪارڪن: ننڍن ماڻهن سان الجهڻ صحيح ڪونهي. هن غلطي ڪهڙي ڪئي؟
دوست: غلطي ڪري نه ڪري، هنن ڪمين ڪاسبين کي لانگ هيٺان دٻائي رکڻو آهي. ٿورڙي عزت ڏيون ته مٿي تي چڙهي ويندا.
ماستر: پيارا. هي ڪراچي شهر اٿئي. پياري خان جو ڳوٺ ڪونهي. هاڻ ڏيرڪي چالو سڪو نه رهي آهي.
دوست: مان هلان ٿو. سڀئي مڙس ماڻهو بڻجي ويا آهيو. ڳوٺ ۾ وڏا حجم، ڇورا وري ڪانڀو خان.
ڪارڪن: ڄٽ ۽ ڦٽ؛ ٻڌا ڀلا.
ماستر: سڃي ۽ سيٺ ۾ ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي. سدائين ڪو رئيس، وڏيرو، ڀوتار، وڏو، سردار ۽ صاحب رهي ۽ موچي جو پٽ موچي، بورچي جو پٽ بورچي، درزي جو پٽ درزي رهي، هي فطرت جو طبيعي قانون ڪونهي.
ڪارڪن: قانون سدائين ساڳيو رهي، ممڪن ڪونهي. عمران خان آئين تحت نواز شريف وانگر حلف کنيو آهي. حلف جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڪهڙو قانون آهي؟ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. هڪ لٺ نظر ايندڙ ۽ ٻي لڪل.
ماستر: حلف جي ڀڃڪڙي. حق ڀڃڻ آهي. عهد ڀڃڻ جي نفسيات جو تجزيو ٿيڻ کپي.
ڪارڪن: سنڌو جو پاڻيءَ ۾ اثر عجيب آهي. هماليا کان پاڻ سان مٽيءَ کڻي جڳهه جڳهه تان گذري پڇڙ ڏانهن وڌي ۽ سمنڊ جو حصو بڻجي ٿو. سنڌ ۾ عمران خان تجريڪ هلائي ها ته خبر پئيس ها. ڇڏي ته جاويد هاشمي وانگر ٻيا به ويا اٿس.
ماستر: عمران کي هڪ سال کان پوءِ ڇو دما دم مست قلندر ڪرڻي پئي؟ سبب ته هوندو.
ڪارڪن: ڀارت ۾ انتها پسند پارٽي بي بي پي، جي حڪومت آهي. هتي به ساڳي طرز جي حڪومت آڻڻي آهي. ڀارت بابت پاليسي جي جوڙجڪ ۽ مشرف جي باري نون ليگ ۽ ملٽري ڇڊا آهن.
(شاعر ۽ نقاد هوٽل ۾ داخل ٿين ٿا. شاميانن جي هيٺان رکيل صندلن تي ٽوليون ٽوليون ڏسجن پيون. ڪي چانهه پيئڻ وارا، ڪي ماني کائڻ وارا به آهن ته ڪجهه فقير ۽ فقيراڻيون به پنهنجي ڌنڌي سان لڳل آهن.)
ڪارڪن: دانشور اچي ويا (ٽونڪ واري انداز ۾)
نقاد: صحافي ڪو نه پهتو آهي ڇا؟
ماستر: اچڻ وارو آهي. ڏيو خبر. ڇا پيو ٿئي؟
نقاد: خبر پئجي وئي، جاويد هاشمي جمهوريت بچائي ورتو. عمران سونامي ۾ ٻڌي ويو.
ڪارڪن: فوج ضرور ايندي.
نقاد: فوج ڇو ايندي؟ توهان به لفظن ۾ فوج جا طرفدار آهيو. بيان مان خبر پوي ٿي ته هي ڌرڻو اسلام آباد ۾ ڪنهن ترتيب ڏنو آهي.

شاعر: نواز شريف جو پنجاب سان واسطو آهي. راتاهو هڻڻ جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. حجتون قائم ڪيون وڃن پيون. سنڌي وزيراعظم هجي ها ته ڪڏهوڪو تڏا ويڙهي چڪو هجي ها. ڪهاڻي مان ڪيتريون ڪهاڻيون جنم وٺنديون.

No comments:

Post a Comment