Tuesday, October 7, 2014

بادشاهه ۽ ڪاسبي - صائمه سنڌو ڪلوڙ

بادشاهه ۽ ڪاسبي
گجري لوڪ ڪهاڻي
مخحار الدين تبسم /صائمه سنڌو ڪلوڙ
هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڪاسبي رهندو هو. سندس هڪ ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو روشني هو. جيڪا چنڊ کان وڌيڪ خوبصورت هئي. ڪاسبي جي زال مري ويئي هئي. گهر ۾ ڌيءَ ۽ پيءُ رهندا هئا. پيءُ کي اها اميد هئي ته هن جي سهڻيءَ ڌيءَ پيريءَ ۾ سندس خدمت ڪندي. هوريان هوريان هوءَ جوان ٿيڻ لڳي. هڪ ڏينهن ڌيءَ پنهنجي پيءُ کي چيو ته؛ ”بابا مون ماني پچائي آهي، تون ماني کاءُ ته مان جنهگ مان ڪاٺيون ڪري اچان.“ هن پيءُ کي ماني کارائي. پوءِ ڪهاڙي ۽ رسو کڻي، ڪاٺيون ڪرڻ هلي ويئي.


هوءَ هلندي هلندي جهنگ ۾ پهتي. پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، هن هڪ چشمي وٽ ڀري مٿي تان لاٿي ته جيئن ڪجهه دير ساهي ڪري ٿڪ ڀڃي. هن چشمي مان پاڻي پيتو. پاڻي صاف ۽ اجرو هو. هن سوچيو ته؛ ”ڇو نه انهيءَ سان هٿ منهن ڌوئي. مٿي تي ڪجهه پاڻي جا ڇندا هڻي وارن کي ڦڻي ڏيان.“ بندي جي من ۾ هڪڙي ته صاحب جي من ۾ٻي. هن جيئن ئي هٿ منهن ڌوئي وارن کي ڦڻي ڏني ته خدا جي قدرت سان هوءَ جنت جي حور بڻجي وئي. هوءَ ايڏي ته خوبصورت بڻجي وئي جو دنيا جي ڪا به شهزادي سندس سونهن جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي.
اوچتو ان ئي مهل ان ملڪ جي بادشاهه جيئن ئي اها پري جهڙي سهڻي ڇوڪري ڏٺي ته مٿس موهت ٿي پيو. گهوڙي تان هيٺ لهي کانئس پڇيائين ته؛ ”تون ڪهڙي ملڪ جي پري آهين؟“ بادشاهه کي ڏسي روشني ويچاري ڊڄي وئي. جڏهن هن ڪو جواب ڪو نه ڏنو ته بادشاهه ٻانهن کان جهلي زبردستي کيس گهوڙي تي ويهاريو. پوءِ هن پنهنجن ساٿين کي حڪم ڪيو ته واپس هلو.
روشني ويچاري رڙيون ڪيون ته سائين مون کي ڇڏي ڏيو. منهنجو پوڙهو پيءُ روئي روئي مري ويندو. خدا جي واسطي مون کي ڇڏي ڏيو. پر بادشاهه کي روشني تي ڪو رحم نه آيو. هو کيس پنهنجي محلات ۾ وٺي ويو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڻس شادي ڪيائين.
جڏهن روشني موٽڻ ۾ دير ڪئي ته ڪاسبي ويچارو پريشان ٿي ويو. سوچڻ لڳو ته خبر ناهي روشني ڇو دير ڪئي آهي! سج به لهڻ وارو آهي. نيٺ هو اٿيو. هيڏانهن هوڏانهن ڳولها ڪيائين، پر روشني ڪٿي به نظر نه آيس. نيٺ مايوس ٿي گهر موٽي آيو ۽ گهر اچي روئڻ پٽڻ لڳو. ڳوٺ جي ماڻهن کان روشني جي پڇا ڪيائين ته؛ ”توهان منهنجي پياريءَ ڌيءَ روشني ڪٿي ڏٺي؟ پر ڪنهن به کيس روشني جي باري ۾ ڪجهه نه ٻڌايو. سڀني چيو ته؛ ”اسان کي ڪا به خبر ناهي آخر رات ٿي وئي. ڪاسبي ويچاري ساري رات روئيندي گذاري.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير هن جهنگ ۾ وڃي روشني جي ڳولا  ڪئي. پر روشني جو ڪو پتو نه پيو.
پوءِ هو گهر ڇڏي فقير بڻجي روشني جي ڳولها ۾ شهرن ۽ واهڻن ۾ جوڳين وانگر ڦرندو رهيو. جتي رات پئجي ويندي هيس ته اتي رهي پوندو هو. وري ٻئي ڏينهن چرين وانگر هلندو رهندو هو. هلندي هلندي هڪ ڏينهن کيس هڪ شخص مليو. جنهن سندس هيڻا حال ڏسي چيس ته ”ڀائو خبر ناهي ته توسان ڪهڙي ويڌن آهي. جو ههڙا حال ڪيا اٿئي، مون کي تنهنجي هن حال تي ڏاڍو رحم ٿو اچي. تون فقيرن وانگر پن سن تي گذارو ٿو ڪرين. پنڻ ڇڏي. ڏي هل ته تو کي نوڪري وٺي ڏيان.“
ڪاسبي چيس ته ”ادا، مون کي نوڪري نه کپي، مون کي موت کپي.“
”ڀائو! موت موليٰ جي هٿ آهي. تنهنجي پنهنجي هٿ نه آهي. مون سان گڏجي هل، جيڪا حياتي اٿيئي، سان عزت سان گذار. مان تو کي بادشاهه جي طنبيلي ۾ نوڪري وٺي ڏيندس. اتي گهوڙن کي گاهه پاڻي ڏيندو رهنجانءِ.“
ڪاسبي هن سان گڏ بادشاهه وٽ ويو. بادشاهه کي به نوڪر جي ضرورت هئي. هن کيس گهوڙن جي طنبيلي ۾ نوڪر ڪري رکيو. هو اتي گهوڙن جي طنبيلي ۾ نوڪري ڪندو رهيو.
هڪ ڏهاڙي حڪم ٿيو ته بادشاهه جي پياري راڻي شڪار تي ويندي، تياري ڪئي وڃي.
بادشاهه راڻي کي چيو ته؛ ”تيار ٿي ته شڪار تي هلون!“
راڻي چيو ته ”هڪ شرط تي شڪار تي هلندس ته اوهان منهنجي اباڻي ڳوٺ واري جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ هلندا. ڇو ته مون کي وطن جي سڪ لڳي آهي.“
بادشاهه اهو شرط منظور ڪيو. چيائين ته ”اوڏانهن هلنداسون“
جنهن ڏينهن کان راڻي پنهنجي وطن کان وڇڙي هئي، ان ڏينهن کان اداس رهندي هئي. بادشاهه ڏٺو ته پهرين ئي ڏينهن کان اداس آهي. من پنهنجو وطن ڏسي خوش ٿئي ۽ سندس من جي مونجهه لهي وڃي.، تنهن ڪري هن اهو شرط قبول ڪيو.
راڻي کي هر وقت پنهنجو پيءُ ياد ايندو هو. هر وقت ان جي ياد ۾ اداس رهندي هئي. هوءَ بادشاهه جي محل کان پنهنجي جهوپڙي کي وڌيڪ بهتر سمجهندي هئي. هر وقت پنهنجو وطن ياد ڪندي رهندي هئي. ڪاسبي گهوڙو سنجي، لغام هٿ ۾ جهلي، بيهي رهيو. ايتري ۾ راڻي اچي ويئي. راڻي جي منهن تي برقعو هو. هن جڏهن پنهنجي پيءَ کي ڏٺو ته بيهوش ٿي وئي. ڪاسبي به کيس سڃاڻي ورتو. راڻي جي اها حالت ڏسي، شڪار جو پروگرام ملتوي ڪيو ويو. راڻيءَ کي شاهي محل ۾ پهچايو ويو.
بادشاهه حيران ٿي ويو ته هيءَ ڇا ماجرا آهي؟ راڻي، پوڙهو نوڪر ڏسي ڇو بيهوش ٿي ويئي؟ يا هو ڪو جادوگر آهي، يا راڻي جو ڪو مائٽ آهي. هن انهيءَ معاملي جي تحقيق ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڏاهن وزيرن کي حڪم ڏنو. ملڪ جي مشهور حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن کان راڻي جو علاج ڪرايو ويو. پر ڪو فائدو ڪو نه ٿيو. راڻي هوش ۾ نه آئي. نيٺ بادشاهه حڪم ڪيو ته طنبيلي جي پوڙهي نوڪر کي قيد ڪيو وڃي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان کي هڪ وڏي ميڙ جي آڏو ڦاسي ڏني ويندي. هڪ ڏينهن پوڙهو گهمايو ويو ته سڀاڻي پوڙهي نوڪر کي ڦاسي ڏني ويندي. عوام اچي اهو تماشو ڏسي.
ٻئي ڏينهن ڦاسي جو ڦندو تيار ڪيو ويو. ڪاسبي کي چيو ويو ته؛ ”اڄ تو کي ڦاسي ڏني ويندي. تون هڪ جادوگر آهين، تو جادو جي زور تي راڻي کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي.“ پوءِ کانئس پڇيو ويو ته؛ ”تنهنجي ڪا خواهش آهي ته ٻڌاءِ ته اها پوري ڪئي وڃي!“
هن چيو ته؛ ”منهنجي خواهش آهي ته راڻي هوش ۾ اچي. جيڪڏهن اها هوش ۾ نه آئي ته ان جي سزا مون کي قيامت جي ڏينهن ڀوڳڻي پوندي. توهان راڻي کي هتي وٺي اچو. جيڪڏهن اها هوش ۾ نه اچي ته پوءِ ڀلي مون کي ڦاسي ڏيو.“
بادشاهه حڪم ڪيو ته؛ ”راڻي کي هتي آندو وڃي.“
جلاد کي ڦاسي جي تياريءَ جو حڪم ڏنو ويو هو، تيار بيٺو هو. اڃا ڦاسي وارو رسو ڪو نه ڇڪيو هو ته راڻي پيءُ کي ڏسي چرين وانگر ڊوڙندي وڃي پيءُ سان چنبڙي پئي. سمورا ماڻهو حيران ٿي ويا.
بادشاهه حڪم ڪيو ته هن کي ڦاسي نه ڏيو. هن کي منهنجي محل ۾ آندو وڃي.
جڏهن پوڙهي ڪاسبي کي بادشاهه آڏو حاضر ڪيو ويو ته بادشاهه کانئس پڇيو ته؛ ”هيءُ ڇا ماجرا آهي؟
ڪاسبيءَ چيو ته؛ ”اوهان پنهنجي حڪم تي عمل ڪيو. هينئر مون کي ڦاسي ڏيو. مون پنهنجي پياري نياڻي ڏٺي. اکيون ٺري پيون هن دنيا ۾ منهنجي پونجي منهنجي اهائي هڪڙي ڌيءَ هئي. هوءَ هڪ ڏينهن ڪاٺيون ڪرڻ وئي ته گم ٿي وئي. مان چرين وانگر هيڏانهن هوڏانهن رلندو رهيس. تقدير توهان وٽ وٺي آئي. اوهان وٽ نوڪري ڪيم.“

بادشاهه سموري حقيقت معلوم ڪرڻ کان پوءِ، ڪاسبي کي پنهنجو وزير بڻايو. راڻي ڏاڍي خوش ٿي. بادشاهي ۾ ڪيترا ئي ڏينهن جشن ملهائبا رهيا.

No comments:

Post a Comment